اٽلي

اٽلي

اٽلي

اٽلي (Italy ):هن ملڪ جو سرڪاري نالو ريپبلڪ اطاليه (Republic of Italy) آهي، جنهن جو پراڻو نالو آسونيا ۽ اطاليه هو. قديم رياست اطاليه سبب کيس اٽليءَ جو نالو ڏنو ويو. هي ڏکڻ اولھہ يورپ جو اهم ملڪ آهي. هن جي اتر ۾ سوئزرلينڊ ۽ آسٽريا، اوڀر ۾ سلووينيا، سان مينو ۽ ايڊرياٽڪ سمنڊ، ڏکڻ اولھہ ۾ تائرهنيان سمنڊ، اولھہ ۾ موناڪو ۽ فرانس آهن. اٽلي رومي سمنڊ ۽ ايڊرياٽڪ سمنڊ وچ ۾ ٻيڙيءَ جي شڪل جو هڪ ٻيٽ نما ملڪ آهي. جنهن جي ڪل پکيڙ 301255 چورس ڪلوميٽر (116314 چورس ميل) ۽ آبادي 6 ڪروڙ آهي. گاديءَ جو هنڌ روم (Rome) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ مونٽ بلانڪ (بلندي 4807 ميٽر) آهي، هن ملڪ جي سرڪاري ٻولي اطالوي/ اٽالين آهي، جڏهن تہ هتي جرمن ۽ فرينچ پڻ ڳالهائجن ٿيون. هن ملڪ جي موسم وچولي آهي، ڏاکڻيان علائقا گرم، جڏهن تہ اتريان علائقا سرد آهن. هتي سالياني برسات سراسري 725 ملي ميٽر پوندي آهي. اٽليءَ جي مکيہ زرعي پيداوار ۾ انگور، زيتون، کٽو ميوو، ڪڻڪ، چانور، ڀاڄيون، پٽاٽا، جؤ ۽ تماڪ شامل آهن. مکيہ صنتعن ۾ لوھہ، مشينري، موٽر گاڏيون، ٽيڪسٽائل مشينري، بوٽ، انجينئرنگ جو سامان، ڪيميائي شيون، اليڪٽرانڪس، سيمينٽ، ڪپڙو ۽ زيتون جو تيل اچي وڃن ٿا ۽ مکيہ معدنيات ۾ پارو، پوٽاش، گئس، سنگِ مرمر، تيزاب، ڪوئلو، پيٽروليم، سلفر ۽ باڪسائيٽ شامل آهي. 509 ق. م ۾ سلطنت روما قائم ٿي، جنهن جو ذڪر قرآن پاڪ جي سورة روم ۾ آهي ۽ هزار سالن تائين رومي تھذيب هتي وڏي ترقي ڪئي، موجودہ گاديءَ وارو شھر روم ان وسيع سلطنت جو بہ گاديءَ وارو هنڌ هو. موجودہ يورپ جو لڳ ڀڳ سڄو علائقو ۽ ڏکڻ ۾ يونان هن جي هٿ هيٺ هئا. اٽليءَ تي مسلمانن جو پهريون حملو خلافت راشده جي دور ۾ 655ع ۾ ٿيو. 1212ھہ/1797ع ۾ هتي مسلمانن جي حڪومت 484ھہ/1091ع تائين قائم رهي. 1804ع ۾ نيپولين پاڻ کي اٽليءَ جو شهنشاھہ قرار ڏنو. 1814ع تي يورپ جي وڏين طاقتن نيپولين کي شڪست ڏني. پهرين عالمي جنگ دوران 21 آگسٽ 1915ع تي اٽليءَ ترڪيءَ خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. 1922ع ۾ مسولينسيءَ فاشسٽ پارٽي قائم ڪئي ۽ 31 آڪٽوبر 1922ع تي شاھہ وڪٽر جي مرضيءَ سان وزيراعظم ٿيو. 28 اپريل 1945ع تي مسولينيءَ کي ساٿين قتل ڪري ڇڏيو. 19 اپريل 2000ع تي وزيراعظم آليما استعفيٰ ڏني. گيولوانو آماٽو وزيراعظم ٿيو. پهرين جنوري 2002ع تي اٽليءَ ۾ يورپي يونين جي گڏيل ڪرنسي يورو رائج ڪئي وئي. اٽليءَ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 2 جون 1946ع آهي، ۽ گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 14 ڊسمبر 1955ع کان اٿس.


لفظ اٽليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو