اکيُون آلا چنڊ

اکيُون آلا چنڊ (ڪتاب ):هي لاڙڪاڻي جي نوجوان شاعر محمد علي پٺاڻ جي نثري نظم جو پهريون مجموعو آهي، جيڪو ڊسمبر 1988ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ بکي، تعلقي ڏوڪريءَ جي سيڪريٽري هدايت منگيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. شآعر پنھنجي ڪتاب جو انتساب پنھنجي امڙ جي نالي ڪيو هو، هن ڪتاب تي تفصيلي مهاڳ ’سور جي سفر‘ جي عنوان سان انور پيرزادي لکيو آهي، شاعر جي سڃاڻپ مشھور ڪهاڻيڪار رزاق مھر ڪرائي آهي. ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جا 120 صفحا ۽ قيمت 10 روپيا رکيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو