
اڪ جون ڦلڙيون ڀيڄ ڀني- ڪتاب
اَڪ جون ڦُلڙيون ڀيڄ ڀِني (ڪتاب ):هي ڪتاب سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن ۾ نثري نظم شامل آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، ساڳئي نالي سان 1965ع ڌاري شايع ٿيو هو، پر مارشل لا جي سختيءَ سبب پڌرو نہ ٿي سگهيو، بعد ۾ شيخ اياز هن ڪتاب جا ڪجهہ نظم، ٻين نثري ڪتابن ۾ بہ داخل ڪيا. هن ڪتاب جي اهميت محسوس ڪندي، ڏاهي اديب محمد ابراهيم جويي شيخ اياز فائونڊيشن حيدرآباد پاران ڊسمبر 2002ع ۾ ان کي شايع ڪرايو. هن ڪتاب جو مهاڳ بہ محمد ابراهيم جويي لکيو آهي، ڪچي جلد جي 115 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 50 رپيا آهي.