
بابر بادشاهه
بابر بادشاھہ: بابر بادشاھہ ظھير الدين بن عمر شيخ مرزا جي ولادت 6 محرم 888 ھہ/ 14 فيبروري 1483ع تي ٿي ۽ 6 جماد الاول 937ھہ/26 ڊسمبر 1530ع تي وفات ٿي. بابر ڏاڏاڻي نسب کان تيموري ۽ ناناڻي نسب کان چغتائي چنگيزي هو. هيءُ 8 جون 1494ع ۾ 11 سالن جي عمر ۾ فرغانه جو حاڪم ٿيو. پيءُ جي وقت ۾ ئي بابر جون چاچن ۽ مامن سان لڙايون شروع ٿي چڪيون هيون جيڪي بدستور جاري رهيون ۽ خود بابر کي پڻ ڏهن سالن تائين شڪست ۽ فتح جي نشيب ۽ فراز ڏسڻ بعد وطن ڇڏڻو پيو. بابر جو چاچو محمد مرزا، سمرقند جو حاڪم هو. ان جي وفات ۽ بابر جي سئوٽن جي باهمي نا اتفاقيءَ جو فائدو وٺي سمرقند تي قبضو ڪيائين. 1499ع ۾ شادي ٿيس. 1504ع ۾ بلخ ۽ ڪابل بہ فتح ڪيائين. ان سان گڏ سياسي ۽ فوجي قوت بہ وڌايائين. 1507ع ۾ ارغونن کان اقتدار حاصل ڪيائين. 1511ع تائين سڄو افغانستان هن جي قبضي هيٺ اچي ويو. 1524ع ۾ دولت خان لوڌيءَ جي دعوت تي لاهور آيو ۽ ديپالپور پڻ فتح ڪري ورتائين. 1526ع ۾ ابراهيم لوڌيءَ کي شڪست ڏيئي (پاڻيپٽ جي پهرين لڙائي) دهلي ۽ آگري تي قبضو ڪيائين. پوءِ هڪ طرف راجپوتن کي ڪانواھہ ۾ شڪست ڏنائين. (1527ع). ٻئي طرف سلطنت جي اڀرندي سرحد بنگال تائين پهچائي ڇڏي. بابر بادشاھہ 26 ڊسمبر 1530ع تي آگري ۾ وفات ڪئي ۽ هن کي ”باغ بابر“ (ڪابل) ۾ دفن ڪيو ويو. جھانگير هن جي قبر تي سھڻو مقبرو اڏايو. هي مغليه خاندان جو اهو حڪمران هو. جيڪو وڏي حوصلي وارو، بلند نظر، جفاڪش، بھادر ۽ مشڪلات ۾ ڪڏهن بہ گهٻرائڻ وارو نہ هو. عزم ۽ استقلال ۾ ڪڏهن فرق نہ آيس. تمام گهڻو رحمدل ۽ فياض هو. هميشہ سادي زندگي بسر ڪيائين. طاقتور اهڙو هو، جو ٻن ماڻهن کي ڪڇن ۾ دٻائي قلعي جي ديوار تي ڀڄندو هو. بابر ترڪي ۽ فارسي ٻوليءَ جو سٺو شاعر هو. بابر جي خود نوشت سوانح عمري ”تزڪ بابري“ (بابر نامہ) هن جي گهري نظر، صاف دلي ۽ صاف گوئي جو روشن دستاويز آهي. ’تزڪ بابري‘ جو سنڌيءَ ۾ بہ ترجمو ٿيو آهي.
0888.01.06 هجري
بابر بادشاهه: بابر بادشاهه ظهير الدين بن عمر شيخ مرزا جي ولادت 6 محرم 888 هه/ 14 فيبروري 1483ع تي ٿي ۽ 6 جماد الاول 937هه/26 ڊسمبر 1530ع تي وفات ٿي
1483.02.14 عيسوي
بابر بادشاهه: بابر بادشاهه ظهير الدين بن عمر شيخ مرزا جي ولادت 6 محرم 888 هه/ 14 فيبروري 1483ع تي ٿي ۽ 6 جماد الاول 937هه/26 ڊسمبر 1530ع تي وفات ٿي
0937.05.06 هجري
بابر بادشاهه ظهير الدين بن عمر شيخ مرزا جي 6 جماد الاول 937هه/26 ڊسمبر 1530ع تي وفات ٿي
1530.12.26 عيسوي
بابر بادشاهه 26 ڊسمبر 1530ع تي آگري ۾ وفات ڪئي ۽ هن کي ” باغ بابر “ ( ڪابل ) ۾ دفن ڪيو ويو
1494.06.08 عيسوي
مغل بابر بادشاهه 8 جون 1494ع ۾ 11 سالن جي عمر ۾ فرغانه جو حاڪم ٿيو