بابي تحريڪ: اوڻيهين صديءَ جي پهرين چوٿائيءَ ۾ ايران ۾ جيڪي تحريڪون پيدا ٿيون، تن ۾ مذهبي ۽ سياسي ردعمل جي لحاظ سان بابي تحريڪ قابل ذڪر سمجهي ويندي آهي. ان جو باني سيد علي محمد شيرازي ”باب“ هو، جنهن جي دعويٰ هئي تہ ﷲ تعاليٰ ساڻس هم ڪلام ٿئي ٿو ۽ ان تي وحي نازل ٿئي ٿي. ”باب“ پنھنجي وفات کان اڳ ميرزا يحيٰ صبح ازل کي پنهنجو خليفو مقرر ڪيو ۽ سڄي جماعت ان جي سرڪردگيءَ ۾ اچي وئي. صبح ازل حڪومت سان الجهڻ نٿي چاهيو، مگر جيڪا باھہ ٻري چڪي هئي، سا وسامڻ کان مٿي چڙهي چڪي هئي. حڪومت سان اُن جو ٽڪراءُ ان وقت گهڻو وڌي ويو، جڏهن 28 شوال 1268ھہ/ 16 آگسٽ 1852ع تي شاھہ ايران تي قاتلاڻو حملو ٿيو ۽ ڏوهارين کي سزائون ڏنيون ويون. شاھہ ايران تي بابين جي حملي، تحريڪ کي بدنام ڪري ڇڏيو ۽ حڪومت بابين جي گرفتارين جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو. گرفتار ٿيل بابين کي، جن ۾ ميرزا علي حسن نوري (بھاءُ ﷲ) بہ شامل هو، هٿڪڙيون پارائي، تھران موڪليو ويو. تحريڪ جو سربراھہ صبح ازل ڀڄي بغداد پهتو ۽ بابين بغداد کي تحريڪ جو مرڪز بنايو. انهيءَ دوران صبح ازل ۽ بھاءُ ﷲ ۾ اختلاف پيدا ٿيو، تنهنڪري بابين ۾ فتنو فساد پيدا ٿيو. شيخ احمد بن زين الدين الاحسابيءَ جو خيال هو تہ تخليق ڪائنات علت غائي آهي ۽ ان جو اصل باعث ٻارهن امام آهن، اُهي مشيت ايزديءَ جا مظهر ۽ الاهي منشا جا ترجمان آهن. ﷲ تعاليٰ جا سڀ ڪم انهن جي وسيلي پورا ٿين ٿا. ﷲ تعاليٰ جي ذات فھم کان بالاتر آهي ۽ اسين ان جو ادراڪ مادي وجود جي ذريعي ئي ڪري سگهون ٿا.
”باب“ پاڻ کي ”شجر حقيقت“ قرار ڏنو هو. هو پاڻ کي ”مؤرد وحي ۽ الھام“ ۽ شريعت جو حامل بہ چوندو هو. هن جي دعويٰ هئي تہ سندس مرتبو (نعوذ بالله) گذريل نبين کان مٿي آهي. بابين جو عقيدو آهي تہ ”هزار سالن کان پوءِ شريعت بدلجي وڃي ٿي“. ”باب“ جا اخلاقي فقہ متعلق هيٺيان احڪام آهن: ڏوهن جون هلڪيون سزائون ڏنڊ وغيرہ تائين محدود آهن، سڀ کان وڏي سزا قتل جي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. قاتلُ، مقتول جي وارثن کي
11 هزار مثقال سون ادا ڪندو. آمدني ٽئڪس فقط سرمايي تي مقرر ٿيندي. تماڪ ڇڪڻ ۽ وڪڻڻ تي منع هوندي. ”باب“ هڪڙي پيشنگوئي بہ ڪئي، جنهن کي هن ”يُظهره ﷲ“ جي لفظن سان بيان ڪيو آهي تہ ان جو ظھور ”غياث“ جي عددي قيمت 1511ع يا زياده کان زياده مستغاث جي عددي قيمت 2000ع کان اڳ ۾ ٿيندو.
1852.08.16 عيسوي
حڪومت سان ميرزا يحيٰ صبح ازل جو ٽڪراءُ ان وقت گهڻو وڌي ويو ، جڏهن 28 شوال 1268هه/ 16 آگسٽ 1852ع تي شاهه ايران تي قاتلاڻو حملو ٿيو ۽ ڏوهارين کي سزائون ڏنيون ويون
1268.10.28 هجري
حڪومت سان ميرزا يحيٰ صبح ازل جو ٽڪراءُ ان وقت گهڻو وڌي ويو ، جڏهن 28 شوال 1268هه/ 16 آگسٽ 1852ع تي شاهه ايران تي قاتلاڻو حملو ٿيو ۽ ڏوهارين کي سزائون ڏنيون ويون