ڀاوسار

ڀاوسار Bhavsar ( قبيلو ):هن قبيلي جا ماڻهو ڀاوسر ، بهوسر ، ڀائو ساگر ۽ ڀاوا ساگري به سڏجن ٿا ۽ پاڻ کي کتري سمجهن ٿا ، وٽن روايت آهي ته اصل هو بهوسر آهن . لفظ بهوسر جي لغوي معنيٰ آهي ” برهما جي ٻانهن مان نڪتل “ ( باهو= ٻانهن ، سر= نڪتل يا پيدا ٿيل ) . هي اصل ۾ مهاراشٽر رياست جا کٽي ۽ درزي آهن ، سندن اصليت ٻڌائي ٿي ته هي اصل ۾ گجرات کان ڪي صديون اڳ مهاراشٽر ۾ آيا هئا . هنن مان ڪيترا ماڻهو تلنگا ۾ وڃي آباد ٿيا . جتي هو ” ونيڪار “ يعني ” رنگريز “ سڏجن ٿا . هي بت ۾ ڀريل جانٺا ، ننڍي قد جا ماڻهو مراٺي ڳالهائيندا آهن . هنن جا ٻه پاڙا آهن ، هڪڙا ڀاوسار رنگاري ۽ ٻيا ڀاوسار درجي يا درزي .
ريتون رسمون: هي گهڻو ڪري ٻاهران شادي ڪن . مردن تي خاص ضابطو آهي ته پنهنجي مٽن مان شادي نه ڪندا ، جيڪڏهن ڪو انهيءَ قاعدي جي ڀڃڪڙي ڪندو آهي ته مٿس اهي سڀ قانون ۽ ضابطا لاڳو ڪندا آهن ، جيڪي ” مراٺي ڪنبين “ وٽ ٿيندا آهن . هنن وٽ گهڻين زالن رکڻ جو رواج آهي ، ڇوڪري ننڍيءَ عمر ۾ پرڻائي ڇڏيندا آهن . ڪنهن ڇوڪريءَ کان چڪ ٿي وڃي ته ڏوهاري مائٽ ليکجن . جو ننڍي هوندي ڇوڪريءَ کي شينهن ڪلهي نه چاڙهيائون . وٽن شادي سخت مذهبي طور طريقن سان ٿيندي آهي . سڱ گهرڻ کان وٺي هاڪار تائين گهوٽيتا پنڌ پيا ڪندا آهن ، هاڪار تي برهمڻ کان ٽپڻو کولائي ڏينهن مقرر ڪندا آهن . پڌريءَ جي رسم ڪنوار جي گهر ۾ ادا ڪئي ويندي آهي . اهڙي قسم کي ” ميڌا مهورت “ چوندا آهن . ڪنوار جي گهر هڪ پنجن ڏَڪن واري جهوپيءَ ۾ ، جيڪا خاص انهيءَ مقصد لاءِ ٺهيل هوندي آهي ، گڏ ٿيندا آهن . راڄ کي سڏين ۽ پان ۽ سوپاريءَ سان سندن آءُ ڀڳت ڪن . ان کان پوءِ مڱڻو ڪن ، جنهن کي ” منگني يا ڪنڪو لاوڻ “ چون . ان ۾ چانديءَ جا سڪا ڏين ۽ مٺو کاڌو مهمانن کي کارائين . انب جي ڦار ۽ جمبل ( Eugenia Jambalana ) وغيره پپر جي پن تي رکي ورهائين . ڪنڪو ، ڳاڙهي رنگ جو سنهو پائوڊر ، برهمڻ گهوٽ جي چهري تي تيل سان مليندو آهي . هئيڊ مَلڻ جي رسم گهوٽ توڙي ڪنوار جي گهر ٿيندي آهي . پهرين گهوٽ کي پنج سهاڳڻيون هيڊ هڻنديون آهن ، باقي بچيل هيڊ ، عورتون سهرا لاڏا چوندي گهوٽ جي گهران کڻي وڃي ڪنوار کي مکينديون آهن . ڀاوسار عورت ٻار ڄڻڻ کان پوءِ ڏهن ڏينهن تائين وهنجندي يا ٻي ڪا به صفائي نه ڪندي آهي . ٻار ڄمڻ جي پنجين ڏينهن ” شيويه “ ديويءَ جو پاٺ ڪن . هڪ پٿر تي ديويءَ جي مورتي اڪيري وياميل عورت جي ڀر ۾ رکن ۽ ٻڪريءَ جي قرباني به ڪن . ٻار جيڪڏهن ڇوڪرو آهي ته ان جو نالو تيرهين ڏينهن رکن . رنڙ عورت کي ٻي شاديءَ جي اجازت هوندي آهي پر هوءَ مري ويل مڙس جي وڏي ڀاءُ يا ننڍي ڀاءُ سان شادي نه ڪري سگهندي آهي . رنڙ جي شاديءَ جي تقريب تمام سادي ڪن ، جنهن ۾ رڳو منگل سوتر جي رسم ادا ڪن . انهن رسمن ۾ سهاڳڻين کي حصي وٺڻ جي منع ٿيل هوندي آهي ، هنن وٽ طلاق جو قانون به آهي . مرد يا عورت چاهين ته طلاق وٺي سگهن ٿا . طلاق ورتل عورت کي جيڪڏهن ٻار آهن ته اهي ماءُ وٽ رهن ، انهن جو خرچ پيءُ کي ڀرڻو پوندو آهي ، پر اهو انهيءَ صورت ۾ جڏهن مرد طلاق ڏئي . تنهن هوندي به طلاق پنچائت جي چڱي مڙس يا مُکيءَ وٽ راڄ جي روبرو ٿئي . طلاق يافته عورت کي اجازت هوندي آهي ته اها ٻي شادي ڪري پر سندس شادي ” رنڙ “ عورت وانگر ٿيندي آهي .
ساڳي نيات جي ماڻهن کان سندن مذهب ٿورو الڳ هوندو آهي . سندن خاص ديوي انگالا يا هنگلا ( ڀواني نموني ) آهي . هي سندس آڏو سيس صرف جمعي ۽ اڱاري ڏينهن تي نوائيندا آهن ۽ پرساد ۾ مٺو ورهائيندا آهن . اَسو ( Aswin ) جي مهيني ۾ هن ديويءَ جي تمام وڏي پوڄا ڪندا آهن . انهيءَ موقعـي تي ” هـامـا “ ( هـَون/قـرباني ) جي رسم وڏي پئـمانـي تي ملهـائـي ويـنـدي آهــي . ديـويءَ تي ” ڪـنـوَل جـا گـل “ چـاڙهـي ٻڪـر يـا رڍ قـربـان ڪـن . هـي ’ڪـندوبا ‘ بـالاجي ” هـنومان “ کي به مڃين . ان کان سواءِ وشنو ديوتا جي آڏو به قربانيون ڪن ، سندس مورتيءَ جي پوڄا ڪن . هنن وٽ برهمڻ ڪو نه هوندو آهي ، گهر جو پريو مڙس سڀ مذهبي رسمون ڪرائيندو آهي . ان کان سواءِ ” پوچاما “ ( ستلا ) مائي امان ، مي شاما ۽ ايلاما ديوين کي راضي رکڻ لاءِ پوڄا پاٺ ڪن . هنن لوڪن جو جنن ، ڀوتن ، پرين ، ٽوڻن ڦيڻن وغيره تي گهڻو اعتقاد آهي . هي ڀرمي ماڻهو آهن ، تلنگانا ۾ مذهبي طور هي ٻن حصن ۾ ورهايل آهن . هڪڙا شوي ، جن کي وڀوتي ڌاري چون ، ٻيا وشنوائي ، جن کي ’ترمي ڌاري ‘ ڪري سڏين . هنن وٽ مُردن کي ساڙيو ويندو آهي . سندس رک ٽن ڏينهن کان پوءِ گڏ ڪري گنگا جل جي حوالي ڪندا آهن . ساڙڻ مهل مڙدي جو مٿو اتر ۽ پير ڏکڻ طرف ڪندا آهن . ٻارهين ڏينهن مٿا ميڙ ڪن . تر ( کاڌي جو قسم ) چاڙهي لڏون ۽ ڪڻڪ جي اٽي مان ٺهيل مٺايون ورهائين ، پر جيڪڏهن ڪو ڪالرا يا مائيءَ ( ماتا ) وگهي مري ته ان کي پورين . ۽ اهو ٻار جنهن کي اڃا ڏند نه آيا هجن ، ان کي به پورين ، ساڙين ڪو نه .
هي گهڻو ڪري رنگريز آهن . هي وڻن جي پنن مان اصلوڪا رنگ پاڻ ٺاهين . هاڻي ڪجھه ڀاوسار درزي به ٿيا آهن ۽ زراعت ڏانهن به ڌيان ڏنو اٿن . 1901ع جي آدمشماري موجب هنن لوڪن جو تعداد 30761 هو . هي هندوستان جي گجرات ضلعي ، جيڪو سندن اباڻو گهر آهي ، پوني ۽ ڪرناٽڪ ۾ رهن ٿا ، پر جهجهو تعداد ڪيريا ، احمد آباد ، سورت ، ڪاٺياواڙ ، ماهي ڪنٿا ۾ به رهي ٿو . مسلمان ڀاوسار هندن سان نه کائين نه ڏي وٺ ڪن . ٻوليءَ جي حساب سان کين ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو . هڪڙا مراٺي ۽ ٻيا گجراتي . گجراتي ڀاوسار وري ٻن حصن ۾ ورهايل آهن ، هڪڙا مهيشوري يا هندو ٻيا شراواڪ يا جين . مسلمان ڀاوسارن جو ٻنهي سان واسطو ڪو نه آهي . مسلمان ڀاوسار وري ٽن حصن ۾ ورهايل آهن . هڪڙا ڪنٿيا ، جيڪي نربدا ۽ ماهي ندين جي ڪنارن سان رهن ، ٻيا رام ديسي ، جيڪي پاليءَ ۽ پرتاب ڳڙهه ۾ رهن ، ٽيان بلداس ، جيڪي اتر گجرات ۾ رهن . اهي ٽئي مسلمان نياتيون هڪٻئي سان نه کائين ، نه اٿن ، نه ويهن . هي پاڻ کي راجپوتن جي ڀٽي ، چوهاڻن ، گوهيل ۽ پرمارن مان سمجهن . اصل ۾ ڀاوسار گجر قبيلي جا راجپوت آهن . مراٺي ڀاوسار گجراتي ڀاوسارن سان پري جي نک ۾ ملن ٿا . اهي اڃا تائين سنڌ جي هنگلا ديويءَ جا پوڄاري آهن . سنڌ ۾ ٿر جي انهيءَ علائقي ، جيڪو هندوستان جي راجسٿان واري علائقي سان لڳي ، اتي به ٿورڙي تعداد ۾ رهن ٿا . سنڌ ۾ سندن وڏو تعداد هر سال هنگلاج ڏانهن زيارت لاءِ ويندو آهي . هي گهڻو ڪري پيرين پنڌ ماتا جي درشن لاءِ ويندا آهن .
مري وڃڻ جون رسمون: هنن ۾ جڏهن ڪو ماڻهو مري ويندو آهي ته هو مائٽن ، مٽن ، ذات وارن ۽ دوستن کي باقاعدي ماڻهو موڪلي ڄاڻ ڪندا آهن . ان کان پوءِ مڙدو آڻي گهر جي آڏو ڪنهن ٿلهي يا صندل تي رکي ، ان جي مٿان ڪوسو پاڻي هاريندا آهن . ساڳئي وقت وهنجارڻ کان پوءِ مردي کي ڪپڙي سان ڍڪيندا آهن . جيئن مسلمانن وٽ ڪفن ٿئي . مٿس گلن جا ڍير وجهندا آهن . ارٿيءَ کي چار ماڻهو کڻندا آهن . ڪلهي ڪانڌين ۾ تمام ويجهو عزيز اڳيان هلندو آهي . سندس ڪلهي تي پاڻيءَ جو مٽ هوندو آهي ، مساڻن ڏانهن ويندي رستي تي ڊبل روٽيءَ يا مانيءَ جا ٽڪرا اڇلائيندا ويندا آهن . مساڻن ۾ پيل پاون سان ٺهيل ڇٽيءَ ۾ ٿلهي تي مڙدو رکي ، مڙدي جو پٽ يا ڀاءُ ان کي باهه ڏيندو آهي . ڏهن ڏينهن تائين تڏي تي ويهندا آهن . تيرهين ڏينهن ذات ڀاتين کي ماني کارائيندا آهن .


لفظ ڀاوسارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو