برهان الدين قطب عالم: برهان الدين قطب عالم، مخدوم جھانيان جو پوٽو ۽ سيد ناصر الدين جو پٽ هو، سندس ڪنيت ابو محمد هئي، جڏهن تہ نالو عبدالله هو. برهان الدين ۽ قطب عالم سندس لقب هئا. هن 1388ع ڌاري جنم ورتو. پنھنجي ڏاڏي ۽ والد کان ظاهري توڙي باطني علم حاصل ڪيائين ۽ سندن مريد بہ ٿيو. ڏهن سالن جو هو، جو سندن والد وفات ڪري ويو. پوءِ سندس سنڀال ڏاڏي جي ڀاءُ راجو قتال ڪئي. جنهن کيس ٻہ سال تربيت ڏئي هدايت جي مرتبي تي پھچايو. علم پورو ڪري پنھنجي وڏي ڀاءُ سيد حامد ۽ سيد صدر الدين کان خلافت حاصل ڪيائين ۽ پوءِ پنھنجي مرشد شاھہ راجو قتال جي چوڻ تي گجرات ڏانهن ويو ۽ اتي جي رهاڪن کي هدايت ڏنائين. پنھنجي والدہ بيبي حاجره (عرف بيبي سعادت خاتون) سان گڏ 1399ع ڌاري پٽڻ شھر (گجرات) ۾ پهتو، شيخ فريد شڪر گنج جي پوٽي شيخ رڪن ’ڪان شڪر‘ جي صلاح سان اتي رهي ظاهري خواه باطني رياضت ۾ مشغول ٿيو. پٽڻ شھر ۾ 1404ع ڌاري مولانا علي شير وٽان علم جي تحصيل ڪيائين. ان وقت جيڪي چشتيه، قادريه ۽ نقشبنديه مسلڪن جي مشائخ زندہ هئا، تن مان هر هڪ کان فيض حاصل ڪيائين. اهڙي طرح جدا جدا نعمتن سان مالا مال ٿي، ٻين کي فيض رسايائين. سيد قطب عالم کي 12 پٽ ۽ 17 ڌيئرون هيون. هن درويش انسان بٽوه ۾ تاريخ 10 ڊسمبر 1453ع 67 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي ۽ اتي ئي مدفون آهي.