برهم کتري

برهم کتري: برهم کترين جي ابتدا جو احوال، هندن جي پُراڻن ۾ لکيل آهي. پُراڻن پٽاندر، ڀرگو رشيءَ جي ڪُل مان، جمدگنيءَ نالي هڪ برهمڻ هو، جنهن جو پٽ ”رام“ هو. انهيءَ رام جو هٿيار ”پرشو“ (ڪهاڙو) هو. تنهنڪري عام طرح، ”پرشرام/ پرسرام“ سڏبو آهي ۽ وشنو ڀڳوان جو ڇهون اوتار ڪري ليکبو آهي. پراڻن ۾ لکيل آهي تہ پرسرام جي پيءُ جمدگنيءَ وٽ هڪ گانءِ هئي، جا ڪامڌين هئي. ”ڪامڌين“ معنيٰ ”اها گانءِ، جا ڪامنائون يا مرادون پوريون ڪري“، يعني هن کان جيڪي گهرجي، سو ملي. سندن ملڪ جي راجا اها گانءِ ڏٺي، تہ سندس دل ٿي، تہ اها مون وٽ هجي. جمدگنيءَ کان اها گانءِ گهريائين، پر هن نہ ڏنس. تنهن تي، راجا اها گانءِ زبردستيءَ ڪاهي هليو ويو. اُن وقت، پرسرام گهر ۾ حاضر نہ هو. پوءِ جڏهن ڳالھہ جي سُڌ پيس، تڏهن تپي باه ٿي ويو ۽ بنا دير، راجا کي ماري، اُها گانءِ موٽائي، پنھنجي پيءُ کي آڻي ڏنائين. راجا جي پٽن، پنھنجي پيءُ جو وير وٺڻ لاءِ جمدگنيءَ جي آشرم تي ڪاھہ ڪئي. انهيءَ مهل، پرسرام ڪيڏانهن ٻاهر ويو هو. جمدگنيءَ کي گهر ۾ اڪيلو ڏسي، راجڪمار سَولائيءَ سان ڪھي ويس. پوءِ جڏهن پرسرام پنھنجي آشرم ۾ اچي ڏٺو، تہ هيءُ ويل وهي ويو آهي، تڏهن سڄي ڳالھہ پاڻمرادو سمجهي ويو. اوڏيءَ مھل ارادو ڪيائين تہ اهي راجڪمار تہ پورا ڪندس، پر دنيا ۾ ڪوبه کتري نہ ڇڏيندس. پراڻن ۾ لکيل آهي تہ پرسرام ايڪيھہ ڀيرا کترين تي حملو ڪري انهن جو نسل ختم ڪيو هو. پراڻن ۾ لکيل مٿينءَ ڳالھہ ۾ سنسڪرت لفظ ”گو“ ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”گانءِ“، تنهنڪري عام طرح هندو چون ٿا تہ مٿيون معاملو گانءِ تان متو هو، پر سنسڪرت ۾ ”گو“ لفظ جون گهڻيون ئي معنائون آهن، جن مان هڪڙي آهي ”پرٿوي يا ڌرتي“. سنسڪرت جي يورپي عالمن جي خيال موجب، پرسرام جي پتا جمدگنيءَ جي قبضي ۾ ڪا زرخيز زمين يا آباد ملڪ هو، جو راجا پنھنجي قبضي ۾ ڪرڻ ٿي چاهيو، پر جمدگنيءَ نہ ڏنس، تہ اهو زوريءَ پنھنجي حد سان ملائي ڇڏيائين، جنهنڪري معاملو متو. ”گو“ لفظ جي معنيٰ ڪو ”گانءِ“ سمجهي، يا ”ڌرتي“ سمجهي، تہ بہ سڀني پراڻن ۾ اهو چٽيءَ ريت ڄاڻايل آهي تہ برهم کترين جي ابتدا پرسرام جي وقت ۾ ئي ٿي هئي. ائين بہ لکيل آهي، تہ پرسرام جتي ڪٿي کترين کي ناس ڪندو سنڌ ۾ آيو، اتي پنج ڏينهن رهي، کتري ناس ڪرڻ لڳو. سندس وقت ۾، سنڌ جو حاڪم سورج ونسي گهراڻي جو ”راجا رتن سين“ هو. پرسرام جي اچڻ جي خبر راجا کي ملي، تہ سمجهيائين تہ هاڻ خير ڪونهي، سو پنهنجين پنجن راڻين چندرا سيا، پدمڻي، پدما، سوڪمارا ۽ ڪشناوتيءَ سميت، رات جي وڳڙي ۾، سنڌ ڇڏي ڀڄي ويو. آخر سرسوتي نديءَ جي ڪناري تي، هڪ گهاٽي جهنگل ۾ رڌيچه نالي هڪ رشيءَ جي آشرم ۾ وڃي پناھہ ورتائين. سندس راڻيون گرڀوتيون هيون. کين اُتي پٽ ڄاوا، اُهي هن رشيءَ جي آشرم ۾ نپنا، تنهنڪري برهمڻ سڏجڻ لڳا. وڏي راجڪمار جو نالو ”جئہ سين“ هو ۽ عام طرح ”جي شرما“ سڏبو هو. ”شرما“ برهمڻ جو لقب آهي. ڪجهہ وقت کان پوءِ، پرسرام بہ اُنهيءَ پاسي ويو. پرسرام، راجا رتن سين کي شڪار ڪندي ڏٺو، تہ سمجهيائين تہ اڻ پڇو کتري آهي، سو اُمالڪ ماري وڌائينس. پرسرام پوءِ ڳولا ڪرڻ لڳو تہ متان ٻيو بہ ڪو کتري هن پاسي هجي. ڳولا ڪندو دڌيچ رِشيءَ جي آشرم ۾ ويو، اُتي هيءُ راجڪمار ڏٺائين، تہ ڀانئيائين تہ هي رشيءَ جا پٽ آهن. وڏو راجڪمار جئہ سين ”جي شرما“، برهمڻڪي ويس ۾ هو ۽ ننڍي ويد وديا پئي سکيو. پرسرام کي اهو وڻي ويو تہ پنهنجو شش (شاگرد) ڪيائين ۽ پٽن وانگر ڀانئڻ لڳس. هڪڙي ڏينهن، پرسرام انهيءَ شش کي ساڻ وٺي، سرسوتي نديءَ ڏانهن ويو. اُن وقت ٿڌي هير پئي لڳي. ننڊ جو خمار آيس تہ پنهنجو مٿو، شش جي گوڏي تي رکي، آهلي پيو ۽ اُتي ئي ننڊ کڻي ويس. مڇر گهڻا هئا. راجڪمار کي مڇرن ايترا تہ چڪ پاتا، جو سٿر مان رت وهڻ لڳس تہ بہ چريو ڪين، تہ متان پرسرام جي ننڊ ڦٽي پوي. پرسرام کي مڇرن چڪ پاتا تہ اُهو انهيءَ دم اُٿي کڙو ٿيو، پنھنجي شش جو رت ۽ سرير گرم ڏسي سمجهي ويو تہ هي کتري آهي، جنهن ايترو سور سٺو آهي. ڪنهن برهمڻ کي ايترو رت نڪري ها تہ هينئن ماٺ ڪري نہ ويهي ها! تنهن کان سواءِ، برهمڻن جو رت ٿڌو ٿيندو آهي ۽ کترين جو گرم، سو چيائينس، تہ ”سچي ڪر تون برهمڻ آهين يا کتري“ هن سچي ڪئي، تہ ”مان کتري آهيان، پر رشيءَ جي آشرم ۾، برهمڻڪو ويس ڌاري، ويد وديا سکيو آهيان.“ پرسرام کي ڪوبه برهمڻ مارڻو ڪونه هو ۽ ڪوبه کتري جيئرو ڇڏڻو نہ هو. هن حالت ۾، هن ويد وديا جي ڄاڻوءَ کي مارڻ پاپ سمجهيو، ويتر جو شش ڪيو هئائينس ۽ هن سندس شيوا ڪئي هئي، تنهنڪري جيئندان ڏنائينس ۽ چيائينس تہ ”تون برهم کتري“ ليکبين .
اٽڪل 5 سئو ورهيہ ٿيا، تہ برهم کتري پنجاب مان لڏي، ”پنچ محل“ طرف، چامپانير ۾ وڃي رهيا. سال 1484ع ۾، مسلمانن اُتي ڪاھہ ڪئي، تہ هي هراس وچان، اُتان ڀڄي احمد آباد ۽ ٻين هنڌن تي ويا. پڇائن مان معلوم ٿيو آهي، تہ هن وقت سنڌ ۾ جيڪي برهم کتري آهن، تن جا وڏا گجرات کان ڪڇ علائقي ۾ ويا، جتان سنڌ ۾ اول ٺٽي ۾ آيا ۽ اُتان پوءِ ڪي ڪراچيءَ، حيدرآباد ۽ شڪارپور ويا. اُهي سڀ ديويءَ جا پوڄاري آهن. حيدرآباد ۾ جيڪي چوڙيگر آهن، سي گهڻو ڪري سڀ برهم کتري آهن. برهم کترين جون نکون گهڻيون آهن ۽ ساڳيءَ نک وارا، هڪ ٻئي ۾ سڱ ڪونه ڏيندا آهن. سنڌ جي برهم کترين جون مکيہ نکون هي آهن: اَروڙا، آسرا، پڇڙا، ٽنڊڻ، جگر، ڇاٽيار، دوڙي، ڏوڏيا، ڌانڌا، سنچر، سوڍا، سونپار، سونيجي، ڪاٺ ٻانڀڻ، ڪاڪُو، ڪوڪل، گنا، مامتورا، ماڌؤ، مڇر ۽ نينگو وغيرہ. سنڌ ۾ سڀني جا ٿورا ٿورا گهر آهن، باقي ڇاٽيار ۽ مڇر گهڻا آهن. ڪراچيءَ ۽ ٺٽي کان وٺي، ڪڇ گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ بمبئيءَ تائين، جيڏانهن وڃ تيڏانهن مڇر ئي مڇر!


لفظ برهم کتريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو