ٽنڊڻ

ٽنڊڻ

ٽنڊڻ

ٽِنڊڻُ(Beetle):هڪ قسم جو جيت، جيڪو ڪاري رنگ جو ٿيندو آهي. هي جيت هرهنڌ ٿيندو آهي. ڀتين جي ڇاپوڙن ۽ ڏرڙن ۾ رهندو آهي. ان جو گذران ننڍڙن جيتن تي هوندو آهي. هيءُ جيت ڪاري رنگ تي، ننڍي سوپاريءَ جيڏو ٿيندو آهي، هن جا ٻه قسم ٿيندا آهن: هڪ اڏامندڙ، ٻيو سُرندڙ. ٽنڊڻ گهڻو ڪري وارياسن هنڌن تي رهندا آهن. حڪيمن توڙي عام ڳوٺاڻن جو خيال آهي ته اهو ڪيترين بيمارين جي علاج ۾ ڪم آڻي سگهجي ٿو. مثلاً: ٽنڊڻ کي چيري وڇونءَ جي ڏنگ تي ٻڌبو ته زهر مٿي نه چڙهندو.


لفظ ٽنڊڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو