
نقشو

راڄڌاني
بنگلاديش: اوڀر بنگال جي هيءَ رياست 1905ع ۾ ڀارت جي اولھہ بنگال کان ڌار ٿي، ۽ ٻيهر 1911ع ۾ ساڳيءَ رياست سان شامل ٿي. 1947ع کان پوءِ اولھہ بنگال ڀارت جي حصي ۾ آيو ۽ اوڀر بنگال، اوڀر پاڪستان جي نالي سان پاڪستان جو حصو بنيو. جيئن تہ اولھہ پاڪستان ۽ اوڀر پاڪستان ۾ هڪ هزار ميلن جو مفاصلو هو ۽ ٻوليون مختلف هيون ۽ ثقافت ۽ سياسي ۽ اقتصادي مفاد بہ مختلف هئا، ان ڪري ٻنهي حصن ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا ۽ نتيجي ۾ اوڀر پاڪستان 1971ع ۾ ڀارت جي مدد سان مغربي پاڪستان کان ڌار ٿي ويو. ان جو پوءِ نئون نالو ’بنگلاديش‘ رکيو ويو. هيءُ ڏکڻ ايشيا جو ملڪ آهي، جنهن جو پهريون صدر شيخ مجيب الرحمان هو. هن ملڪ جو سرڪاري نالو عوامي جمهوريه بنگلاديش آهي. آباديءَ جي لحاظ سان اسلامي دنيا جو ٻيو نمبر وڏو ملڪ، هندي سمنڊ ۽ هماليہ جي ٽڪرين جي وچ تي واقع آهي. هن جي ڏکڻ، اوڀر ۽ اولھہ ۾ ڀارت، خليج بنگال ۽ برما جا ملڪ آهن. بنگلاديش جي گاديءَ جو هنڌ ڍاڪا آهي ۽ ٻيا مشھور شھر چٽا گانگ، سلهٽ، ڪوميلا، راج شاهي ۽ رنگ پور آهن. هتي 98 سيڪڙو بنگالي ۽ باقي بھاري ۽ ٻيون قومون آباد آهن. سرڪاري ٻولي بنگالي ۽ ٻئي نمبر تي انگريزيءَ کي حيثيت حاصل آهي. بنگلاديش ۾ سرڪاري مذهب اسلام آهي، جڏهن تہ هندو، ٻڌ ڌرم ۽ عيسائي مذهبن جا پيروڪار بہ هتي آباد آهن. ڪرنسيءَ جو نالو ٽڪا آهي. وسيع ميداني علائقي تي ڦهليل هن ملڪ ۾ ڪيترين ئي ندين ۽ وڏن واهن جو ڄار وڇايل آهي. ”گنگا“، ”پدما“، ”برهمپترا“، ”جمنا“ ۽ ”ميگهنا“ نديون اتر طرف هلي، دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڊيلٽا ٺاهين ٿيون. هتي مارچ ۽ جون مهينن ۾ گرمين دؤران وڏا طوفان ايندا رهندا آهن. بنگلاديش جي پهرئين صدر شيخ مجيب کي 1975ع ۾ خوني حملي کان پوءِ خاندان سميت شھيد ڪيو ويو. ان کان پوءِ ملڪي حالتون خراب هئڻ سبب مارشل لا لاڳو ڪيو ويو. ان کان سواءِ هيءُ ملڪ 1977ع ۽ 1982ع ۾ بہ مارشل لا هيٺ رهيو. 1986ع ۾ ملڪ جو آئين بحال ڪيو ويو. 1992ع ۾ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ عوام روڊن تي نڪتو تہ وڏي خونريزي ٿي. هتي پارليامينٽ ۾ عورتن جي 30 سيٽن سميت 300 سيٽون آهن ۽ هر پنجين سال ميمبر چونڊيا ويندا آهن. بنگلاديش جي ملڪي آمدنيءَ جو 85 سيڪڙو زراعت تي مدار رکي ٿو. هتي جا مکيہ فصل چانور، سڻي، چانھہ، تماڪ ۽ ڪمند آهن. دنيا ۾ استعمال ٿيندڙ 80 سيڪڙو چانھہ بنگلاديش ۾ پيدا ٿئي ٿي. هتي ڪاغذ، اليومينم، ڌاڳو، شيشو، مڇي، ڪوئلو ۽ چن جو پٿر وڏي تعداد ۾ ملي ٿو. ان کان سواءِ هتي قدرتي گئس جا پڻ وڏا ذخيرا موجود آهن .