ٽوگو

ٽوگو (Togo ):هن ملڪ جو سرڪاري نالو جمهوريه ٽوگو (Republic of Togolaise) ۽ پراڻو نالو فرينچ ٽوگولينڊ آهي. هن جي اتر ۾ برڪينافاسو، اوڀر ۾ بينن، ڏکڻ ۾ گني نار (ايٽلانٽڪ سمنڊ) ۽ اولهه ۾ گهانا آهن. ٽوگو هڪ ڊگهي سوڙهي ليڪ جي شڪل جهڙو ملڪ آهي. هن ملڪ جي ڪل پکيڙ 56790 چورس ڪلوميٽر (21941 چورس ميل) ۽ آبادي 52 لک 63 هزار آهي. گاديءَ جو هنڌ لومي (Lome) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ پيڪو بائومان (بلندي: 986 ميٽر) آهي. هتان جي سرڪاري ٻولي فرانسيسي آهي، جڏهن ته ايوا ۽ ڪابري پڻ ڳالهائي وڃي ٿي. ٽوگو جي مکيه زرعي پيدوارا ۾ ڪوڪو، ڪساوا، ڪافي، مڪئي، ڪپهه، جوار، سورگم، ڪچالو، چانور، مڱيرا، اناج، ميوا ۽ ڀاڄيون ۽ مکيه صنعتن ۾ سيمينٽ، اٽو، پام آئل، ٽيڪسٽائيل، جوس، صابڻ، آئل، ريفائنري، هلڪي مشينري، بوٽ، فوڊ پروسيسنگ، ڀاڻ ۽ عمارتي سامان آهن. ٽوگو جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 27 اپريل 1960ع آهي ۽ گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبر شپ 20 سيپٽمبر 1960ع کان آهي.


لفظ ٽوگوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو