
بيگم شائسته اڪرام الله
بيگم شائسته اڪرام ﷲ: بيگم شائسته اڪرام ﷲ سهروردي، هندستان جي مشھور شھر ڪلڪتي ۾ 1912ع ڌاري پيدا ٿي. سندس والد جو نالو احسان سھروردي هو، جيڪو بنگال جي مشھور جيد عالم ميان سھروردي جو پٽ هو. 1932ع ۾ شائسته جي شادي حافظ محمد ولايت ﷲ جي وڏي پٽ محمد اڪرام ﷲ سان ٿي. ان وقت اڪرام ﷲ ڊپٽي ڪمشنر هو، جيڪو انهن ٿورن مسلمانن مان هو، جيڪي ابتدائي آءِ. سي. ايس آفيسرن مان چونڊيا ويا هئا. بعد ۾ کيس سيڪريٽريٽ دهليءَ ۾ انڊر سيڪريٽريءَ جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو. 1938ع ۾ قائداعظم محمد علي جناح انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ سب ڪاميٽيءَ جي ٻيهر تنظيم ڪئي. انهيءَ دوران انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس ۾ هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، جنهن ۾ وومين مسلم ليگ ڪاميٽيءَ جي تنظيم ڪئي وئي، ان ڪاميٽيءَ جي دهلي برانچ ۾ بيگم شائسته کي بطور رڪن کنيو ويو. 1940ع ۾ راجا صاحب محمود آباد، بيگم شائسته کي مسلم وومين اسٽوڊنٽس جو ڪنوينر مقرر ڪيو ۽ بيگم شائسته مسلمان شاگردياڻين کي منظم ڪيو. افسانا نويسيءَ تي پي. ايڇ. ڊيءَ لاءِ مقالو لکيائين. قيام پاڪستان کان پوءِ پنھنجي خاندان سان گڏ ڪراچيءَ آئي. 1945ع ۾ تحريڪ پاڪستان جي عروج واري زماني ۾، مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پليٽ فارم تان سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيائين. پاڻ پاڪستان جي پهرين آئين ساز اسيمبليءَ جي ميمبر رهي. هن 1948ع ۾ پاڪستاني وفد ۾ ميمبر جي حيثيت سان اقوام متحدہ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪيائين ۽ 1956ع ۾ ٻيهر پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. 1961ع ۾ بنيادي جمهوريت جي ميمبر منتخب ٿي. 1962ع ۾ سندس مڙس محمد اڪرام ﷲ وفات ڪئي. 1964ع ۾ مراڪش ۾ پاڪستان جي سفير مقرر ٿي. پاڪستانيات جي موضوع تي مختلف اخبارن ۾ سندس مضمون ڇپجندا رهيا. ”فرام پردہ ٽو پارليامينٽ“ سندس مشھور تصنيف آهي. سندس اولاد مان هڪ ڌيءَ اردن جي شاھہ حسين جي ننڍي ڀاءُ شھزادي حسن سان پرڻيل آهي. بيگم اڪرام ﷲ 12 ڊسمبر 2000ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ دفن ڪيو ويو. .
1912.00.00 عيسوي
بيگم شائسته اڪرام الله: بيگم شائسته اڪرام الله سهروردي ، هندستان جي مشهور شهر ڪلڪتي ۾ 1912ع ڌاري پيدا ٿي
1932.00.00 عيسوي
1932ع ۾ شائسته جي شادي حافظ محمد ولايت الله جي وڏي پٽ محمد اڪرام الله سان ٿي .
1938.00.00 عيسوي
1938ع ۾ قائداعظم محمد علي جناح آل انڊيا مسلم ليگ سب ڪاميٽيءَ جي ٻيهر تنظيم ڪئي . انهيءَ دوران آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس ۾ هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ، جنهن ۾ وومين مسلم ليگ ڪاميٽيءَ جي تنظيم ڪئي وئي ،
1948.00.00 عيسوي
هن 1948ع ۾ پاڪستاني وفد ۾ ميمبر جي حيثيت سان اقوام متحده جي اجلاس ۾ شرڪت ڪيائين ۽ 1956ع ۾ ٻيهر پاڪستان جي نمائندگي ڪئي . 1961ع ۾ بنيادي جمهوريت جي ميمبر منتخب ٿي . 1962ع ۾ سندس مڙس محمد اڪرام الله وفات ڪئي .
2000.12.12 عيسوي
بيگم اڪرام الله 12 ڊسمبر 2000ع تي وفات ڪئي . کيس ڪراچيءَ ۾ دفن ڪيو ويو .