
بکر شيدي
بکر شيدي: بکر شيدي، لاڙ جي مشھور ملھہ انب شيديءَ (انب کارائيءَ) جو پٽ آهي. سندس اصل نالو غلام حسين هو. ”اندرين“ ۽ ”وارو“ سندس مَلھہ جا خاص داءَ هئا. هيءُ ڏسڻ ۾ ننڍي بدن وارو پهلوان، جڏهن ’اندرين‘ هڻي يا ’وارو‘ کڻي پهرئين جوڙ جي ڪنهن ملھہ کي دسيندو هو، تہ ويٺل ماڻهو اٿي بيهندا هئا ۽ کيس زبردست داد ڏيندا هئا. کيس ملھہ جو فن ورثي ۾ مليو هو. سندس والد ”انب شيدي“ سندس استاد هو. ماڇي قبيلي جي سردار ۽ ماڇڪي جي تمندار، حاجي محمد خان جو مٿس تمام گهڻو راضُ هو ۽ هي سڏبو ئي سندس ملھہ هو. بکر شيدي هاري هو، پر هن ملھہ ۾ تمام وڏو نالو ڪڍيو. هي ملھہ جو ادارو هو. هن سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ملهن سان وڏا مقابلا ڪيا ۽ کٽيا. پاڻ 1935ع کارو ڇاڻ، ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. 60 واري ڏهاڪي ۾ هي شير ميربحر، غلام قادر، الهجڙئي سمي، جمعدار محمد رحيم، غلام سرور جتوئي، در محمد عالماڻي، سيد سمن شاھہ وغيرہ جي جوڙ جو ملھہ هو. هن 1963ع ۾ ميله چرا خان، لاهور ۾ جنرل ايوب خان کان اوارڊ حاصل ڪيو. ان کانسواءِ بہ هن ڪيترائي انعام ۽ سندون حاصل ڪيون. 2000ع ڌاري ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو .
1935.00.00 عيسوي
بکر شيدي، 1935ع ڌاري ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو.
2000.00.00 عيسوي
بکر شيدي، 2000ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو.