بڪيرا شريف

بُڪيرا شريف: تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الھيار، جي ديھه ”بُڪيراڻيءَ“ ۾ هڪ مشھور ۽ تاريخي شھر آهي. هي شھر ٽنڊي الھيار کان 10 ڪلوميٽر ڏکڻ اولھه طرف شيخ ڀرڪيي روڊ تي واقع آهي. هتي غوث بھاءُ الدين ذڪريا جي اولاد مان قريشي پيرن جي درگاهه آهي. لفظ بُڪيرا، ”بُڪيءَ وارا“ جي بگڙيل صورت آهي. روايتن مطابق اندازاً اٺين صدي عيسويءَ ڌاري سنڌو درياهه جو وهڪرو، انهيءَ جڳهه کان هوندو هو ۽ درياهه هتان ئي موڙ کائيندو هو. ان موڙ وٽ مُھاڻا آباد هوندا هئا، جيڪي درياهه جي ان موڙ کي ’بُڪ‘ يا ’بُڪي‘ ڪري سڏيندا هئا. بعد ۾ اهو موڙ مھاڻن جي سڃاڻپ بڻجي ويو ۽ اهي ”بُڪيءَ وارا مھاڻا“ سڏجڻ لڳا. ائين اهو ڳوٺ ”بوڪيل“ سڏجڻ لڳو، جڏهن ته نائين صدي هجريءَ ڌاري بزرگن جي اچڻ ڪري ’بُڪيرا شريف‘ سڏجڻ لڳو. هن شھر ۾ 35 فوٽ اُوچو هڪ دڙو آهي، جنھن تي شھر جي آباديءَ جو چوٿون حصو رهي ٿو. مذڪوره دڙو انتھائي قديم آهي، پر دڙي جي موجوده صورت ۾ اچڻ بابت ڪابه ڄاڻ نه آهي. ڪن روايتن مطابق اهو دڙو دشمن کان بچاءَ لاءِ ڪتب آندو ويندو هو. ڪن جو خيال آهي ته اهو دڙو، موهن جي دڙي جيان ڪو تباهه ٿيل شھر آهي. ڪجهه سال اڳ هن علائقي مان چانديءَ جا پُراڻا سڪا مليا هئا ۽ ڪيترين ئي جاين جو بنياد کوٽيندي ڦلهيار، ڪوئلو، مٽيءَ جي ٿانون جا ڀڳل ٽڪرا، هڏا ۽ ٻيو سامان پڻ مليو هو، جنھن مان هن شھر جي قدامت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن وقت ”بُڪيرا شريف“ تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الھيار جو اهم شھر آهي. هتي جي پرائمري اسڪول جي پھرين عمارت 1906ع ۾ ٺھي، جڏهن ته يوناني دواخانو/ ڊسپينسري 1940ع ۾ قائم ٿي. 1960ع ۾ بوائز مڊل اسڪول ٺھيو. هن شھر کي، 1974ع ۾ بجليءَ جي سھوليت ڏني وئي، جڏهن ته 1978ع ۾ حبيب بئنڪ هن شھر ۾ شاخ کولي جيڪا بعد ۾ بند ٿي وئي. 1988ع ۾ صحت مرڪز ۽ هاءِ اسڪول قائم ٿيا. 1995ع ۾ ٽيليفون ايڪسيچينج ۽ 1999ع ۾ گرلز مڊل اسڪول قائم ٿيو. تاريخي روايتن موجب، جنھن هنڌ هن وقت اهو شھر آباد آهي، اتي 951هه/ 1544ع ڌاري غوث بھاءُ الدين ذڪريا جي اولاد مان شيخ فاضل شاهه اچي ويٺو. لڳ ڀڳ انهيءَ ئي وقت شيخ شھرالله نالي هڪ بزرگ (جيڪو پڻ غوث بھاؤالدين جي اولاد مان هو) نصرپور ۾ اچي رهڻ لڳو. شيخ فاضل شاهه کي نرينو اولاد نه هو، رڳو ڌيئرون هيون. هن پنھنجي نياڻي شيخ شھرالله قريشي کي ڏني، جيڪو سندس مائٽ به هو. ائين آهستي آهستي ملتاني پير انهيءَ هنڌ آباد ٿيندا ويا. شيخ فاضل شاهه قريشي 14 رجب 976هه/12 جنوري 1569ع تي وفات ڪئي. جنھن کان پوءِ سندس نياڻي شيخ شھرالله قريشي سندس درگاهه جي گادي ۽ سھروردي سلسلي کي اڳتي وڌايو. شيخ سيد فاضل شاهه قريشي جو مقبرو شاندار اڏاوت جي حيثيت رکي ٿو. خاص رٿابندي تحت سندس چوٽيءَ تي هڪ اڌ گول گنبد آهي. اندريون. حصو اٺ ڪنڊو ڪاشيءَ جي ٽائلس ۽ مصوغ سان سينگاريل آهي. سندس قبر مٿان ڪاٺ جو ڇٽ ٺھيل آهي، ۽ مقبري ۾ سندس خاندان جي ڪيترن ئي ماڻهن جون قبرون پڻ آهن. هن مقبري جي ڀرسان شيخ شھرالله قريشيءَ جو مقبرو آهي، جنھن ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي قبرون آهن. مخدوم شھرالله کي ٽي فرزند ٿيا: مخدوم شاهه سراج الدين، مخدوم شاهه قائم الدين ۽ شمس الدين عرف سمن شاھھ. مخدوم شھرالله جي وفات کان پوءِ سندس وڏو فرزند مخدوم شاهه سراج الدين گادي نشين ٿيو. مخدوم شاھھ سراج الدين کي ٻه پٽ هئا، مخدوم پير فاضل شاھھ (ثاني)، جنھن کي فاضل شاھھ گودڙيو به چيو وڃي ٿو. مخدوم شاهه سراج الدين جي وفات کان پوءِ مخدوم فاضل شاهه گودڙيو گادي نشين ٿيو. هو بغير ڪنھن نرينه اولاد جي وفات ڪري ويو پر پوءِ به سندس خاندان جو سلسلو جاري رهيو. مخدوم فاضل شاهه گودڙئي (ثاني) جي مقبري ۾ دفن ٿيل وڏن بزرگن ۾ مخدوم شھرالله، مخدوم شاهه سراج الدين، مخدوم پير محمد شاهه، مخدوم پير ولايت شاهه، مخدوم پير ضياءُ الدين ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. ان ۾ قريشي خاندان جي عورتن جون قبرون به آهن. مخدوم فاضل شاهه گودڙئي (ثاني) کان پوءِ سندس ڀاءُ مخدوم مھر شاھه گادي نشين ٿيو. سندس وفات کان پوءِ سندس فرزند مخدوم قائم الدين قلندر گادي نشين ٿيو، جنھن 12 شعبان 1215هه/ 28 ڊسمبر 1800ع تي وفات ڪئي، سندس وصيت موجب پير شير شاهه جو فرزند مخدوم امام بخش شاهه (پالڪيءَ وارو) گادي نشين ٿيو. جنھن پالڪيءَ ۾ هن سفر ڪيو، اُها بڪيرا شريف جي مڪان ڪيٽيءَ ۾ ميان فقير حافظ جي مقبري ۾ رکيل آهي. ميان فقير حافظ جو تعلق اوٺا خاندان سان هو. ميان فقير حافظ جي مقبري جي مھاڙيءَ تي فارسي لکت آهي، جنھن تي سندس وفات جي تاريخ 7 رمضان 1278هه/ 7 مارچ 1862ع لکيل آهي. هو مخدوم قائم الدين قلندر ۽ مخدوم امام بخش شاهه پالڪيءَ واري جي درگاهه جو مجاور هو. واهي فقير جي مزار جنھن جو اصل نالو رحيم ڏنو آريسر هو، جيڪو بڪيرا شريف جي درگاهه جو مجاور هو، پڻ ميان حافظ فقير جي درگاهه جي ڀرسان آهي. فاضل شاهه جي درگاهه جي احاطي ۾ ٽالپرن جون ڪجهه قبرون به آهن. مخدوم امام بخش شاهه 14 جمادي الاول 1383ع/ 22 سيپٽمبر 1866ع تي وفات ڪئي، کيس مخدوم قائم الدين قلندر جي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو. شھر ۾ سھروردي صوفي بزرگن مان قريشي خاندان جي مقبرن کان علاوه ٻه مسجدون ٻيون پڻ آهن، هڪ پير فاضل شاهه ڪلان جي مقبري جي ڏکڻ ۾ ۽ ٻي مخدوم قائم الدين قلندر جي مقبري جي اتر ۾. ڏکڻ واري مسجد کي پير مخدوم فاضل شاهه ڪلان ٺھرايو هو، جنھن کي بعد ۾ وري نئين سر تعمير ڪرايو ويو. اُتر واري مسجد مخدوم امام بخش شاهه پالڪي واري (وفات 1862ع) جي دور ۾ ٺاهي وئي. هيءَ مسجد پنھنجي مصوري، ڪاٺ جي ڇت ۽ ٿنڀن جي ڪري مشھور آهي. ٻن حصن تي هن مسجد جي ڪاريگر جو نالو محمد صالح ولد پار ڪيو (ٽنڊي الھيار جو رهاڪو) لکيل آهي. پير فاضل شاهه جي مزار جي احاطي ۾ مسجد کان علاوه ٻه ٻيون مسجدون به شھر جي وچ ۾ موجود آهن. پھرين مسجد جو نالو مخدوم ولايت شاهه جي نالي سان آهي. مخدوم ولايت شاهه جي حويلي به مسجد جي سامهون آهي. لکت موجب حويلي 1944ع ۾ ٺھي هئي. ٻي مسجد، جيڪا چراغ مسجد جي نالي سان مشھور آهي، جنھن کي درس واري مسجد پڻ سڏيو وڃي ٿو، جيڪا پڻ پنھنجي خوبصورت نيري ٽائلس جي ڪري مشھور آهي. مسجد جي مھاڙي تي 1376هه/1956ع جو سال لکيل آهي. معمار ۽ ڪاشيگر نصرپور شھر جو اوستو محمد حسن هو. بڪيرا شريف ۾ شيخ ٻانهي جي مزار به آهي، هو هڪ غير مسلم ڀٽي هو. سندس مرشد کيس نئون نالو لطف الله درس ڏنو، جيڪو پوءِ شيخ ٻانهي جي نالي سان مشھور ٿيو. هن وقت شھر جي آبادي ست هزار کان مٿي آهي. شھر ۾ سوئي گئس ۽ بئنڪ جي سھوليت موجود آهي. ڊرينيج سسٽم به موجود آهي. شھر ۾ ڪافي کوهه هوندا هئا، جن ۾: قلندر قائم الدين وارو کوهه (سڪي ويل)، پير ولايت علي شاهه درگاهه وارو کوهه (اڌ لٽيل)، سخي شيخ ٻانهي وارو کوهه، بابڙئي وارو کوهه (ختم ٿيل)، واهي فقير واري کوهي ۽ ٻيا کوهه شامل آهن. هتي کوهه ۽ کوهين جو تعداد 22 هو. شھر ۾ سيد، پير، اوٺا، آرائين، بُڪيرا، بھراڻي، ڀٽي، ڀيل، ترڪ، پٺاڻ، پنھور، جت، جروار، چانڊيا، ڇڇر، خاراڻي، خاصخيلي، دائوداڻي، درس، دل، راجپوت، راڄڙ، سما، سنڌي پٺاڻ، سھتا، سولنگي، سيال، سيد، شيخ، قاضي، قريشي، قمبراڻي، ڪڇي ڪولهي، ڪنڀار، کوسا، کوکر، ڳهلڙا، گهمراڻي، لاشاري، لُنڊ، مري، مغل، مڱڻھار، ملاح، ميمڻ، ميگهواڙ، هاليپوٽا ۽ ٻيون ذاتيون رهن ٿيون. بُڪيرن ۾ ”خاڪو“ نالي سان هڪ مشھور سُگهڙ 45- 1840ع ڌاري ٿي گذريو آهي. هن جا بيت ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ واري شاهه جي رسالي (1866ع) ۾ به آيل آهن. مثال طور: موتي هن مذڪور جي، ڳالهه نه ڪرين ڪاءِ، پِئو هُئين پاتار ۾، ٿي لھرن لک لڳاءِ، خبر ڏيھون ”خاڪو“ چوي، سُپيان جي ساءِ، ته ڪھڙا ڪم ڪياءِ، جو مٿان بيٺي بنئين.


لفظ بڪيرا شريفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو