بُڪيرا شريف: تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الھيار، جي ديھه ”بُڪيراڻيءَ“ ۾ هڪ مشھور ۽ تاريخي شھر آهي. هي شھر ٽنڊي الھيار کان 10 ڪلوميٽر ڏکڻ اولھه طرف شيخ ڀرڪيي روڊ تي واقع آهي. هتي غوث بھاءُ الدين ذڪريا جي اولاد مان قريشي پيرن جي درگاھہ آهي. لفظ بُڪيرا، ”بُڪيءَ وارا“ جي بگڙيل صورت آهي. روايتن مطابق اندازاً اٺين صدي عيسويءَ ڌاري سنڌو درياھہ جو وهڪرو، انهيءَ جڳھہ کان هوندو هو ۽ درياھہ هتان ئي موڙ کائيندو هو. ان موڙ وٽ مُھاڻا آباد هوندا هئا، جيڪي درياھہ جي ان موڙ کي ’بُڪ‘ يا ’بُڪي‘ ڪري سڏيندا هئا. بعد ۾ اهو موڙ مھاڻن جي سڃاڻپ بڻجي ويو ۽ اهي ”بُڪيءَ وارا مھاڻا“ سڏجڻ لڳا. ائين اهو ڳوٺ ”بوڪيل“ سڏجڻ لڳو، جڏهن تہ نائين صدي هجريءَ ڌاري بزرگن جي اچڻ ڪري ’بُڪيرا شريف‘ سڏجڻ لڳو. هن شھر ۾ 35 فوٽ اُوچو هڪ دڙو آهي، جنھن تي شھر جي آباديءَ جو چوٿون حصو رهي ٿو. مذڪوره دڙو انتھائي قديم آهي، پر دڙي جي موجودہ صورت ۾ اچڻ بابت ڪابہ ڄاڻ نہ آهي. ڪن روايتن مطابق اهو دڙو دشمن کان بچاءَ لاءِ ڪتب آندو ويندو هو. ڪن جو خيال آهي تہ اهو دڙو، موهن جي دڙي جيان ڪو تباھہ ٿيل شھر آهي. ڪجهہ سال اڳ هن علائقي مان چانديءَ جا پُراڻا سڪا مليا هئا ۽ ڪيترين ئي جاين جو بنياد کوٽيندي ڦلهيار، ڪوئلو، مٽيءَ جي ٿانون جا ڀڳل ٽڪرا، هڏا ۽ ٻيو سامان پڻ مليو هو، جنھن مان هن شھر جي قدامت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن وقت ”بُڪيرا شريف“ تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الھيار جو اهم شھر آهي. هتي جي پرائمري اسڪول جي پھرين عمارت 1906ع ۾ ٺھي، جڏهن تہ يوناني دواخانو/ ڊسپينسري 1940ع ۾ قائم ٿي. 1960ع ۾ بوائز مڊل اسڪول ٺھيو. هن شھر کي، 1974ع ۾ بجليءَ جي سھوليت ڏني وئي، جڏهن تہ 1978ع ۾ حبيب بئنڪ هن شھر ۾ شاخ کولي جيڪا بعد ۾ بند ٿي وئي. 1988ع ۾ صحت مرڪز ۽ هاءِ اسڪول قائم ٿيا. 1995ع ۾ ٽيليفون ايڪسيچينج ۽ 1999ع ۾ گرلز مڊل اسڪول قائم ٿيو. تاريخي روايتن موجب، جنھن هنڌ هن وقت اهو شھر آباد آهي، اتي 951ھہ/ 1544ع ڌاري غوث بھاءُ الدين ذڪريا جي اولاد مان شيخ فاضل شاھہ اچي ويٺو. لڳ ڀڳ انهيءَ ئي وقت شيخ شھرالله نالي هڪ بزرگ (جيڪو پڻ غوث بھاؤالدين جي اولاد مان هو) نصرپور ۾ اچي رهڻ لڳو. شيخ فاضل شاھہ کي نرينو اولاد نہ هو، رڳو ڌيئرون هيون. هن پنھنجي نياڻي شيخ شھرالله قريشي کي ڏني، جيڪو سندس مائٽ بہ هو. ائين آهستي آهستي ملتاني پير انهيءَ هنڌ آباد ٿيندا ويا. شيخ فاضل شاھہ قريشي 14 رجب 976ھہ/12 جنوري 1569ع تي وفات ڪئي. جنھن کان پوءِ سندس نياڻي شيخ شھرالله قريشي سندس درگاھہ جي گادي ۽ سھروردي سلسلي کي اڳتي وڌايو. شيخ سيد فاضل شاھہ قريشي جو مقبرو شاندار اڏاوت جي حيثيت رکي ٿو. خاص رٿابندي تحت سندس چوٽيءَ تي هڪ اڌ گول گنبد آهي. اندريون. حصو اٺ ڪنڊو ڪاشيءَ جي ٽائلس ۽ مصوغ سان سينگاريل آهي. سندس قبر مٿان ڪاٺ جو ڇٽ ٺھيل آهي، ۽ مقبري ۾ سندس خاندان جي ڪيترن ئي ماڻهن جون قبرون پڻ آهن. هن مقبري جي ڀرسان شيخ شھرالله قريشيءَ جو مقبرو آهي، جنھن ۾ ٻيون بہ ڪيتريون ئي قبرون آهن. مخدوم شھرالله کي ٽي فرزند ٿيا: مخدوم شاھہ سراج الدين، مخدوم شاھہ قائم الدين ۽ شمس الدين عرف سمن شاھھ. مخدوم شھرالله جي وفات کان پوءِ سندس وڏو فرزند مخدوم شاھہ سراج الدين گادي نشين ٿيو. مخدوم شاھھ سراج الدين کي ٻہ پٽ هئا، مخدوم پير فاضل شاھھ (ثاني)، جنھن کي فاضل شاھھ گودڙيو بہ چيو وڃي ٿو. مخدوم شاھہ سراج الدين جي وفات کان پوءِ مخدوم فاضل شاھہ گودڙيو گادي نشين ٿيو. هو بغير ڪنھن نرينه اولاد جي وفات ڪري ويو پر پوءِ بہ سندس خاندان جو سلسلو جاري رهيو. مخدوم فاضل شاھہ گودڙئي (ثاني) جي مقبري ۾ دفن ٿيل وڏن بزرگن ۾ مخدوم شھرالله، مخدوم شاھہ سراج الدين، مخدوم پير محمد شاھہ، مخدوم پير ولايت شاھہ، مخدوم پير ضياءُ الدين ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. ان ۾ قريشي خاندان جي عورتن جون قبرون بہ آهن. مخدوم فاضل شاھہ گودڙئي (ثاني) کان پوءِ سندس ڀاءُ مخدوم مھر شاھه گادي نشين ٿيو. سندس وفات کان پوءِ سندس فرزند مخدوم قائم الدين قلندر گادي نشين ٿيو، جنھن 12 شعبان 1215ھہ/ 28 ڊسمبر 1800ع تي وفات ڪئي، سندس وصيت موجب پير شير شاھہ جو فرزند مخدوم امام بخش شاھہ (پالڪيءَ وارو) گادي نشين ٿيو. جنھن پالڪيءَ ۾ هن سفر ڪيو، اُها بڪيرا شريف جي مڪان ڪيٽيءَ ۾ ميان فقير حافظ جي مقبري ۾ رکيل آهي. ميان فقير حافظ جو تعلق اوٺا خاندان سان هو. ميان فقير حافظ جي مقبري جي مھاڙيءَ تي فارسي لکت آهي، جنھن تي سندس وفات جي تاريخ 7 رمضان 1278ھہ/ 7 مارچ 1862ع لکيل آهي. هو مخدوم قائم الدين قلندر ۽ مخدوم امام بخش شاھہ پالڪيءَ واري جي درگاھہ جو مجاور هو. واهي فقير جي مزار جنھن جو اصل نالو رحيم ڏنو آريسر هو، جيڪو بڪيرا شريف جي درگاھہ جو مجاور هو، پڻ ميان حافظ فقير جي درگاھہ جي ڀرسان آهي. فاضل شاھہ جي درگاھہ جي احاطي ۾ ٽالپرن جون ڪجهہ قبرون بہ آهن. مخدوم امام بخش شاھہ 14 جمادي الاول 1383ع/ 22 سيپٽمبر 1866ع تي وفات ڪئي، کيس مخدوم قائم الدين قلندر جي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو. شھر ۾ سھروردي صوفي بزرگن مان قريشي خاندان جي مقبرن کان علاوہ ٻہ مسجدون ٻيون پڻ آهن، هڪ پير فاضل شاھہ ڪلان جي مقبري جي ڏکڻ ۾ ۽ ٻي مخدوم قائم الدين قلندر جي مقبري جي اتر ۾. ڏکڻ واري مسجد کي پير مخدوم فاضل شاھہ ڪلان ٺھرايو هو، جنھن کي بعد ۾ وري نئين سر تعمير ڪرايو ويو. اُتر واري مسجد مخدوم امام بخش شاھہ پالڪي واري (وفات 1862ع) جي دور ۾ ٺاهي وئي. هيءَ مسجد پنھنجي مصوري، ڪاٺ جي ڇت ۽ ٿنڀن جي ڪري مشھور آهي. ٻن حصن تي هن مسجد جي ڪاريگر جو نالو محمد صالح ولد پار ڪيو (ٽنڊي الھيار جو رهاڪو) لکيل آهي. پير فاضل شاھہ جي مزار جي احاطي ۾ مسجد کان علاوہ ٻہ ٻيون مسجدون بہ شھر جي وچ ۾ موجود آهن. پھرين مسجد جو نالو مخدوم ولايت شاھہ جي نالي سان آهي. مخدوم ولايت شاھہ جي حويلي بہ مسجد جي سامهون آهي. لکت موجب حويلي 1944ع ۾ ٺھي هئي. ٻي مسجد، جيڪا چراغ مسجد جي نالي سان مشھور آهي، جنھن کي درس واري مسجد پڻ سڏيو وڃي ٿو، جيڪا پڻ پنھنجي خوبصورت نيري ٽائلس جي ڪري مشھور آهي. مسجد جي مھاڙي تي 1376ھہ/1956ع جو سال لکيل آهي. معمار ۽ ڪاشيگر نصرپور شھر جو اوستو محمد حسن هو. بڪيرا شريف ۾ شيخ ٻانهي جي مزار بہ آهي، هو هڪ غير مسلم ڀٽي هو. سندس مرشد کيس نئون نالو لطف ﷲ درس ڏنو، جيڪو پوءِ شيخ ٻانهي جي نالي سان مشھور ٿيو. هن وقت شھر جي آبادي ست هزار کان مٿي آهي. شھر ۾ سوئي گئس ۽ بئنڪ جي سھوليت موجود آهي. ڊرينيج سسٽم بہ موجود آهي. شھر ۾ ڪافي کوھہ هوندا هئا، جن ۾: قلندر قائم الدين وارو کوھہ (سڪي ويل)، پير ولايت علي شاھہ درگاھہ وارو کوھہ (اڌ لٽيل)، سخي شيخ ٻانهي وارو کوھہ، بابڙئي وارو کوھہ (ختم ٿيل)، واهي فقير واري کوهي ۽ ٻيا کوھہ شامل آهن. هتي کوھہ ۽ کوهين جو تعداد 22 هو. شھر ۾ سيد، پير، اوٺا، آرائين، بُڪيرا، بھراڻي، ڀٽي، ڀيل، ترڪ، پٺاڻ، پنھور، جت، جروار، چانڊيا، ڇڇر، خاراڻي، خاصخيلي، دائوداڻي، درس، دل، راجپوت، راڄڙ، سما، سنڌي پٺاڻ، سھتا، سولنگي، سيال، سيد، شيخ، قاضي، قريشي، قمبراڻي، ڪڇي ڪولهي، ڪنڀار، کوسا، کوکر، ڳهلڙا، گهمراڻي، لاشاري، لُنڊ، مري، مغل، مڱڻھار، ملاح، ميمڻ، ميگهواڙ، هاليپوٽا ۽ ٻيون ذاتيون رهن ٿيون. بُڪيرن ۾ ”خاڪو“ نالي سان هڪ مشھور سُگهڙ 45- 1840ع ڌاري ٿي گذريو آهي. هن جا بيت ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ واري شاھہ جي رسالي (1866ع) ۾ بہ آيل آهن. مثال طور: موتي هن مذڪور جي، ڳالھہ نہ ڪرين ڪاءِ، پِئو هُئين پاتار ۾، ٿي لھرن لک لڳاءِ، خبر ڏيھون ”خاڪو“ چوي، سُپيان جي ساءِ، تہ ڪھڙا ڪم ڪياءِ، جو مٿان بيٺي بنئين.