
بَهاءُ الدين ذڪريا

بَهاءُ الدين ذڪريا
بَهاءُ الدين ذڪريا: شيخ بھاءُ الدين ذڪريا ملتاني، جيڪو عام طرح غوث ”بھاءُ الحق“ جي نالي سان مشھور آهي، سھروردي سلسلي جو هڪ درويش ۽ ولي ٿي گذريو آهي. ’تاريخ فرشته‘ جي بيان مطابق پاڻ 578ھہ/ 1182ع ۾ ملتان جي ويجهو ”ڪوٽ ڪروڙ“ ۾ پيدا ٿيو. پاڻ شيخ شھاب الدين جي نهايت پيارن خليفن مان هو ۽ برصغير هندستان جي سھروردي سلسلي جو باني هو. ڪوٽ ڪروڙ ۾ قرآن شريف جي قرات جي تڪميل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ مروجه علمن جي تڪميل لاءِ خراسان، بخارا، مديني منوره ۽ فلسطين جي وڏن وڏن علمي مرڪزن جو سفر ڪيائين. ان زماني ۾ پنھنجي دور جي نهايت ممتاز محدث شيخ ڪمال الدين يمنيءَ کان حديث جي تڪميل ڪيائين ۽ پوءِ ڪيترائي سال حضرت رسول اڪرم صلي ﷲ عليہ وسلم جي روضهءِ اطهر تي ذڪر فڪر ۾ گذاريائين. فلسطين ۾ بني اسرائيل جي نبين جي تُربتن جي زيارت ڪرڻ کان پوءِ، پاڻ بغداد ۾ آيو ۽ شيخ شھاب الدين سهرورديءَ جي حلقہ ارادت ۾ داخل ٿيو. ان وقت سندس حالت، سندس مرشد چواڻي اهڙي سُڪل ڪاٺيءَ جهڙي هئي، جيڪا باھہ ۾ سڙڻ لاءِ تيار هئي. انهيءَ ڪري فقط 17 (سترهن) ڏينهن جي تربيت کان پوءِ، شيخ کيس پنهنجو خليفو مقرر ڪيو ۽ ملتان ۾ هڪڙي سھروردي خانقاھہ قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پاڻ 50 سالن کان ڪجهہ وڌيڪ عرصو ڪم ڪندو رهيو. سندس خانقاھہ نهايت شاندار عمارت هئي، جنهن ۾ مستقل رهندڙن ۽ زيارتين جي رهڻ لاءِ جدا جدا جايون هيون. اها وچئين دور ۾ برصغير جي صوفيانه تلقين جو وڏو مرڪز بنجي وئي هئي. 661ھہ/ 21 ڊسمبر 1262ع تي ملتان ۾ وفات ڪيائين.
شيخ بھاءُ الدين ذڪريا جي سلسلي کي گهڻو ڪري سنڌ ۽ پنجاب ۾ فروغ حاصل ٿيو. جيتوڻيڪ هرات، همدان ۽ بخارا ۾ بہ سندس مريد هئا. هڪ صوفيءَ طور سندس شھرت وجداني ذهانت جي بنياد تي هئي، جنهن سان پنهنجن مريدن جي دلين کي فتح ڪري وٺندو هو. هو تمام گهڻين ڳالهين ۾ پنھنجي هم عصر چشتي صوفين کان مختلف هو: (1) هو هر طرح جي ماڻهن کي پنھنجي چؤگرد ميڙو لڳائڻ نہ ڏيندو هو. قلندرن، مجذوبن ۽ نمائشي درويشن جي مشڪل سان ساڻس ملاقات ٿيندي هئي، تنهنڪري هن لاءِ هڪڙو قول منسوب ڪيو ويندو هو تہ ”مون کي عام ماڻهن سان ڪو واسطو ڪونهي“. (2) پاڻ اميراڻي ٺاٺ سان رهندو هو. سندس خانقاھہ ۾ اناج جا انبار هوندا هئا ۽ مال دولت جا بہ ذخيرا هوندا هئا. (3) پاڻ مسلسل روزن رکڻ جو عادي نہ هو. (4) جيتوڻيڪ چشتيه سلسلي ۾ زمين بوسي عام هئي، پر پاڻ ڪنهن کي بہ پنھنجي اڳيان جهڪڻ نہ ڏيندو هو. (5) هو فرمانروائن ۽ انهن جي عهديدارن سان گهرا تعلقات رکڻ جو قائل هو. (6) پاڻ سماع جو قائل نہ هو.
بھاءُ الدين ذڪريا جو قرون وسطيٰ جي سياست ۾ گهرو اثر رسوخ رهيو، تنهنڪري ملتان تي اقتدار قائم رکڻ ۾ هن 607 ھہ/ 1210ع کان 633 ھہ/ 1235ع تائين التمش جي وڏي مدد ڪئي ۽ سندس ڏنل اعزازي لقب ”شيخ الاسلام“ بہ قبول ڪيائين. 644 ھہ/ 1246ع ۾ جڏهن منگولن ملتان جو گهيرو ڪيو ۽ هرات جو حڪمران بہ انهن سان ملي ويو، تڏهن شيخ بھاءُ الدين ذڪريا حملي آورن کي پنھنجي هڙان هڪ لک دينار پيش ڪري، انهن کي محاصرو ختم ڪرڻ تي راضي ڪيو. شيخ بھاءُ الدين ذڪريا ملتان ۾ هڪ وڏي شاندار مقبري ۾ مدفون آهي. ان جو گنبذ سھڻي ڪاشيءَ سان سينگاريل آهي. سنڌ ۽ ملتان جي قديمي لاڳاپن، ثقافتي ۽ صوفياڻي مزاج جي هڪجهڙائيءَ سبب غوث بھاءُ الدين جو سنڌ سان خاص تعلق رهيو. تاريخدانن جي راءِ موجب، غوث بهاءُالحق جا وڏا اصل سنڌ جا هئا. مولانا نوراحمد فريديءَ موجب، ”غوث جي پوٽي شيخ رڪن الدين عالم، پاڻ مشھور سياح ابن بطوطه سان ڳالھہ ڪئي تہ اسان جا ابا ڏاڏا محمد بن قاسم جي لشڪر سان گڏ سنڌ ۾ آيا“. ”تاريخ طاهريءَ“ ۾ ڄاڻايل آهي تہ شيخ بھاءُ الدين سهرورديءَ جو خاندان منصوره جي تباهيءَ کان پوءِ لاڙ ۾ سومرن جي شھر ”محمد طور“ ۾ رهڻ لڳو ۽ انهيءَ شھر جي ويرانيءَ کان پوءِ سکر ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو. ان کان پوءِ غزنوي حڪومت جي پاڇي ۾، ملتان ۾ اچي رهيو يا خوارزم کان ٿيندو، پوءِ ملتان پهتو. بهرحال حقيقت ڪيئن بہ هجي، پر سھروردي بزرگن، خاص ڪري غوث جي وڏن جي سنڌي مدنيت ۾ شڪ ناهي. اڄ بہ هڪ سھروردي بزرگ شيخ نوح بکري سکر ۾ ابدي آرامي آهي. غوث بھاءُ الدين، سھروردي طريقي کي سنڌ ۾ فروغ ڏنو. پاڻ ئي اهو پير هو، جنهن سنڌ ۾ ارشاد جو سلسلو شروع ڪيو. هن سنڌ تان ڪئين ڀيرا ڪيا. غوث جي، اهل سنڌ سان ايتري تہ قربت هئي، جو ڪن تذڪره نگارن کيس ”ذڪريا سنڌي“ بہ لکيو آهي. سنڌ جي لوڪ ادب جي بيتن ۾، جن کي ڏهر چيو وڃي ٿو، غوث بھاءُ الدين جو ذڪر آهي. اهي بيت سندس مدح ۾ چيا ويا آهن. سنڌي نثر جي ڪتابن ۾ بہ غوث جا حوالا ملن ٿا. سنڌ مان آڳاٽي وقت کان وٺي، غوث جا پانڌيئڙا روٽ پچائي ساڻ کڻندا آهن ۽ قافلن جي صورت ۾ پيادل منزلون هڻندا وڃي، ملتان پهچندا آهن ۽ غوث جي درگاھہ تي حاضري ڏيندا آهن. صدين کان هلندڙ اهو رواج اڄ بہ جاري آهي. جيتوڻيڪ ڏورانهين ڏيهن کان هزارين مريد ۽ معتقد اچي حاضري ڀريندا آهن، پر غوث جي پانڌيئڙن ۾ وڏو تعداد سنڌ جي ماڻهن جو هوندو آهي. سيوهڻ ڀرسان لڪيءَ واري چشمي لڳ هڪ ٿنڀي جاءِ آهي، جتي روايت آهي غوث پنهنجن يارن سان چلا ڪڍندو هو. پُراڻ لڳ غوث جو لڳايل آمريءَ جو هڪ وڻ آهي، جيڪو مشھور زيارتگاھہ رهيو. غوث کان پوءِ سندس فقير بہ اتي سماع ۽ صحبتون ڪندا هئا. اتي ئي آمريءَ جي مقام ۾ غوث بھاءُ الدين جا ڪيترائي مريد ۽ بزرگ مدفون آهن. سڄيءَ سنڌ ۾ غوث جو اولاد سڀ کان جهونو ۽ سيد سڳورن کان پوءِ عزت وارو ليکيو ويندو هو. غوث بھاءُ الدين، سنڌ ۾ ڪيترائي مريد ڪيا. کانئس پوءِ سندس فرزند صدرالدين عارف ۽ پوٽي شيخ رڪن الدين عالم بہ سنڌ جو سير ۽ سفر جاري رکيو ۽ سنڌ ۾ مريديءَ ۾ اضافو ڪيائين. ٺٽي جي مشھور بزرگ پير پٺي بابت روايتون آهن تہ کيس غوث بھاءُ الدين گمناميءَ جي ڪنڊ مان ڪڍي نروار ڪري، پنهنجو مريد ڪيو هو. غوث، بکر جي قلعي ۾ مدفون پنھنجي پير ڀائي ۽ شيخ شھاب الدين جي خليفي شيخ نوح سان ملاقات لاءِ بکر بہ آيو، پر سندس اچڻ کان ٿورا ڏينهن اڳ اهو بزرگ وفات ڪري چڪو هو. روايتن موجب غوث، حاجي منگهي (منگهي پير) سان بہ ملاقات ڪئي هئي. ٻئي همعصر هئا. غوث بھاءُ الدين، شيخ ريحان سان پڻ ملاقات ڪئي هئي. سنڌ ۾ غوث ۽ سندس اولاد پاران مريد ڪيل ڪيترائي بزرگ ۽ خود غوث جي اولاد مان ناليرا ولي مدفون آهن. شيخ ڪالو قريشي، غوث بھاءُ الدين جي اولاد مان هو ۽ خان چرڪس'>خسرو خان چرڪس جو ناٺي هو. ترخانن جي ڏينهن ۾ ٺٽي آيو ۽ سنڌ جا ڪيترائي گهراڻا هن جا مريد آهن. چاچڪان جي پرڳڻي ۾ سندس اولاد خسرو خان جي حويليءَ ۾ رهندو هو. اهي قريشي مشھور هئا. بڪيرا ۾ شيخ فاضل شاھہ ۽ شيخ شھرالله نالي بزرگ، غوث جي اولاد مان تمام گهڻا مشھور ٿيا. اتي انهن جون درگاهون آهن. غوث جي اولاد مان شيخ بھاءُ الدين ولد شيخ شھرالله پڻ ناليرو بزرگ ٿيو. سنڌ جا اڪثر مشائخ ۽ عام ماڻهو هُن جا مريد ٿيا. هن جي اولاد مان ڪيترائي بزرگ سنڌ ۾ آيا ۽ هتي رشد ۽ ارشاد ۾ مشغول رهيا ۽ سنڌ ۾ ئي دفن ٿيا. بدين ۾ مدفون شيخ اسماعيل قريشي، غوث جي اولاد مان مشھور بزرگ هو. سندس فرزند پير اَبن شاھہ ٽڪرن وارو پڻ ناليرو بزرگ ٿيو. اورنگا بندر (تعلقي شاهبندر) کان اٺن ڏهن ڪوهن تي هڪ ٽڪر تي سندس مزار آهي. انهن ٽڪرن کي سندس نالي پٺيان ”ابن شاھہ جا ٽڪر“ چوندا آهن. ابن شاھہ جي اولاد مان پڻ بزرگ ٿيا ۽ انهن مان ڪي مرشد جي نالي پٺيان تعلقي جاتيءَ ۾ ”بھاءُ الدين پور“ نالي ڳوٺ ٻڌائي، اتي رهيا. ساڳيءَ طرح ڪڪرالي پرڳڻي ۾ شيخ راڄن پڻ، غوث جي اولاد مان مشھور بزرگ ٿيو. ڪڪرالي جا ڄام، سندس مريد ٿيا ۽ شيخ راڄن جي اولاد کي سڱ بہ ڏنائون. پراڻ لڳ بايزيد سمي جي ديھہ ۾ مدفون مشھور بزرگ، درس مظفر پڻ غوث بھاءُ الدين جي سلسلي جو هو. کيس خلافت بہ مليل هئي. مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي شيخ عالي ۽ سندس اولاد جا مقبرا آهن، اهي غوث جي اولاد مان ناليرا بزرگ آهن. اڄ بہ شيخ عاليءَ جي مزار تي چنڊ جي چوڏهينءَ رات جو، غوث جي سلسلي وارو سماع ٿيندو آهي. مڪليءَ تي ئي مدفون شيخ نعمت الله، غوث بھاءُ الدين جي اولاد مان وڏو بزرگ هو. سندس فرزند شيخ جيو پڻ وڏو ولي ٿيو. شيخ طلحه، جيڪو مڪليءَ تي مدفون آهي، اهو غوث جو اولاد هو ۽ ڪامل ولي ٿي گذريو آهي. مڪليءَ تي مدفون ٻيو بزرگ شيخ حسين سومرو پڻ غوث بھاءُ الدين جو معتقد هو. سنڌ جا سومرا حاڪم بہ پوئين دور ۾ غوث جي اولاد مان ڪنهن بزرگ جي بيعت ڪري مريد ٿيا ۽ اسماعيلي عقيدو ڇڏي ڏنائون. سومرن جي ڏينهن ۾ غوثي بزرگ پنھنجي تبليغي ڪم ۾ رڌل رهيا. سمن جي دؤر ۾ ملا خليفو سنڌي، سنڌ ۾ ساڪري ۾ اچي آباد ٿيو. اهو بزرگ غوث بھاءُ الدين پاران مريد ڪندو هو. کيس غوثي سلسلي جي خلافت مليل هئي. درس علاءُ الدين سومرو بہ غوث جي سلسلي جو بزرگ هو. ڪڪرالي ۾ ڪيترائي مريد ڪيائين. سندس مزار پير پٺي ۽ شيخ جميعل جي وچ تي آهي. هالن جا ڀٽي مخدوم پڻ غوث بھاءُ الدين جا مريد آهن. اڄ تائين انهن وٽ ملتاني سلسلي جو سماع ٿيندو آهي. ولهار ۾ درويش صدرُ، غوث جو معتقد هو. ميگهواڙن جي مشھور پير، پير پٿوري، بابت روايتون آهن تہ هو غوث جي درگاھہ جو مريد ٿيو هو ۽ قافلا ملتان وٺي ويندو هو. سنڌ ۾ شيخ يوسف نالي هڪ بزرگ غوث جو مريد هو. شاھہ رڪن الدين عالمُ، ان جي ٻن فرزندن نصير ۽ امام کي ملتان وٺي ويو ۽ اتي کين زمينون ۽ باغ ڏنائين. اڄ بہ ملتان ۾ انهن جو اولاد مشھور ۽ آسودو آهي. اهو سنڌي خاندان ”حاجي“ سڏبو آهي. سنڌ ۾ ”جويا“ ذات وارن ماڻهن بابت بہ روايتون آهن تہ اهي ملتان جي درگاھہ مان مستفيض ٿيا ۽ انهن کي شاھہ رڪن الدين عالم، مسلمان ڪيو هو. هو راجپوتن جي 32 ڪُل مان مسلمان ٿيل آهن. سنڌ جي ماڻهن جي اڪثريت غوث بھاءُ الدين ملتانيءَ جي درگاھہ سان ٻڌل هوندي هئي. غوث جو سنڌ تي تمام گهڻو اثر رهيو. سندس درگاھہ جون تبليغي جماعتون اڪثر سنڌ مان هلنديون هيون. ڪيترائي مريد لاڙ واري خطي مان اگهاڙين پيرين پنڌ ڪري ملتان ويندا هئا. اڄ بہ سنڌ جا اڪثر ماڻهو انهيءَ دروازي جا طالب آهن. سنڌ ۾ غوث جا ”روٽ“، ۽ ”پيادل قافلا“ سنڌ واسين جو غوث بھاءُ الدين ذڪريا سان عقيدت جو اظهار آهن. غوث جي نالي جي نسبت سان ملتان يونيورسٽيءَ جو نالو ”بھاءُ الدين ذڪريا يونيورسٽي“ رکيو ويو آهي. ان کان سواءِ هڪ خاص ريل گاڏيءَ جو نالو بہ ”بھاءُ الدين ذڪريا ايڪسپريس“ رکيل آهي، جيڪا روزانو ڪراچيءَ کان ملتان هلندي آهي.
1182.00.00 عيسوي
بَهاءُ الدين ذڪريا: شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني ، جيڪو عام طرح غوث ” بهاءُ الحق “ جي نالي سان مشهور آهي ، سهروردي سلسلي جو هڪ درويش ۽ ولي ٿي گذريو آهي . ’ تاريخ فرشته ‘ جي بيان مطابق پاڻ 578هه/ 1182ع ۾ ملتان جي ويجهو ” ڪوٽ ڪروڙ “ ۾ پيدا ٿيو
0578.00.00 هجري
بَهاءُ الدين ذڪريا: شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني ، جيڪو عام طرح غوث ” بهاءُ الحق “ جي نالي سان مشهور آهي ، سهروردي سلسلي جو هڪ درويش ۽ ولي ٿي گذريو آهي . ’ تاريخ فرشته ‘ جي بيان مطابق پاڻ 578هه/ 1182ع ۾ ملتان جي ويجهو ” ڪوٽ ڪروڙ “ ۾ پيدا ٿيو
1262.12.21 عيسوي
661هه/ 21 ڊسمبر 1262ع تي ملتان ۾ وفات ڪيائين .
0661.00.00 هجري
661هه/ 21 ڊسمبر 1262ع تي ملتان ۾ وفات ڪيائين .
1246.00.00 عيسوي
644 هه/ 1246ع ۾ جڏهن منگولن ملتان جو گهيرو ڪيو ۽ هرات جو حڪمران به انهن سان ملي ويو ، تڏهن شيخ بهاءُ الدين ذڪريا حملي آورن کي پنهنجي هڙان هڪ لک دينار پيش ڪري ، انهن کي محاصرو ختم ڪرڻ تي راضي ڪيو