بهادرخان کوکر: هيءُ مير مراد علي خان، واليءَ خيرپور وٽ وڏو بلوچي سردار هو. هڪڙي ڀيري گهڻي شراب پيئڻ ڪري، ميرصاحب موقوف ڪري ڇڏيس. انهن ڏينهن ۾ شراب بلڪل ڪم نہ ايندو هو، دوا ۾ بہ نہ وجهندا هئا. هيءُ بلوچ ميرصاحبن جي طرفان گهڻين جنگين ۾ وڙهيو ۽ وڏو بھادر هو.