سماج سڌارڪ تارا چند شوقيرام

سماج سڌارڪ تارا چند شوقيرام

تارا چند شوقيرام

تارا چند شوقيرام: سماج سڌارڪ راءِ بھادر ديوان چند شوقيرام'>تارا چند شوقيرام، اڳوڻو پرنسپال ٽريننگ ڪاليج، حيدرآباد، 20 جون 1850ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ پيدا ٿيو. چاليھہ سال کن حيدرآباد جي عامل پنچائت جو مکي رهيو. ڪيترن ضرورتمند ماڻهن جي مالي مدد ڪيائين. حيدرآباد جي برهمو مندر وٽ پنھنجي ڀاءُ ساڌو هيرانند جي نالي باغيچو ٺهرايائين، پنھنجي ماءُ شريمتي جواهر ٻائيءَ جي نالي هيرآباد ۾ ڇوڪرين جو اسڪول کولرايائين. سنڌ جي گورنر سر لانسلاٽ گرهام سان دوستي هوندي هئس. حـيدرآباد جـو ”هوپ فــل فــري اسڪـول“، ”ديـــوان نـول راءِ ۽ ديــوان تاراچند جي نالي پٺيان سڏجي ٿو. برهمو سماج وارن ڪراچيءَ جي سولجر بازار ۾ هڪ سنڌي اسڪول بہ سندس نالي پـويان کـوليو هو. حضرت شاھہ عبدالطيف ڀٽائي جو رسالو ترتيب ڏيئي سال 1900ع ۾ تعليم کاتير طرفان شايع پڻ ڪرايائين. سندس والد شوقيرام مختيارڪار جي عهدي تي هو. هي پاڻ ۾ ٽي ڀائر هئا. (1) ديوان نولراءِ، (2) تاراچند شوقيرام (3) ساڌو هيرانند. تاراچند وارا ڀائر سماج سڌارڪ هئا. تاراچند شوقيرام 25 ڊسمبر 1938ع ۾ ديهانت ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1850.06.20  عيسوي

تارا چند شوقيرام، اڳوڻو پرنسپال ٽريننگ ڪاليج، حيدرآباد، 20 جون 1850ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ پيدا ٿيو.


1938.12.25  عيسوي

تاراچند شوقيرام 25 ڊسمبر 1938ع ۾ ديهانت ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عابدہ گهانگهرو ڊاڪٽر
ڪان موتيھار
آغا صوفي
ايڊورڊ سعيد
علياڻي محمد ڄام
اعتبار علي جاگيراڻي
پرسو ڀڳت
آغا بدر الدين گهنيو
الھداد ٻوهيو ڊاڪٽر
ڪلال
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون