تانيا ٽوپي

تانيا ٽوپي

جهانسيءَ جي راڻي

جهانسيءَ جي راڻي

نا نا صاحب

نا نا صاحب

جنرل سمٿ

جنرل سمٿ

تانتيا ٽوپي

تانتيا ٽوپي: تانتيا ٽوپي جو اصل نالو رامچندر پنڊورنگ ٽوپي هو، سندس جنم 1814ع ڌاري مهاراشٽر جي ڳوٺ ’يئولا‘ ۾ ٿيو. هو نانا صاحب جو بھادر سپھہ سالار هو. 1857ع جي آزاديءَ واري جنگ ۾ جن ڪردارن ماڻهن کي سڀ کان وڌيڪ اتساهيو، تن ۾ نانا صاحب، عظيم الله، جهانسيءَ جي راڻي ۽ تانتيا ٽوپي سرفهرست آهن. آڪسفرڊ هسٽري آف انڊيا، ٽئين ڇاپي ۾ ان بغاوت جي آغاز بابت ڄاڻايل آهي تہ:”1857ع جي شروعات کان وٺي فوج ۾ بيچيني وڌي رهي هئي، جنوريءَ ۾ ڪلڪتي ڀرسان ڊمڊم وٽ فوجي جوانن ڪارتوس موٽائي ڏنا، جو انهن ۾ چرٻي (سوئر ۽ ڳئون جي) لڳل هئي. مارچ ۾ برڪ پور وٽ هڪ پلٽڻ ڇڙوڇڙ ڪئي وئي، باهين لڳڻ جا واقعا ٿي رهيا هئا ۽ افواھہ پکڙي رهيا هئا. سچ پچ بغاوت 10 مارچ (1857ع) تي ميرٺ ۾ ٿي هئي، ڪجهہ رسالن (پلٽڻن) ڪارتوس وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ کين زنجيرن ۾ بند ڪيو ويو. ٽن پلٽڻن کي آچر جي شام جو عبادت جي وقت آزاد ڪيو ويو، جن پنهنجن عملدارن کي مارايو ۽ دهليءَ روانا ٿيا. جيتوڻيڪ ان وقت هندستان ۾ 2000 يورپي موجود هئا، پر دهليءَ ۾ يورپي فوجي ڪو نہ هئا. قلعي تي بيهاريل هندستاني لشڪر ساڻن ساٿ ڏنو، شھر تي قبضو ڪيو ويو ۽ شام جو بھادر شاھہ ظفر کي حڪمران/ مهندار بنايو ويو، جيڪو بي دليو ۽ گهٻرايل لڳي رهيو. سندس متيون منجهي ويون هيون.“”جنگ آزاديءَ (غدر) جا ٽي دور آهن: پهرئين دور ۾ 1857ع جو سخت اونهارو اچي وڃي ٿو، جڏهن مسئلو فقط اهو هو تہ ڀڙڪيل باھہ کي ڪيئن روڪجي. ٻيو دور هو سرءَ ۾ لکنوء ۾ مدد لاءِ ڪارروائي ۽ ڪمڪ پهچائڻ وارو دور ۽ ٽئين دور ۾ سر ڪالن ڪئمپ بيل ۽ هُگ روز جون ڪارروايون اچي وڃن ٿيون، جن باغين جي سگهہ کي ڪاپاري ڌڪ هنيو هو. هڪ پويون دور بہ هو، جنهن ۾ پوچيءَ وانگر پوئين ڪارروائي ڪئي وئي ۽ اپريل 1859ع ۾ تانتيا ٽوپي کي گرفتار ڪيو ويو.جهانسيءَ جي راڻيءَ جي بي انتها جرئت ۽ تانتيا ٽوپي جي ذهانت ان ڪارڻ کي نراسائيءَ مان ڪڍي ورتو هو، جو پنھنجي ڪارپت وڃائي ويٺو هو. مارچ 1858ع ۾ سر هگ روز جهانسيءَ تي قبضو ڪيو ۽ تانتيا ٽوپي جي مدد پهچائيندڙ فوج کي شڪست ڏني. مئي مهيني ۾ جڏهن ڪؤنج فتح ڪيو ويو تہ جدوجھد پوري ٿي چڪي هئي ۽ راڻي ۽ تانتيا گواليار ڏانهن وريا. راجا جي ذاتي فوج کي پنھنجي پاسي آندائون ۽ قلعي تي قبضو ڪيائون، جو گاديءَ جو هنڌ بہ هو. ٻہ وڌيڪ جنگيون لڳيون، جن مان راڻي هڪ سپاهيءَ جي ورديءَ ۾ سپاهيءَ وانگر شهادت ماڻي. 20 جون تي گواليار جي شڪست کان پوءِ بغاوت ذري گهٽ ختم ٿي وئي ۽ ننڍيون ننڍيون ڪارروايون رهجي ويون. 7 جولاءِ 1858ع تي ڪننگهام امن جو اعلان ڪيو.“تانتيا ٽوپي، جيئن تہ نانا صاحب جو سپھہ سالار هو ۽ رهيل سپاهين سان گڏجي پوئين پساھہ تائين ويڙھہ ڪئي هئائين. 1857ع جي آزاديءَ لاءِ قومي رٿا ڪانپور ۾ ٿي هئي. نانا صاحب جو ڀاڻيجو راءُ صاحب ۽ منشي عظيم خان ۽ هن جو مشھور سپھہ سالار تانتيا ٽوپي هو. پنڊت سندر لال ڪتاب ”سن ستونجاھہ“ ۾ لکيو آهي تہ: ”لکنوء جو سمورو شهر، جنهن وقت رت جي سمنڊ ۾ تري رهيو هو، ريزيڊنسيءَ جا انگريز قيدي قيد مان آزاد ٿي ويا هئا، سر ڪالن ڪئمپ بيل ريزيڊنسيءَ کي ڇڏي، عالم باغ ۾ پنھنجي فوج ۽ توپون گڏ ڪيون. ميجر آئوٽ رام کي اتان جو سپھہ سالار مقرر ڪيو ويو ۽ لکنوء شھر تي حملي جي تياري ٿي وئي هئي، ايتري ۾ ڪئمپ بيل کي ڪانپور مان اطلاع مليو تہ نانا صاحب جي مشھور سپھہ سالار انگريزن جي فوجکي شڪست ڏئي، وري انهيءَ شھر تي قبضو ڪري ورتو آهي. ڪئمپ بيل ان وقت آئوٽرام کي لکنوء ۾ ڇڏي، پاڻ ڪانپور فتح ڪرڻ لاءِ ٻيهر هليو ويو....”16 جولاءِ 1857ع تي جنرل هيو لاڪ جي فوج آباد مان اچي وري ڪانپور فتح ڪئي. نانا صاحب پنھنجي ڀاءُ بالا صاحب ۽ ڀاڻيجي راءِ صاحب سان گڏجي جنرل هيو لاڪ تي وري ڪاھہ ڪرڻ لاءِ فوج ڪٺي ڪري رهيو هو. تانتيا ٽوپيءَ کي هنن شوراج پور موڪليو. شوِ راج پور پهچي تانتيا ٽوپيءَ ڪمپنيءَ جي 42 نمبر پلٽڻ کي پنھنجي پاسي ڪيو ۽ ان جي مدد سان هڪ ڀيرو ٻيهر بٺور تي قبضو ڪيو. جڏهن هيو لاڪ لکنوء وڃڻ چاهيو ٿي تہ هن سندس فوج تي پٺيان حملو ڪيو. نتيجي طور هيو لاڪ کي لکنوء جو ارادو ترڪ ڪري پٺتي هٽڻو پيو. 16 آگسٽ 1857ع تي هيو لاڪ جي فوج وري تانتيا ٽوپيءَ جي فوج تي سرسي حاصل ڪري ورتي. تانتيا ٽوپي باقي رهيل فوج سان فتح پور ۾ نانا صاحب وٽ پهتو. ان کان پوءِ تانتيا ٽوپي اولائتي ۽ گپت رستي گواليار پهتو. گواليار جي ويجهو مَرار جي ڇانوڻيءَ ۾ سنڌيا جي زبردست فوج هئي، جنهن ۾ پيدل پلٽڻون، سوار ۽ توب خانا هئا. تانتيا ٽوپيءَ ساري فوج کي انقلاب جي طرف موڙيو. ان کي وٺي تانتيا ٽوپي مرارجيءَ کان ڪالپيءَ آيو. ڪالپيءَ جو قلعو جمنا جي ٻيءَ ڀر 46 ميل پري هو. 9 نومبر 1857ع تي تانتيا ٽوپيءَ ڪالپيءَ جو قلعو هٿ ڪيو ۽ پوءِ ڪالپيءَ کي ئي پنهنجو مرڪز بڻايو. بالا صاحب کي اتي مقرر ڪري، تانتيا ٽوپي فوج وٺي ٻيهر ڪانپور ڏانهن وڌيو. ان ۾ شڪ نہ آهي تہ استقلال، بهادريءَ ۽ ڦڙتيءَ ۾ ٻين هندستانين سان ٺاھہ ڪرڻ جي قابليت ۾ تانتيا ٽوپي پنهنجو مٽ پاڻ هو. جنرل ونڊهم ان وقت ڪانپور ۾ هو. 19 نومبر 1857ع تي تانتيا ٽوپي ونڊهم جو گهيرو ڪيو ۽ هن جي ٻاهرين رسد بند ڪري ورتائين. وندهم پنهنجيءَ فوج سان ڪانپور مان سندس مقابلي لاءِ نڪتو. 26 نومبر تي پانڊو نديءَ تي تانتيا ٽوپيءَ ۽ ونڊهم جي فوجن ۾ گهمسان جي جنگ لڳي. چيو وڃي ٿو تہ پهرئين حملي ۾ تانتيا ٽوپيءَ جو ڪافي نقصان ٿيو، پر تانتيا جي قابليت تسليم ڪندي تاريخدان مالي سن لکيو آهي تہ:”باقي فوج جو رهنما بيوقوف نہ هو. هو اهو نقصان ڏسي هيسيو نه، هن انگريز سپھہ سالار ونڊهم جي ڪمزوريءَ کي چڱيءَ ريت ڄاتو ٿي، تانتيا ٽوپي ان وقت ونڊهم جي حالت ۽ سندس ضرورتن کي اهڙيءَ ريت پروڙي ورتو، جيئن ڪو کليل ڪتاب کي پڙهندو آهي. تانتيا ٽوپيءَ ۾ هڪ سچي سپھہ سالار جون سموريون وصفون موجود هيون. هن ونڊهم جي انهن ڪمزورين مان فائدي وٺڻ جو ارادو ڪيو.“ ٻئي ڏينهن تانتيا ٽوپيءَ جي فوج ونڊهم جي فوج کي گهيري ۾ آڻي، پٺتي هٽائڻ شروع ڪيو، ان حد تائين جو اڌ ڪانپور تانتيا ٽوپيءَ جي فوج جي قبضي ۾ اچي وئي ۽ ونڊهم جي فوج شڪست کارائي ڀڄائي وئي. ڪيئي انگريز آفيسر جنگ ۾ ماريا ويا. ٽئين ڏينهن جي لڙائيءَ جي هار جو بيان، ڪندي هڪ انگريز آفيسر پنھنجي خط ۾ لکيو تہ:”انگريزي فوج پنھنجي فتح جي جهنڊن، پنهنجن اصولي نعرن ۽ پنھنجي مشھور بهادريءَ جي باوجود پٺتي ڌڪي وئي. اهي هندستاني جن کي اسان حقير سمجهندا هئاسين ۽ چيڙائيندا رهيا آهيون، تن انگريزي فوج کان سندن ڪئمپ، سندن سامان، مال اسباب کسي ورتا. اٺ هاٿي، گهوڙا ۽ نوڪر سڀ انهن کي ڇڏي ڀڄي ويا. اهو سارو واقعو نهايت افسوسناڪ ۽ شرمناڪ آهي.“انهيءَ شڪست کان مجبور ٿي سرڪالن ڪئمب بيل کي لکنو ڇڏڻو پيو، تانتيا ٽوپيءَ کي جيئن اها خبر پئي تہ هن گنگا جي پل ڊاهي ڇڏي ۽ گنگا جي ڪناري پنهنجون توپون کوڙي ڇڏيون. پوءِ بہ سرڪالن ڪئمپ بيل، تانتيا ٽوپيءَ جي توبن کان بچي، ٻيءَ جاءِ تان گنگا پار ڪئي ۽ 30 نومبر تي ڪانپور جي ويجهو پهچي ويو. ان وقت نانا صاحب بہ تانتيا ٽوپيءَ جي مدد لاءِ ڪانپور پهچي ويو هو. مالي سن لکيو آهي تہ:”سپھہ سالار جي حيثيت ۾ تانتيا ٽوپيءَ جي قدرتي قابليت ڏاڍي گهڻي هئي. گنگا جي ڪناري تي ئي هن ڪئمپ بيل جي فوج کي گهيرو ڪيو. پهرين ڊسمبر کان 1857ع تائين گهمسان جي جنگ ٿي، ٻنهي جي سگهہ هڪ جيتري هئي ۽ فوجون مٽومٽ هيون، تانتيا ٽوپيءَ جي سڄي پاسي گواليار جي فوج هئي، جيڪا آخر ۾ سکن ۽ انگريزن جي گڏيل حملي سبب پٺتي موٽڻ لڳي. ميدان سرڪالن ڪئمپ بيل جي هٿن ۾ رهيو. ڪانپور جي شھر تي وري ڪمپنيءَ جو قبضو ٿي ويو. تانتيا ٽوپي پنھنجي رهيل سھيل فوج وٺي ۽ توپون کڻي ڏکڻ ڏانهن نڪري ويو. انگريزي فوج سندس پيچو ڪيو، شوراج پور ۾هڪ ٻي جنگ ٿي، جنهن ۾ تانتيا ٽوپي باقي فوج سميت ڪالپيءَ ڏانهن نڪري ويو. انگريز فوج ڪانپور واپس آئي. هن ڀيري سرڪالن ڪئمپ بيل بٺور جي محلن کي ڪيرائي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو.“1859ع جي هن جنگ آزاديءَ جو اهم ڪردار تانتيا ٽوپي آهي. دنيا جي آزاديءَ جي جدوجھد جي تاريخ ۾ ٽيپو سلطان، جهانسيءَ جي راڻيءَ ۽ تانتيا ٽوپيءَ جھڙا ڪردار ورلي ٿا ملن، جن سان بي انتها وفاداري بہ ڪئي وئي ۽ جن سان وک وک تي غداري بہ ڪئي وئي. پوءِ بہ هي نہ بي دليا ٿيا، نہ همت هاريائون ۽ نہ پٺ ڏنائون. آخري دم تائين وڙهندي وڙهندي ماريا ويا. انهن ٽنهي مان تانتيا ٽوپي هٺيئين طبقي سان واسطو رکندو هو. جمنا جو ڏاکڻو پاسو ۽ ونديا ڇل جو سارو اتر وارو علائقو 11 مهينا انقلابين جي هٿ ۾ رهيو، جيڪا کيپ مهاراڻيءَ لڪشمي ٻائيءَ کٽي. هيوروز جي هٿ هيٺ وڏي فوج، جنهن ۾ حيدرآباد، ڀوپال ۽ ٻين رياستن جون فوجون شامل هيون، سي ان علائقي جي فتح لاءِ ٻيهر موڪليون ويون. 6 جنوري 1858ع تي سر هيو روز ميسور کان روانو ٿيو. راءِ ڳڙھہ، ساگر، بانا پور، چنديري وغيرہ فتح ڪري، هيءَ فوج 20 مارچ 1858ع تي جهانسيءَ جي ويجهو اچي وئي. جهانسي ان وقت انقلابين جو خاص مرڪز هئي، شھر اندر باناپور جي راجا ۽ سردار راڻيءَ جي مدد لاءِ موجود هئا. راڻي لڪشمي ٻائيءَ ڪمپنيءَ جي فوج ڀڄڻ کان اڳ پري پري تائين سمورو علائقو ويران ڪرائي ڇڏيو هو تہ جيئن انگريزن کي ڪا رسد پهچي نہ سگهي، پر مهاراجا سنڌيا ۽ ٽيڪم ڳڙھہ جي راجا، ڪمپنيءَ جي فوج کي گاھہ ۽ رسد جو انتظام ڪري ڏنو. اهاحالت ڏسي راڻي لڪشمي ٻائي (جهانسيءَ جي راڻي) انقلابين جي سپھہ سالاري پاڻ سنڀالي ورتي، فصيل تي توبون نصب ڪيون ويون. 24 مارچ 1858ع تي انگريزي فوج تي توب جا گولا اڇلايا ويا، 8 ڏينهن لڳاتار جنگ هلي، پر ڪمپنيءَ جي زبردست فوج ۽ وسيع سامان جي مقابلي ۾ جهانسيءَ جي فوج جو اڪيلو ڄمي بيهڻ مشڪل هو. تانتيا ٽوپيءَ جي فوج جمنا جي اتر ۾ هئي. جمنا پار ڪري هو چرکاريءَ جي راجا وٽ پهتو، پر راجا آزاديءَ جي جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ کان انڪار ڪيو. تانتيا ٽوپيءَ چرکاريءَ تي حملو ڪري، راجا کان 24 توبون بہ کسيون ۽ ٽي لک رپيا تاوان بہ ڀرائي ورتو. ان کان پوءِ تانتيا ٽوپي ڪالپيءَ پهتو. اتي هن کي راڻيءَ جو خط پهتو، جنهن ۾ هن کي جهانسيءَ جي مدد ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي وئي هئي. تانتيا، جهانسيءَ جي طرف وڌيو تہ ڪمپنيءَ جي فوج وچ ۾ اچي وئي. ان جي سامهون جهانسيءَ جي راڻي هئي ۽ پٺيان تانتيا ٽوپي. ان جنگ ۾ تانتيا جي فوج ڪامياب نہ ٿي ۽ ڪمپنيءَ حملو ڪري ڏيڍ هزار سپاهي ماري وڌا ۽ توبون بہ قبضي ۾ڪري ورتيون. ان کان پوءِ جهانسيءَ جي حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي، پوءِ بہ راڻيءَ همت نہ هاري. 2 اپريل تي انگريز فوج جهانسيءَ تي پهريون ڀيرو حملو ڪيو. حملو چئني طرفن کان ڪيو ويو. راڻي گهوڙي تي سوار، سپاهين ۽ آفيسرن کي اتساھہ ڏياريندي رهي، انهن ۾ زيور ۽ خلعتون ورهائيندي رهي. وڄ وانگر ڪڏهن هيڏانهن، ڪڏهن هوڏانهن ٿي وئي. انگريزن پهرين شھر جي اتر طرف زور رکيو، اٺن جاين تي ڏاڪڻيون رکيون ويون. راڻيءَ جي توبن پنهنجو ڪم جاري رکيو. انگريز آفيسر ڊڪ ۽ مچل ڏاڪڻين تي چڙهي پنھنجي سپاهين کي سڏيو، پر ٻئي ڄڻا گولين سان ڍير ٿي ويا. سندن جاءِ تي بونس ۽ فاڪس آيا، پر اهي بہ گولين جو کاڄ ٿي ويا. اٺ ئي ڏاڪڻيون ٽٽيون پيون ۽ انگريزي فوج کي پوئتي هٽڻو پيو. اتر طرف کان ڪمپني (انگريز) فوج دروازو پٽي نہ سگهي، پر ڏاکڻي طرف کان ڪنهن مقامي غدار جي مدد سان ڪمپنيءَ جي فوج ڏاکڻي در کان شھر ۾ گهڙي آئي ۽ نيٺ ان محل جو گهيرو ڪري ورتو. راڻي قلعي جي فصيل تان شهرين جو قتل عام ڏسي جوش ۾ اچي وئي ۽ هڪ هزار فوج سان گڏجي انگريزن تي وڄ وانگر ڪڙڪي پئي. ٻنهي طرفن کان بندوقون اڇلي تلوارن سان ويڙھہ شروع ٿي وئي. ڪيتريون جانيون ضايع ٿيون. ڪمپنيءَ جي فوج کي ڪافي پوئتي هٽڻو پيو. اچانڪ راڻيءَ کي خبر پئي تہ صدر دروازي جو محافظ سردار خدا بخش ۽ توب خاني جو عملدار سردار غلام غوث خان مارجي ويا آهن، مطلب تہ اتر وارو صدر دروازو بہ انگريزن جي هٿ ۾ اچي ويو آهي. راڻيءَ ان رات جهانسي ڇڏي، هٿيار ٻڌي، مرداڻي ويس ۾ پنھنجي گود ۾ ورتل پٽ دامودر کي چيلھہ سان سوگهو ٻڌي، قلعي جي ديوار تان هڪ هاٿيءَ جي پٺيءَ تي ٽپ ڏنو ۽ پنھنجي پياري سفيد گهوڙي تي سوار ٿي ڏهن پندرهن سوارن سان گڏ ڪالپيءَ رواني ٿي وئي. انگريزن سندس پيڇو ڪيو، پر راڻي سڄي رات گهوڙو ڊوڙائيندي صبح جو ڀانڊ ڀرنام ڳوٺ ۾ ڪجهہ وقت ترسي، پٽ کي کير پياريائين. جڏهن ڏٺائين تہ انگريز فوج اڃا سندس پيڇي ۾ آهي تہ گهوڙي تي ٽپ ڏئي چڙهي ۽ ڪالپيءَ ڏانهن وڌي، انگريز ليفٽيننٽ راڻيءَ کي جڏهن ويجهو اچي ڀڳو تہ راڻي تلوار جو وار ڪري کيس زخمي ڪري وڌو ۽ هو گهوڙي تان ڪري پيو ۽ سندس ساٿي پوئتي موٽي ويا. راڻي ۽ سندس ساٿي تڪڙا گهوڙا ڊوڙائيندا رهيا، شام ٿي وئي ۽ رات جا تارا اڀري آيا، پر راڻي ڪٿي بہ نہ بيٺي. اڌ رات جو پٽ دامودر کي چيلھہ سان ٻڌل کڻي جهانسيءَ کان 102 ميل پري ڪالپيءَ پهتي. راڻيءَ جو پيارو گهوڙو ڪالپيءَ پهچڻ سان ڪري پيو ۽ مري ويو. صبح جو راڻيءَ نانا صاحب جي ڀاڻيجي راءِ صاحب ۽ تانتيا ٽوپيءَ سان ملاقات ڪري صلاح مشاورت ڪئي. جهانسيءَ جي راڻي، راءِ صاحب، تانتيا ٽوپي، باندھہ جو نواب، شاهپور ۽ بانا جو راجا ۽ ڪجهہ ٻيا انقلابي ڪالپيءَ ۾ پنھنجي پنھنجي فوج سميت موجود هئا. ان زبردست فوج لاءِ دشمن انگريز تي فتح حاصل ڪرڻ ڏکي ڳالھہ نہ هئي، پر انقلابين ۾ اهڙو ڪو شخص نہ هو، جيڪو باقي ٻين کي پنھنجي حڪم جي تابع رکي سگهي. راڻي سڀني کان قابل هئي، پر هوءَ عورت هئي ۽ هن جي عمر فقط 22 سال هئي. تانتيا ٽوپي هڪ بھادر ۽ هوشيار سپھہ سالار هو، پر هو هڪ معمولي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو هو. قديمي خانداني راجائن کي هڪ عورت يا معمولي خاندان ۾ پيدا ٿيل هڪ شخص تانتيا ٽوپيءَ جي هٿ هيٺ گڏ ڪرڻ آسان نہ هو. پوءِ بہ جهانسيءَ جي راڻي ڪجهہ فوج وٺي ڪالپيءَ کان 42 ميل پري ڪنچ ڳوٺ پهتي. ڪنچ ڳوٺ ۾ سر هيو روز جي فوج سان هن جي فوج دوبدو ٿي. رهنمائن ۾ تفرقو ۽ بدانتظامي قائم رهي، هنن راڻيءَ جي مرضيءَ موجب مدد نہ ڪئي. نتيجي طور ڪنچ ڳوٺ بہ انقلابين هارايو. سر هيوروز هاڻي ڪالپيءَ تي حملو ڪيو، جهانسيءَ جي راڻيءَ پنھنجي شڪست کاڌل فوج کي اتساهيو ۽ وڏي گمهسان جي جنگ لڳي. هڪ دفعي انگريز فوج کي سڄي طرف پٺتي موٽڻو پيو ۽ ڪمپنيءَ جا توبچي پنهنجون توبون ڇڏي ڀڄي ويا. جهانسيءَ جي راڻي پنھنجي گهوڙي تي سڀني کان اڳ ۾ هئي. سر هيوروز سڄي رخ کان مڙي، جهانسيءَ جي راڻي جي مقابلي لاءِ وڌيو. آخر ۾ سوڀ سر هيو روز جي ٿي. 24 مئي 1858ع تي ڪمپنيءَ جي فوج ڪالپيءَ ۾ داخل ٿي وئي. ڪالپيءَ جي قلعي ۾ انگريزن کي 700 مڻ بارود، بيشمار هٿيار ۽ سامان هٿ آيو. جهانسيءَ جي راڻي، باندھہ جي نواب ۽ راءِ صاحب سميت ٿوري فوج ساڻ ڪري ڪالپي ڇڏي نڪري وئي. انقلابين وٽ نہ هاڻي سامان هو ۽ نہ ڍنگ جي فوج، نہ ڪوئي قلعو، پوءِ بہ جهانسيءَ جي راڻي ۽ تانتيا ٽوپيءَ همت نہ هاري. تانتيا ٽوپي ڳجهي رستي ڪالپيءَ مان نڪري گواليار پهتو. گواليار پهچي هن مهاراجا سنڌيا جي فوج ۽ رعيت کي پنھنجي پاسي ڪيو ۽ نئين فوج وٺي پوئتيمڙيو. جهانسيءَ جي راڻيءَ راءِ صاحب کي پهرين گواليار فتح ڪرڻ جي صلاح ڏني تہ جيئن وري انقلابين کي هڪ نئون مرڪز ملي سگهي. 28 مئي 1958ع تي سڀ انقلابي رهنما گواليار جي سامهون پهچي ويا ۽ مهاراجا سنڌيا کي خط لکيائون تہ اسان توڏانهن دوستيءَ جو هٿ وڌايون ٿا، پراڻا ناتا ياد ڪريو، اسان کي اوهان مان اميد آهي تہ جيئن ڏکڻ طرف وڌي سگهون.جيا جي راءِ سنڌيا دوستيءَ جو هٿ وڌائڻ بدران پهرين جون 1858ع تي پنھنجي فوج ۽ توبن سان هنن انقلابين جي مقابلي لاءِ نڪتو. سنڌيا جي ارادي کي ڏسي جهانسيءَ جي راڻي 300 سوارن سميت مٿس ڪاھہ ڪئي. سنڌيا جي فوج اڳيئي تانتيا ٽوپيءَ جي حڪمت عمليءَ ۽ رابطي جي ڪري باغي ٿي انقلابين سان اچي ملي. گواليار جون توبون ٿڌيون ٿي ويون. جيا جي راءِ سنڌيا ۽ سندس وزير ونڪر راءِ کي ميدان ڇڏي آگري ڀڄي وڃڻو پيو. گواليار جي رعيت خوشيءَ ۽ جوش مان انقلابين جو آڌر ڀاءُ ڪيو. گواليار جي فوجي پيشوا نانا صاحب جي نمائندي راءِ صاحب کي سلامي ڏني. سنڌيا جي وزير ماليات امر چند ڀاٽيا سارو خزانو انقلابي رهنمائن جي حوالي ڪري ڇڏيو. 3 جون 1858ع تي ڦول باغ ۾ هڪ وڏي درٻار ٿي، جاگيردارن، سردارن ۽ اميرن پنھنجي پنھنجي جاءِ والاري، عرب، روهيلا، راجپوت ۽ مرهٽا پلٽڻون پنهنجون ورديون پائي درٻار ۾ پهچي ويون. پيشوا جو شھر پناھہ ۽ ڪلنگي راءِ صاحب جي مٿي تي رکيو ويو ۽ ساري درٻار کيس پيشوا تسليم ڪيو. هن جا وزير بہ مقرر ڪيا ويا ۽ تانتيا ٽوپي سندس خاص سپھہ سالار مقرر ٿيو. ويھہ لک رپيا فوج ۾ ورهايا ويا ۽ آخر ۾ توبن جي سلامي ٿي.اهڙي طرح تانتيا ٽوپي، جهانسيءَ جي راڻي لڪشمي ٻائيءَ، دهلي، ڪانپور ۽ لکنوء کي هڪ نئون ۽ زبردست مرڪز عطا ڪيو. لڪشمي ٻائيءَ ان ڳالھہ تي زور ڏنو تہ هاڻي سڀ ڪجهہ ڇڏي، فوج کي تيار ڪري ميدان ۾ آندو وڃي. راءِ صاحب ۽ ٻين اڳواڻن راڻيءَ جي مشوري ڏانهن ڪو خاص ڌيان نہ ڏنو ۽ قيمتي وقت دعوتن ۽ جلسن ۾ برباد ڪيو. ان وچ ۾ سر هيو روز پنھنجي فوج سميت تيزيءَ سان گواليار تي ڪاهي آيو. هن مهاراجا سنڌيا کي بہ پاڻ سان گڏ رکيو. لڪشمي ٻائيءَ هڪ ڀيرو وري ڇڙوڇڙ فوج ۾ روح ڦوڪيو، شھر جي تنظيم ڪيائين، اوڀر واري دروازي جي حفاظت جو ذمو پاڻ تي کنيائين، ساڻس گڏ سندس ٻہ سهيليون مندرا ۽ ڪاشي گهوڙن تي سوار هيون ۽ بهادريءَ سان هٿيار هلائي رهيون هيون. مشھور انگريز سپھہ سالار جنرل سمٿ، لڪشمي ٻائيءَ جي مقابلي لاءِ اڳتي وڌيو ۽ ڪيترا ڀيرا سندس فوج اوڀر طرف ڦاٽڪ تي حملو ڪيو، پر هر ڀيري کين پوئتي هٽڻو پيو. لڪشميءَ ٻاهر نڪري انگريز فوج تي ڪيترا ڀيرا وار ڪيا، ڪيترا انگريز فوجي ماري وري اچي ڦاٽڪ سنڀاليائين. هوءَ وڄ وانگر هيڏانهن هوڏانهن آئي وئي پئي. 17 جون 1858ع تي ميدان لڪشمي ٻائيءَ جي هٿ ۾ رهيو. 18 جون تي جنرل سمٿ وڌيڪ فوج وٺي ڦاٽڪ تي ڪاهيو ۽ مختلف طرفن کان گواليار جو گهيرو ڪرايو. جنرل سمٿ ۽ سپھہ سالار سر هيو روز راڻيءَ جي مقابلي لاءِ اڳتي وڌيا. راڻي ٻنهي ساهيڙين سان شربت پي رهي هئي. سنگين صورتحال ڏسي شربت جو وٽو اڇلائي ساهيڙين سان گڏ اڳتي وڌي. کيس مرداني پوشاڪ پهريل هئي ۽ سر هيو روز جو بهادريءَ سان مقابلو ڪري رهي هئي. باقي انگريزي فوج ٻين انقلابين سان وڙهندي رهي. راڻيءَ جو گهيرو تنگ ٿيڻ لڳو، گواليار جون توبون ٿڌيون ٿي ويون، ڪيتري فوج ڇڙوڇڙ ٿي وئي. راڻي ٻن ساهيڙين ۽ 15-20 سوارن سان گڏ دشمنن سان ويڙھہ ڪندي سندن سر لڻندي پنھنجي ڇڙوڇڙ فوج طرف وڌي. اوچتو سندس ساهيڙي مندرا کي گولي لڳي ۽ هوءَ گهوڙي تان ڪري پئي. راڻي اڳتي وڌي هڪ ننڍي واهي پار ڪرڻ چاهي، پر گهوڙو نئون هئڻ ڪري ٽپ ڏئي نہ سگهيو ۽ واهيءَ جي پاسي کان چڪر هڻڻ لڳو. راڻيءَ اڪيلي سر دشمنن سان خوب ويڙھہ ڪئي. اوچتو هڪ سوار پٺيان اچي راڻيءَ تي وار ڪيو. هن جي سر جو سڄو پاسو ڌار ٿي ويو ۽ ساڄي اک بہ ٻاهر نڪري آئي، پوءِ بہ هوءَ گهوڙي تي ويٺي رهي ۽ تلوار هلائيندي رهي. ايتري ۾ ٻيو وار راڻيءَ جي ڇاتيءَ تي ٿيو. مٿي ۽ ڇاتيءَ مان رت جو ڦوهارو نڪري آيو. بيهوش ٿيندي ٿيندي راڻيءَ ان گهوڙي سوار کي تلوار سان ٻہ اڌ ڪري ڇڏيو، جنهن هن تي سامهون وار ڪيو هو. راڻيءَ جي وفادار نوڪر جو سندس ڀرسان هو، کيس هڪ ڪٽيا ۾ گهلي ويو، جتي کيس پاڻي پياريو ويو، پر گهڙيءَ پل ۾ هوءَ ٿڌي ٿي وئي ۽ ان ريت جهانسيءَ جي راڻيءَ 19 جون 1858ع تي هي جھان ڇڏيو. تانتيا ٽوپي جي خاص ساٿين نانا صاحب، بالا صاحب ۽ لڪشمي ٻائيءَ مان ڪو بہ نہ رهيو، انگريز هندستان ۾ پير ڄمائي چڪا هئا. خود تانتيا ٽوپيءَ وٽ ڪا ڍنگ جي فوج نہ رهي هئي ۽ نہ سازو سامان، پوءِ بہ هن همت نہ هاري. جهانسيءَ جي راڻيءَ جي اگني سنسڪار کان پوءِ 20 جون 1858ع تي تانتيا ٽوپي گواليار مان نڪري راءِ صاحب، باندھہ جي نواب ۽ رهيل سھيل سپاهين سميت نربدا ڏانهن وڌيو. تانتيا جو مقصد نربدا ندي پار ڪري پيشوا (نانا صاحب) جي نالي تي ڏکڻ جي راجائن ۽ رعايا کي جنگ لاءِ وري تيار ڪرڻ هو. 22 جون تي انگريز فوج تانتيا جو علي پور ۾ گهيرو ڪيو، پر هو بچي ويو. تانتيا ڀرتپور پهتو، انگريز فوج کيس پڪڙڻ لاءِ ڀرتپور پهچي وئي. تانتيا مڙي جئپور ڏانهن وڌيو، جتان جي فوج ۽ رعايا هن لاءِ آتا هئا. هن کين ويڙھہ لاءِ تياري ڪرڻ جو نياپو موڪليو. انگريزن کي ڄاڻُ پيو ۽ هنن هڪدم نصير آباد مان فوج جئپور موڪلي ڏني. ان ڪري تانتيا ڏکڻ طرف مڙيو. ڪرنل هرمس فوج وٺي سندس ڪڍ لڳو. تانتيا انگريزي فوج کي گوهي ڏئي ٽؤنڪ پهچي ويو. ٽؤنڪ جي نواب شھر جا در بند ڪرائي ڇڏيا ۽ پنھنجي ڪجهہ فوج تانتيا ٽوپي جي مقابلي لاءِ چئن توبن سميت موڪلي. فوج جيئن تانتيا جي سامهون آئي تہ ساڻس وڃي گڏي. ائين تانتيا ٽوپي نئين فوج ۽ سامان سميت هاڻي اندر ڳڙھہ ڏانهن وڌيو. زبردست مينهن اچي پيو، پٺيان هرمس فوج سان گڏ تانتيا جي ڪڍ اچي رهيو هو. راجپوتانا جي طرف کان سپھہ سالار رابرٽس جي هٿ هيٺ هڪ فوج تانتيا تي حملي لاءِ رواني ٿي. چمبل ندي تانتيا جي سامهون هئي، جيڪا ڪناتار وهي رهي هئي. تانتيا ٻنهي فوجن ۽ نديءَ کان بچي، بونديءَ طرف وڌيو ۽ نيمچ، نصير آباد جي صوبي ۾ ڀيل واڙ ڳوٺ ۾ اچي ڊاٻو ڪيائين. اها خبر جيئن ئي رابرٽس کي پئي تہ هن 2 آگسٽ 1858ع تي تانتيا تي حملو ڪيو، سڄو ڏينهن جنگ هلي، رات جو تانتيا پنھنجي فوج ۽ توبن سميت ادي پور رياست ۾ ڪوٽڙا ڳوٺ طرف نڪري ويو. 4 آگسٽ 1858ع تي وري انگريزن ڪوٽڙا جو گهيرو ڪيو، جنگ ٿي، پر هن ڀيري تانتيا کي توبون ڇڏي پوئتي هٽڻو پيو. انگريزي فوج تانتيا جو لڳاتار پيڇو ڪندي رهي. تانتيا وري چمبل نديءَ طرف وڌيو. ان وقت هڪ انگريز فوج تانتيا جي پٺيان ۽ ٻي سڄي طرف کان ٿي آئي ۽ ٽين هن جي سامهون چمبل نديءَ جي ڪناري تي موجود هئي. اهڙي وٺ پڪڙ ۾ بہ دنيا جو هي عظيم سپھہ سالار ۽ آزاديءَ جو پروانو انگريزن کي لم ڏئي، چمبل تائين پهچي ويو ۽ عجيب ڦڙتيءَ سان انگريزي فوج کان ڪجهہ فاصلي تان چمبل ندي پار ڪري ويو. هاڻي چمبل ندي تانتيا ٽوپي ۽ انگريزن جي وچ ۾ اچي وئي، پر تانتيا وٽ نہ رسد هئي، نہ توبون، تانتيا سڌو جهالرا پاٽن ڏانهن وڌيو. اتان جو راجا فوج ۽ توبن سميت تانتيا ٽوپيءَ سان ملي ويو. تانتيا ٽوپي عجيب جنگي حڪمت عمليءَ جو ماهر هو ۽ هن جي رابطن ۾ ڪمال جو تسلسل هو. هاڻي تانتيا کي سامان، رسد، فوج وغيرہ سڀ ڪجهہ ملي ويو. جهالرا پاٽن طرف وڌڻ وقت تانتيا وٽ هڪ بہ توب نہ هئي، هاڻي وٽس 22 توبون هيون، تانتيا ٽوپيءَ جهالرا پاٽن جي راجا کان ڏنڊ ڏوھہ ۾ 15 لک رپيا وصول ڪيا. پنج ڏينهن اتي ترسيو، پنهنجيءَ فوج کي پگهارون ڏنائين. راءِ صاحب ۽ باندھہ جو نواب تانتيا ٽوپيءَ سان گڏ هئا. ٽنهي ملي نربدا کي پار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. انگريزن کين روڪڻ لاءِ فوجن جو ڄار پکيڙيو هو، پر تانتيا وٽ کين منهن ڏيڻ لاءِ ڪافي سامان ۽ هٿيار پنهوار هئا، هو هاڻي اندور طرف وڌيو. ان وقت ڇھہ وڏا انگريز سپھہ سالار رابرٽس، هومسن، بارڪ، مچيل، هوپ ۽ ڪوڪارٽ، ڇھن پاسن کان تانتيا ٽوپيءَ کي گهيرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ڪيئي ڀيرا تانتيا ٽوپي انگريزن کي نظر آيو هو، پر هر ڀيري هو کانئن تِرڪي ٿي ويو. نيٺ راءِ ڳڙھہ جي سامهون مچيل جي فوج تانتيا تي اچي ڪڙڪي. ٿوري لڙائيءَ کان پوءِ تانتيا ٽوپي ٽيھہ توبون ميدان ۾ ڇڏي بچي نڪري ويو. رستي تي کيس چار وڌيڪ توبون مليون، جنهن بعد هو اُر طرف وڌيو ۽ سنڌيا جي شھر عيسيٰ ڳڙھہ تي حملو ڪيائين ۽ اتان ٻيون 8 توبون هٿ ڪيائين. کيس هر وقت اهو سوداءُ هو تہ ڪيئن بہ ڪري نربدا ندي پار ڪري. انگريزي فوج سندس چئني طرفن کان گهيرو ڪري کيس ائين ڪرڻ کان روڪڻ ٿي چاهيو. تانتيا جي ان وقت سفر، چالن، حڪمت عملين، فتحن ۽ شڪستن بابت هڪ انگريز مؤرخ لکي ٿو تہ:”ان کان پوءِ تانتيا جي ڀڄي نڪرڻ جو اهو تعجب خيز سلسلو شروع ٿئي ٿو، جو 10 مهينا جاري رهيو، جنهن مان ائين پئي لڳو تہ اسان انگريزن جي سوڀ بيڪار وئي هئي. ان سلسلي سبب تانتيا جو نالو سموري يورپ ۾ اسان جي انگريز سپھہ سالارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مشھور ٿي ويو هو. تانتيا جي اڳيان مسئلو آسان نہ هو. کيس پنھنجي غير منظم فوج کي لڳاتار ايتري تيز رفتاريءَ سان وٺي وڃڻوٿي پيو، جو نہ رڳو سندن پيڇو ڪندڙ فوجون، پر اهي فوجون، جيڪي هن جي سڄي ۽ کٻي پاسي هيون، هٿ مهٽينديون رهجي ٿي ويون. هڪ طرف هو ديواني وانگر ڀڄ ڀڄان ۾ هو، ٻئي طرف هو هڪ درجن شهرن تي قبضو ڪندو ٿي ويو ۽ پاڻ سان نئون سامان گڏ ڪندي هتان هتان نيون توبون هٿ ڪندو ۽ ان کانسواءِ پنھنجي فوج لاءِ نوان رضاڪار رنگروٽ ڀرتي ڪندو ٿي ويو، جن کي روزانو سٺ ميل ڀڄ ڊوڙ ڪرڻي پوندي هئي. تانتيا جا وسيلا صفا ٿورا هئا ۽ پوءِ بہ هن ايترو ڪجهہ ڪري ڏيکاريو، جو ان کان انڪار ڪري ئي نہ ٿو سگهجي تہ هن جي قابليت غير معمولي هئي. هو حيدر عليءَ جي پائي جو جوان مرد هو. چيو وڃي ٿو تہ تانتيا ناگپور مان مدراس وڃڻ چاهيو ٿي، جيڪڏهن هو سچ پچ مدراس پهچي ها تہ اسان لاءِ ايترو ئي خطرناڪ ثابت ٿئي ها، جيترو حيدر علي ٿيو هو. نربدا هن لاءِ ائين رڪاوٽ ثابت ٿي، جيئن انگلش چئنل نيپولين لاءِ ڪرنل پارڪ ۽ ڪرنل نيپيئر جا سفر ايترا ئي تيز هئا، جيترا تانتيا جا، پوءِ بہ تانتيا واري واري سان بچي نڪري ويو. ساريون گرميون پوريون ٿي ويو، برساتون پوريون ٿي ويون، سرديون پوريون ٿي ويون، وري ٻيهر گرمي پوري ٿي وئي، پر تانتيا اڃا وڌي رهيو. ان کان پوءِ تانتيا پنھنجي فوج کي ٻہ اڌ ڪيو. اڌ فوج جو پنھنجي هٿ هيٺ رکيائين ۽ ٻيو اڌ راءِ صاحب جي هٿ هيٺ، ٻئي دستا ٻن طرفن کان اڳتي وڌيا. انگريزن سان ڪيئي لڙائيون ڪيائون ۽ وري للت پور ۾ اچي ڪٺا ٿيا. اتي ڏکڻ ۾ مچل جي فوج، اوڀر ۾ ڪرنل ليڊيل جي فوج، اتر ۾ ڪرنل ميڊ جي فوج، اولھہ ۾ ڪرنل پارڪ جي فوج ۽ چمبل طرف جنرل رابرٽس جي هٿ هيٺ هڪ فوج هئي. پنجن ئي طرفن کان انگريزن جي فوج تانتيا جو گهيرو ڪيو. تانتيا هاڻي انگريز فوج کي ڌوڪو ڏيڻ لاءِ ڏکڻ جو سفر شروع ڪري ڇڏيو ۽ وري تيزيءَ سان اتر طرف وڌڻ لڳو. انگريزن سمجهيو تہ تانتيا ڏکڻ ڏانهن وڃڻ جو خيال ڇڏي ڏنو آهي، پر تانتيا تيزيءَ سان مڙيو ۽ نربدا ندي پار ڪيائين. ڪيجوريءَ ۾ انگريزن سان جنگ ڪيائين ۽ اتان راءِ ڳڙھہ ويو ۽ پوءِ سڌو تير وانگر دکن جي طرف ڌوڪيائين. انگريز سندس چالون ڏسي وائڙا ٿي ويا، جنرل پارڪ هڪ طرف ڌوڪيو، مچل پٺيان ڌوڪيو ۽ بيچر تانتيا جي سامهون وڌيو. پر تانتيا پنھنجي فوج سميت نربدا پهچي ويو ۽ هوشنگ آباد جي ويجهو دنيا جي وڏن وڏن جنگي ماهرن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيائين ۽ نربدا پار ڪري ويو. مؤرخ مالي سين لکي ٿو تہ:”جنهن مضبوطيءَ ۽ استقلال سان تانتيا پنھنجي تجويز توڙ تائين پهچائي، ان جي تعريف نہ ڪرڻ ناممڪن آهي.“لنڊن ٽائيمز جي خاطوءَ لکيو: ”اسان جو نهايت حيرت انگيز دشمن تانتيا ٽوپي ايتري تڪليف ڏيندڙ ۽ چالاڪ دشمن آهي، جو هن جي تعريف ٿي نہ ٿي سگهي. اڳين جون جي مهيني کان هن وچ هند ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي. هن اسان جي جاين کي چيٿاڙي ڇڏيو آهي، خزانا ڦريا آهن ۽ اسان جون مئگزنون خالي ڪيون آهن. لڙايون لڙيون آهن ۽ هار کاڌي آهي، هندستاني راجائن کان توبون کسيون آهن. اهي توبون کسائي، وري هٿ ڪيون اٿس، ۽ وري انهن تان هٿ ڌوتا اٿائين. هن جو سفر بجليءَ وانگر تيز آهي. ڪيئي هفتا ساندھہ هو هر روز ٽيھہ ٽيھہ، چاليھہ چاليھہ ميل ٿو هلي. ڪڏهن نربدا جي هِن پار آهي تہ ڪڏهن هن پار. اسان جي فوجي دستن کان بچي نڪري وڃي ٿو. ڪڏهن پٺيان تہ ڪڏهن اڳيان، ڪڏهن پهاڙين تان، ڪڏهن ندين مان، ڪڏهن ماٿرين مان، ڪڏهن ڌٻڻين مان، ڪڏهن اڳتي آهي، ڪڏهن پٺتي آهي، ڪڏهن هڪ طرف آهي تہ ڪڏهن ڦيرو ڏئي اچي ٿو، اڃا هو هٿ نہ آيو آهي.“آخر ۾ آڪٽوبر 1858ع ۾ تانتيا ٽوپي، پنھنجي فوج سميت راءِ صاحب ۽ باندھہ جي نواب کي ساڻ ڪري ناگپور جي ويجهو پهچي ويو. لارڊ ڪنينگ ۽ هن جا ساٿي گهٻرائجي ويا. مالي سين لکيو آهي تہ:”جنهن ماڻهوءَ کي مهاراشٽر پيشوا ڪري مڃيندي هئي، ان جو ڀاڻيجو فوج سميت مهاراشٽر جي ڌرتيءَ تي پهچي ويو. نظام اسان جو وفادار هو، پر وقت ڏاڍو نازڪ هو. ان کان پهرين بہ اهڙا مثال ٿي چڪا هئا تہ جيڪڏهن ڪنهن راجا پنھنجي قوم جي جذبن کي نہ ليکيو هو تہ قوم ان راجا جي خلاف بغاوت ڪئي هئي. اسان کي اهو ڀؤ هو تہ ڪٿي تانتيا جي فوج سان مهاراشٽر کي اسان جي خلاف هٿيار ڏئي، ڀڙڪائي نہ وجهي. ائين نہ ٿئي تہ سارو مهاراشٽر وديشين خلاف هٿيار کڻي ۽ ان کي ڏسي ڏکڻ (نظام جو علائقو) بہ اڀري نہ پوي!“... اُر ۾ جنهن تانتيا وٽ ماڻهو خوشيءَ سان رسد پهچائيندا هئا، ان وٽ ناگپور ۾ مهاراشٽر جا ماڻهو اچڻ کان ڪيٻائڻ لڳا. تانتيا جي فوج اتي ڪجهہ ڏينهن ترسي تہ ان کي انگريز فوج گهيرو ڪري ورتو. تانتيا جي اتر ۽ ڏکڻ کان انگريزن جون فوجون هيون، ناگپور مان تانتيا کي ڪا ئي مدد نہ ملي. لاچار هو بڙودي ڏانهن وڌيو، نربدا جي گهاٽ تي ٻنهي پاسي انگريزي فوجون ڳاهٽ ٿيون هيون. تانتيا وڌيو تہ ميجر سنڊر لئنڊ جي فوج جو هن سان ٽڪر ٿيو. تانتيا اک ٻوٽ ۾ نربدا پار ڪري ڏيکاري. مالي سين لکيو آهي تہ:”دنيا جي ڪنهن بہ فوج ايتري تيزيءَ سان ڪوچ نہ ڪيو هو، جيتري تيزيءَ سان تانتيا جي فوج ڪري ڏيکاريو.“تانتيا پوءِ راج پور پهتو ۽ اتان جي سردار کان ڪجهہ رپيا ۽ گهوڙا ورتائين. ٻئي ڏينهن تي ادي پور پهتو. بڙودو شھر اتان پنجاھہ ميل هو. فوج کي بڙودي جو خيال دل تان لاهڻو پيو. ٺيڪ انهيءَ وقت باندھہ جي نواب، راڻي وڪٽوريا جي اعلان تي هٿيار ڦٽا ڪيا. تانتيا ٽوپي ۽ راءِ صاحب اڪيلا رهجي ويا. مالي سين لکي ٿو تہ:”پر اهي ٻئي رهنما، انهيءَ سخت مصيبت ۾ بہ ايترو پرسڪون، بھادر ۽ هوشيار هئا، جيترا هو پهرين رهي چڪا هئا.“تانتيا هاڻي ادي پور (ميواڙ) ڏانهن وڌيو. يڪدم ڪيترين انگريزي فوجن هن تي جلھہ ڪئي. هو جهنگ ۾ پيهي ويو. هاڻي تانتيا جو بچڻ محال ٿي لڳو. هڪ ڏينهن اٽڪل چئين وڳي شام جو پرتاب ڳڙھہ وٽ ميجر راڪ جي فوج کي شڪست ڏئي نڪري ويو. 25 سيپٽمبر 1858ع تي تانتيا ٽوپي بانس واڙي جي جهنگ مان نڪتو. ٺيڪ انهيءَ وقت دهليءَ جي شاهي خاندان جو مشھور شھزادو فيروز شاھہ سميت جمنا ۽ گنگا پار ڪري تانتيا جي مدد لاءِ اچي رهيو هو. فيروز شاھہ اڳ ئي اوڌ ۾ وڙهي چڪو هو. هن ملاقات جي ڪهاڻي بہ نهايت دلچسپ آهي. 13 جنوري 1859ع تي فيروز شاھہ، تانتيا ٽوپي ۽ راءِ صاحب جي ملاقات ٿي. سنڌيا جو هڪ سردار مان سنگهہ بہ ساڻن اچي گڏيو،پر ان وقت وري تانتيا تي چئني طرفن کان گهيرو وڌي ويو هو. نيپيئر هن جي اتر ۾ هو، شاورس ڏکڻ ۾، سمر سيٽ اوڀر ۾، سمٿ ڏکڻ-اولھہ ۾، مچيل ۽ بين سين ڏکڻ ۾، نونر اولھہ ۾ هو. اهي سڀ تانتيا جو گهيرو سوڙهو ڪندا ٿي ويا. تانتيا وڙهندي وڙهندي ديوداس پهتو. 16 جنوري 1959ع تي تانتيا، راءِ صاحب ۽ فيروز شاھہ تنبوءَ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا تہ اوچتو ڪنهن انگريز آفيسر جو هٿ تانتيا جي چيلھہ ۾ پيو ۽ انگريز سپاهي تنبوءَ تي اچي ڪڙڪيا. معلوم ٿيو تہ تانتيا ٽوپيءَ کي پڪڙيو ويو آهي، پر اچانڪ اهي ٽئي اڳواڻ وڙهندي وڙهندي کسڪي ويا، چؤ طرف تلاشي ڪئي وئي، پر سندن پتو نہ پيو. 21 جنوريءَ تي ٽئي شگرجيءَ ۾ نظر آيا. انگريز فوج کين گهيرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. تانتيا جون هاڻي اميدون ٽٽي چڪيون هيون، هن جو لِڱ لِڱ چُور ٿي پيو هو ۽ هو مانِ سنگهہ وٽ جهنگ ۾ لڪل هو. تانتيا، فيروز شاھہ ۽ راءِ صاحب کي فوج سان گڏ ڇڏيو هو ۽ پاڻ ئي ماڻهو وٺي مان سنگهہ وٽ ويو. مان سنگهہ ان وقت انگريزن سان ملي چڪو هو، ڇو تہ هن کي جاگير ڏيڻ جو وعدو ڪيوويو هو. فيروز شاھہ کي تانتيا واپس گهرائڻ گهريو، پر مانِ سنگهہ کيس روڪيو. اڌ رات جو تانتيا گهري ننڊ ۾ الوٽ هو، جو مانِ سنگهہ کيس انگريزن جي حوالي ڪري ڇڏيو. مانِ سنگهہ جي غداريءَ جي ڪري هندستان جو عظيم بھادر تانتيا ٽوپي گرفتار ٿي چڪو هو. 18 اپريل 1859ع تي کيس ڦاسي ڏيڻ جو ڏينهن مقرر ٿيو. چؤطرف فوج جو پهرو هو. انگريز زنجيرن ۾ جڪڙيل شينهن تانتيا ٽوپي جي پاڇي کان بہ ڇِرڪي رهيا هئا. کيس هٿن ۾ هٿ ڪڙيون، پيرن ۾ ڏنڊا ٻيڙيون پيل هيون. تاريخون لکن ٿيون تہ انگريزي فوج چوڌاري دڙن تي بندوقون تاڻي بيٺي هئي، ڳوٺن جا هزارين ماڻهو پنهنجن نگاهن سان تانتيا جا پير چمي رهيا هئا. تانتيا ٽوپي آرام ۽ همت سان ڦاسيءَ جي تختي تي چڙهيو. هن جون ٻيڙيون ۽ ڪڙيون ڪاٽيون ويون. تانتيا مرڪندي پنهنجن هٿن سان ڦاسيءَ جو ڦندو پنھنجي ڳچيءَ ۾ وڌو. تختو ڇڪيو ويو. شام تائين تانتيا جو ڌڙ ڦاسيءَ جي رسيءَ ۾ لٽڪندو رهيو. سج جهڪي هن جا پير ڇهيا. يورپي تماشائين ڊڪي تانتيا جي مٿي مان ٻہ ٻه، چار چار وار پٽيا ۽ بھادر تانتيا جي يادگار طور پاڻ وٽ رکيا.


لفظ تانتيا ٽوپيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو