ترخان مرزا محمد باقي بيگ جو مقبرو
ترخان، مرزا محمد باقي بيگ (1565ع کان 85-1584 تائين ):مرزا عيسيٰ بيگ ترخان جي وفات کان پوءِ سندس وڏو پٽ مرزا محمد باقي ترخان (973هه کان 993هه) تخت نشين ٿيو. مرزا محمد باقي سنڌ تي 20 سال حڪومت ڪئي. سمورن ترخانن ۽ ارغونن فرمانروائن ۾ هن جو دور حڪومت سڀ کان وڌيڪ ظالمانه هو. هن سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن کي جيڪي اذيتون ڏنيون، تن جو داستان پڙهڻ سان انسان لرزي وڃي ٿو. هو پنهنجي ظالمانه طبيعت جي آسودگيءَ لاءِ ظلمن جا نوان نوان بهانا گهڙيندو هو. جاهلن، خوشامدڙن ۽ چاپلوسن کي پنهنجي حڪومت ۾ وڏا وڏا منصب ڏئي ظلم جي چڪيءَ کي وڌيڪ مضبوط ڪندو هو.
مرزا محمد باقي سڀ کان پهرين ارغونن جي قتل جو عام حڪم جاري ڪيو ۽ پڻ اهو به حڪم ڪيائين ته هنن کي ڦرڻ ۽ لٽڻ سان گڏ سندن ٻارن ٻچن سان جيڪو وڻيو، سو برتاؤ ڪجو. ان قتل عام کان پوءِ جيڪي ارغون باقي بچيا، سي جلاوطن ٿي هميشه لاءِ بکر ڏانهن ڀڄي ويا.
مرزا محمد باقيءَ جي تخت نشين ٿيڻ بعد ارغونن متفقه طور هڪ لشڪر ڪٺو ڪري طئه ڪيو ته جيڪڏهن هو اسان کي مرزا شاهه حسن ارغون وارو خزانو ڏيندو ته ٺيڪ آهي، نه ته نوبت جنگ تي ٿيندي. جڏهن مرزا باقيءَ کي شورش جي خبر پئي ته هن طئي ڪيو ته هاڻي حڪمت عمليءَ جي ڳالهين مان ڪجهه به نه ورندو، تنهنڪري هاڻي اهڙو ڪو طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي، جيڪو هميشه لاءِ ان فتني کي ختم ڪري ڇڏي.
بهرحال هن ارغونن کي سڏائي چيو ته فڪر نه ڪريو، آءٌ فلاڻي ڏينهن توهان کي خزانو ورهائي ڏيندس، ان کان پوءِ پنهنجي خاصخيلين، حبش خان، شيرنگ خان ۽ ملا صالح کي سڏائي خفيه طور حڪم ڪيائين ته آءٌ جڏهن ارغونن کي ديوان خاني (درٻار) ۾ خزاني جي ورهاست لاءِ سڏائيندس، تڏهن توهان مان هر هڪ، ٿورن جوان بهادرن سان ديوان خاني جي فلاڻن فلاڻن صفحن ۾ لڪي ويهجو، پر اهڙي تياريءَ سان جو، جيئن وجهه ملي ته يڪدم مٿن حملو ڪري کين ختم ڪجو.
مقرر تاريخ تي قاضي خميسي ۽ جن به ٻين کي حڪم مليل هو، سي ديوان خاني ۾ هٿيارن سان لڪي ويهي رهيا. مرزا باقي جنهن دريءَ وٽ بيهي ماڻهن کان سلام وٺندو هو، تنهن وٽ اچي بيهي، خزانيدارن کي حڪم ڪيائين ته هو رپين ۽ اشرفين جون صندوقون توشي خاني مان ڪڍي هڪ هنڌ رکن ۽ عام ۽ خاص ارغونن کي عام دعوت ڏنائين ته هو سمورا ننڍا وڏا اچي حاضر ٿين، ته جيئن ان جهڳڙي کي ختم ڪيو وڃي. جيڪو ڪيتري مدت کان پنهنجي وچ ۾ هلندو پيو اچي. بي خبر ارغون انهيءَ خوشخبري کي ٻڌي سرها ۽ خوش ٿي، رپين ۽ اشرفين جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڇي گهوڙن تي سوار ٿي ۽ بهترين لباس پائي، ديوان خاني (درٻار) ۾ قاضي خميسي وٽ اچي گڏ ٿيا، جڏهن سمورا ارغون گڏ ٿي ويا، تڏهن مرزا باقيءَ چوائي موڪليو ته ڪيتري وقت کان وٺي، توهان سمورن کي ڏسڻ لاءِ منهنجي دل ۾ تمنا آهي، آءٌ هينئر به اڪيلو ۽ هٿيارن کانسواءِ بالا خاني تي ويٺو آهيان، تنهنڪري توهان هٿيارن کانسواءِ مون وٽ اچو. اهو ٻڌي هو سڀ وٽس هليا ويا ۽ صفون ٻڌي اچي سندس سامهون بيٺا. تڏهن ارغونن کي مخاطب ٿي چيائين ته:
”اي عزيزو! آءٌ پاڻ هن خزاني مان بيزار ٿي چڪو آهيان، تنهنڪري خزاني جي رپين ۽ اشرفين کي توهان سمورن ۾ ورهائي، توهان سمورن کي پنهنجو عزيز بڻائڻ چاهيان ٿو ۽ آءٌ هاڻي ئي توهان کي اهي ورهائي ڏيان ٿو. توهان کي خبر آهي ته اڄوڪو ڏينهن به عجيب آهي، دولت اهڙي شيءِ آهي، جو پيءُ کي پٽ جو ۽ ڀاءُ کي ڀاءُ جو دشمن بڻائي ٿي. مون کي فڪر آهي ته دولت جي ورهائڻ وقت جيڪو عام طرح شور شرابو ۽ پاڻ ۾ جهڳڙو ٿئي ٿو، ان گڙٻڙ کان مون کي جيئن آزار نه پهچي، ان ڪري آءٌ پري ٿي وڃي ويهان ٿو، ائين چئي هو پري ٿي وڃي ويٺو ۽ پنهنجي پٽ کي حڪم ڪيائين ته هو اشرفيون وغيره تقسيم ڪري. ان اڃا صندوقن جا تالا به نه کوليا هئا ته لڪل ماڻهو ٻاهر نڪري آيا، جن کي اڳئي اهڙي قسم جو حڪم مليل هو ته ارغونن مان هڪ به جيئرو نه ڇڏجو، سو نڪرڻ سان ئي هنن، ارغونن تي اهڙو ته زورائتو حملو ڪيو، جو هنن مان هڪ به باقي جيئرو نه رهيو. ان کان پوءِ قتل ٿيل ارغونن جي سرن کي ڌڙن کان ڌار ڪري ديوان خاني جي دريءَ مان ٻاهر اڇلايو ويو. باقي ارغون عوام جيڪي قاضي خميسي جي چؤگرد ديوانخاني کان ٻاهر بيٺل هئا، تن کي به هن قتل ڪرائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، ايستائين جو هڪ به ارغون قلعي مان ٻاهر صحيح سلامت نه وڃي سگهيو. انهيءَ کان پوءِ مرزا باقي پنهنجن خاصخيلين کي وري حڪم ڪيو ته هو ارغونن جي حويلين ۾ اندر گهڙي سندن قتل عام ڪن. ڀلي کڻي هڪ ڏينهن جو ٻار هجي، تنهن کي به جيئرو نه ڇڏين. ان بعد سندس حڪم مطابق جلادن جي هڪ خاص جماعت، ارغونن جي حويلين ۾ اندر گهڙي اتي جيڪو به کين هٿ چڙهيو، تنهن کي سواءِ قتل ڪرڻ جي نه ڇڏيائون. موت جي ان گرداب مان باقي جيڪي ارغون بچيا، سي گجرات ڏانهن هليا ويا، شاهه قاسم ارغون ۽ علي شير ارغون سميجن ۾ وڃي پناهه ورتي.
مرزا باقي بيگ ڌوڪي ۽ دغا سان ڪيترا دفعا قرآن تي هٿ رکي ۽ پنهنجن ڀائرن، عزيزن، قريبن، ايتريقدر جو پنهنجي ناٺين کي به ”هوتي ۽ نوتي“ جهڙن جلادن هٿان بيدرديءَ سان قتل ڪرايو، بلڪه پنهنجي ماءُ ماهه بيگم جنهن جي ڪوششن سان مرزا باقي ولي عهد ٿي تخت نشين ٿيو، ورنه مرزا عيسيٰ ته پنهنجي ٻئي نمبر پٽ مرزا محمد صالح جي مرڻ کان پوءِ پنهنجي ٽئين نمبر پٽ مرزا جان بابا کي ولي عهد ڪري تخت نشين ڪرڻ ٿي چاهيو، پر ماهه بيگم، مرزا عيسيٰ جي مرڻ وقت،خفيه پيغام محمد باقيءَ ڏانهن موڪلي کيس تاڪيدن سان گهرائي تخت نشين ڪيو. جيتوڻيڪ مرزا عيسيٰ ماهه بيگم کي چيو هو ته تون هن کي ولي عهد ڪرڻ چاهين ٿي، پر ياد رک تنهنجو خود موت هن ظالم جي هٿان ٿيندو. خدا جي قدرت ٿيو به ائين، جو مرزا باقي ماءُ (ماهه بيگم) کي قيد جي ڪوٺڙيءَ ۾ بند ڪري هن جو ان پاڻي بند ڪري ڇڏيو، نتيجي ۾ هوءَ کڙيون گهرڙي گهرڙي، بک ۽ اڃ وگهي پاهه ٿي قيد ۾ ئي مري وئي.
جيڪي نوان مسافر شهر ۾ ايندا هئا، تن کي سڏائي ظاهري طرح ساڻن نهايت خنده پيشانيءَ سان پيش ايندو هو ۽ هنن سان نهايت همدرديءَ جو برتاءُ ڪندو هو، جنهن بعد هو ڌوڪي ۾ اچي، مرزا باقيءَ جي تعريف ڪري چوندا هئا ته هن کان وڌيڪ همدرد ۽ مسافر نواز، دنيا ۾ ٻيو ڪو ورلي هوندو. پر پوءِ انهن مسافرن کي درياهه جي سير ڪرائڻ جي بهاني سان، مرادئي مير بحر جي حوالي ڪيو هو ته جيئن هو هنن کي درياهه جو سير ڪرائي، مراديو به انهن کي ٻيڙيءَ ۾ چاڙهي درياهه ۾ ايندو هو ۽ وچ سير ۾ ٻيڙيءَ جو ڦرهو ڪڍي مسافرن کي درياهه ۾ غرق ڪري ڇڏيندو هو.
مطلب ته مرزا باقيءَ جي ناشائسته حرڪتن ۽ ظلمن کان عوام ايتري قدر ته تنگ ٿيو، جو رات ڏينهن هن کي پيا بددعائون ڪندا هئا. 992هه /1583ع ۾ اوچتو مرزا باقيءَ کي سندس وڏي پٽ مرزا شاهه رخ جي مرڻ جي خبر پئي، جيڪو ان وقت سرڪار نصرپور جو حاڪم هو، مرزا باقيءَ کي ان جو وڏو صدمو پهتو. جنهن بعد هن پنهنجي حرم سراءِ ۾ ٻانهين جي شلوارن ۾ ٻليون وجهرايون ۽ ان سان گڏ سندن ڇاتيون پٽرايون ۽ مردن کي هاٿين جي پيرن سان ٻڌي رستن تي گهلرايو ۽ پوءِ چوندو هو ته هنن ئي منهنجي پٽ کي مون کان جدا ڪيو هو. هن جي ظلمن ۽ رعايا جي بددعائن آخر رنگ لاتو، مرزا باقيءَ کي آخري عمر ۾ پنهنجي جان جو خوف ٿيڻ لڳو. آخرڪار هن پنهنجي ئي تلوار سان پاڻ خودڪشي ڪري ڇڏي.
مرزا باقي پنهنجي آخري وقت ۾ سڀني کي مخاطب ٿي چيو هو ته توهان منهنجي هن ڳالهه جا شاهد رهجو ته: مون خود پنهنجو پاڻ کي قتل ڪيو آهي. متان ڪنهن ٻئي تي منهنجي خون جي تهمت لڳائي وڃي. سڀاڻي منهنجي پٽن ۽ اميرن کي به اصل حقيقت کان آگاهه ڪجو. ليڪن پوءِ ڪيترن ماڻهن کي بيگناهه مرزا باقيءَ جي قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪري مارايو ويو. مرزا محمد باقي خميس ڏينهن تاريخ 8 شوال 993هه/85-1584ع تي خودڪشي ڪئي.
مرزا باقيءَ کي مڪليءَ واري قبرستان ۾ دفنايو ويو، هن جو مقبرو سمورن ترخانن جي دفن گاهه کان جدا ۽ پنهنجي والد مرزا عيسيٰ جي مقبري جي ڏکڻ- اتر طرف، ٽن سئو قدمن جي فاصلي تي واقع آهي.
1584.00.00 عيسوي
مرزا محمد باقي خميس ڏينهن تاريخ 8 شوال 993هه/85-1584ع تي خودڪشي ڪئي .