تغلق غياث الدين بلبن جو مقبرو

تغلق غياث الدين بلبن جو مقبرو

تغلق غياث الدين بلبن

تغلق، غياث الدين ”بلبن“: (حڪومت جو دور 1320ع کان 1325تائين) غياث الدين ”قرونه“ قبيلي جو ترڪ هو. سندس ماءُ پنجاب ۾ رهندڙ جاٽ قبيلي جي هئي. علاؤ الدين جي عھد حڪومت ۾ هن کي ديبل پور جي سرحدي علائقي جو گورنر ۽ سپھہ سالار مقرر ڪيو ويو. هتي هن منگولن جي خوب مرمت ڪري کين هندوستان ۾ قدم رکڻ بي همت بنائي ڇڏيو. هي خسرو کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ دهليءَ جي تخت تي غياث الدين جي لقب سان ويٺو، جڏهن تہ سندس نالو فخر الدين هو. ملڪ ڪافور، قطب الدين مبارڪ ۽ خسرو جي بدعنوانين، سلطنت کي تباھہ ڪري ڇڏيو هو، خزانو خالي ٿي چڪو هو، علاؤ الدين جا سخت قاعدا ۽ قانون رد ٿي چڪا هئا، بدانتظامي وڌي وئي هئي. ملڪ جو اخلاق بگڙي چڪو هو، پر امن امان جي صورت بدترين هئي، ملڪي انتظام ۽ معاشرتي نظام درهم برهم ٿي چڪو هو، هن سوچ ۽ تدبر کان ڪم وٺندي حالتن تي ضابطو آندو. ملڪ جي انتظام کي بهتر بنائڻ خاطر هن وچولو رستو اختيار ڪندي نرميءَ جي جاءِ تي سختيءَ کان ڪم ورتو. درٻار جيڪا ٺڳن، خوشامدڙين ۽ نالائق صلاحڪارن جو اڏو بنجي چڪي هئي، ان کي سڌاريو. بادشاهي، رعب، دبدٻي ۽ جاھہ و جلال کي قائم رکيو. غياث الدين تغلق تخت تي ويهڻ کان پوءِ هي حڪم ڪيو تہ ناجائز طريقي سان ڏنل جاگيرون واپس ورتيون وڃن ۽ انهن جي آمدني سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي وڃي. جيتوڻيڪ انهيءَ حڪم سبب اميرن ۾ ناراضگي پيدا ٿي، پر اهڙين ڳالهين کيس عوام ۾ ڪافي مقبول بنايو. هن صوبن ۾ ايماندار گورنر مقرر ڪيا. ڪڙمين کان پيدائش جو اڌو وٺڻ بجاءِ ڏهون حصو ڍل طور وٺڻ جو حڪم ڪيو. هن هارين جي دلجوئي ڪئي، جنهنڪري ملڪ سرسبز ٿيو. هن ڪيترائي نوان واھہ کوٽايا، ڪيترن هنڌن تي باغ پوکرايائين، ڪيترا نوان قلعا جوڙائي ملڪي سرحدن کي محفوظ ڪيائين. ٽپال کاتي کي نئين سر ٺاهيائين. انهن سڌارن کان سواءِ فوج کي منظم ڪيائين. هن ڪوشش ڪئي تہ دهليءَ جي سلطان جي اختيار کي هر صوبو مڃي ۽ ان جي ڏنل هدايتن تي عمل ڪري. علاؤ الدين جي مرڻ کان پوءِ دکن جي ورنگال علائقي جي راجا پرتاب ديو ٻئي، دهلي جي سلطان ڏانهن ساليانو خراج موڪلڻ بند ڪري ڇڏيو هو. هن پنھنجي پٽ جونا خان جي سپھہ سالاري هيٺ دکن ڏانهن فوج رواني ڪئي تہ جيئن راجا کي جوڳي سزا ڏني وڃي. جونا خان فوج وٺي ورنگال جي قلعي کي گهيرو ڪيو، ليڪن باشاھہ جي دهليءَ ۾ فوت وڃڻ جي افواھہ سبب جونا خان کي گهيرو اڌ ۾ ڇڏي دهليءَ واپس ورڻو پيو. سن 1322ع ۾ بادشاھہ وري جونا خان جي مهنداريءَ هيٺ وڏي فوج دکن رواني ڪئي ۽ قلعو فتح ڪيو. راجا سموري ڪٽنب سميت گرفتار ٿيو. اهو علائقو (تلنگانه) دهليءَ سان ملايو ويو. 1324ع ۾ بنگال جي حاڪم شمس الدين فيروز شاھہ پنج پٽ پويان ڇڏي وفات ڪري ويو. سندس وڏو پٽ غياث الدين بھادر هو ۽ اوڀر بنگال تي خودمختيار حاڪم ٿي حڪومت ڪندو هو. هن جي گادي سونار گائون نالي شھر هو، ٻيو پٽ شھاب الدين بغرا شاھہ بنگال جي تخت تي ويٺو، مگر ٽئين پٽ جي حصي ۾ ڪجهہ بہ نہ آيو، جنهنڪري ڀائرن ۾ اڻ بڻت ٿي پئي. ٽئين پٽ ناصر الدين دهليءَ جي شهنشاھہ غياث الدين تغلق وٽ دانهيو، غياث الدين بنگال کي فتح ڪرڻ جو سٺو موقعو محسوس ڪري فوج وٺي بنگال پهتو ۽ کيس گرفتار ڪيائين، ناصر الدين کي لکنوءَ جو علائقو ڏنائين. باقي سڄو مشرقي بنگال دهلي سلطنت سان شامل ڪري ڇڏيائين. موٽ تي هن ترهٽ جو مضبوط قلعو فتح ڪيو. ترهٽ جي قلعي جي فتح کان پوءِ کيس دهلي موٽڻ نصيب نہ ٿيو، ڇو تہ جونا خان دهلي جي ٻاهران پيءُ جي استقبال لاءِ وڏو بندوست ڪندي آرام لاءِ ڪاٺ جو ڪمرو تيار ڪرايو هو. اها استقبالي ڪيمپ دهلي کان ڇھہ ميل پري هئي. بادشاھہ اڃا ان ڪمري ۾ گهڙيو ئي مس تہ اڏاوت ڪري پئي، هو ان ۾ دٻجي مري ويو. سندس وفات جو سال 1325ع هو. مشھور مورخ ابن بطوطه لکي ٿو تہ بادشاھہ غياث الدين جي مارڻ ۾ سندس پٽ جونا خان جو هٿ هو. هن اعليٰ عمارت ساز احمد بن اياز کي چيو هو تہ عمارت اهڙي نموني ٺاهي، جو جيڪڏهن هاٿي ان کي ٿونو هڻي تہ ڪري پوي ۽ ٿيو بہ ائين، جڏهن بادشاھہ اندر گهڙيو ۽ جونا خان دروازي کان ٻاهر ئي هو تہ هڪ هاٿيءَ عمارت کي ٿونو هنيو، جنهنڪري عمارت ڊهي پئي ۽ غياث الدين تغلق هند جو شهنشاھہ دٻجي مري ويو. جنهن کان پوءِ شھزادو جونا خان، محمد بن تغلق جي نالي سان هندوستان جي تخت تي شهنشاھہ جي حيثيت ۾ ويٺو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو