ٿونو

ٿُونو: ڪنهن وهٽ يا جانور جي ڊَههَ. اڻ هريل چؤپائي کي ويجهو وڃڻ سان اهو سڱن سان ٿونو هڻندو آهي. جيڏو وهٽ جو قد بت ۽ زور، اوڏو ئي ٿونو زور سان لڳندو. بعضي وهٽ سڱ تي کڻي اڇلائي زخمي ڪري ڇڏيندو آهي. دنبو ۽ ٻڪر ٽڪر هڻندا آهن، باقي مينهن ۽ ڍڳو ٿونو“ هڻندا آهن. ڀٽائيءَ، مڇ لاءِ ”ٿونو“ لفظ ڪم آندو آهي:
متو آهين مڇ، ٿلهو ٿيو ٿونا هڻين!
(سر ڏهر )


لفظ ٿونوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو