تلهار تاريخ جي آئيني ۾

تلهار تاريخ جي آئيني ۾

تلهار تاريخ جي آئيني ۾

تلهار تاريخ جي آئيني ۾ (ڪتاب ): تلهار شھر بابت هي ڪتاب ناصر بلوچ مرتب ڪيو آهي، جيڪو ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ تلهار شھر جي ماضي ۽ حال جي حالتن، محنتي استادن، مختلف سياسي سماجي، علمي ۽ ادبي شخصيتن بابت ناصر بلوچ، اقبال بلوچ، ڊاڪٽر نواز علي خواجه، خواجہ غلام علي بيڪس، مشتاق علي خواجہ ۽ شائسته جتوئي جا مضمون شامل آهن. ڊيمي سائيز ڪچي جلد سان 112 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، ڊاڪٽر ظفر حسين ميموريل سوسائٽي، تلهار پاران سلام پريس گاڏي کاتي، حيدرآباد مان 2014ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ڪتاب جي قيمت 100 رپيا آهي، جڏهن تہ ٻئي جلد ۾ تلهار جي سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي شخصيتن، جاکوڙي استادن، سگهڙن، مهمان نواز گهراڻن، عزاداري ۽ ملھہ پهلوانن بابت مضمون شامل ڪيا ويا آهن. ڪتاب جي آخر ۾ تلهار جي ڪجهہ شاعرن جي شاعري ۽ مشھور شخصيتن جون تصويرون شامل آهن. ڊيمي سائيز جو 152 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، مئي 2015ع ۾، ڊاڪٽر ظفر حسين ميموريل سوسائٽي تلهار پاران سلام پريس گاڏي کاتي، حيدرآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ڪتاب جي قيمت 120 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو