
تيرٿ وسنت
تيرٿ وسنت: سنڌ هند جو ناليوارو اديب تيرٿ وسنت، 7 جولاءِ 1909ع تي سنڌ جي تاريخي شھر خيرپور جي ڳوٺ لقمان ۾ ويڙهي مل وسنداڻيءَ جي گهر ۾ ڄائو. سندن نُک ”سوڍا“ آهي. تيرٿ اڃا سال ٻن جو هو تہ سندس ماءُ جو لاڏاڻو ٿي ويو، تنهنڪري هن معمولي اسڪولي تعليم ڇهين درجي انگريزيءَ تائين حاصل ڪئي. ابتدا کان وٺي رولاڪي ۽ سير سفر جو شوقين هو. سورهين ورهين جي عمر ۾ گهران ڀڄي ڪراچيءَ آيو، ائڪٽر ٿيڻ ۽ فلمي دنيا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڀٽڪندو رهيو. ان ئي عمر ۾ وڃي بصري ۽ ايران نڪتو ۽ اتي لڳاتار ڪجهہ سال مختلف ڌنڌا ڪيائين. عربي ۽ فارسي ٻوليون سکيو. سنڌ ۾ ٽنڊي آدم ۾ ڊاڪٽر چوئٿرام جي گهرو هنرن واري ڪارخاني جو انچارج رهيو. پوءِ ٻوڏ سهائتا فنڊ جو ڪم سنڀاليائين، سنڌ جي ’ڌرمادا ٽرسٽ‘ پاران بالغن جي تعليم جو ڪم بہ سنڀاليائين، سنڌ ۾ رهندي جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪاليج جو منهن نہ ڏٺائين، پر هو ڄمندي ڄام هو ۽ کيس سنڌي، فارسي ۽ انگريزيءَ تي ڪمال جي ڄاڻ هئي. ڪاليجي شاگردن کي تاريخ، اقتصاديات ۽ سياسيات جي ڄاڻ گهر ۾ ڏيندو هو. عجب اتفاق تہ سنڌ ۾ ڪاليجئيٽ بورڊ جو ميمبر بہ هو. سياست ۾ سرگرم رهيو. حيدرآباد سنڌ جي ميونسپالٽيءَ جي چونڊ کٽڻ کان پوءِ باغات ڪميٽيءَ جو چيئرمين ٿيو، حيدرآباد جي ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ ۽ ايجوڪيشن ٽرسٽ جو ميمبر بڻيو، اُتي ئي ريشم جو واپار ڪندڙ هڪ فرم ۾ ڪم ڪيائين ۽ ان فرم معرفت ڪجهہ وقت جپان جو دورو بہ ڪيائين. ’هاري حقدار تحريڪ‘ ۾ بہ ڀرپور حصو ورتائين. سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي لائبريريون قائم ڪرڻ ۾ اڳڀرو رهيو. تيرٿ وسنت هندو مسلم ايڪتا جو حامي هو، سندس ڪيترائي هندو مسلم اديب دوست هئا. هن بہ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ، هري دلگير، کيئلداس فانيءَ ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ وانگر ورهاڱي وقت سنڌ نہ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو هو، پر پاڪستان جي قيام کان ستت پوءِ کيس جيل ۾ وڌو ويو ۽ مٿس الزام لڳايو ويو تہ هي ٿورائيءَ واري هندو سماج جي لاڙڪاڻي واري ڪانفرنس جو ميمبر هو، جيڪا سنڌ ۾ هندن جي ملڪيتن ۽ ڌرمي ٽرسٽن جي حفاظت لاءِ برپا ڪئي وئي هئي. حالتن جي سنگينيءَ کي ڏسي، کيس مجبوراً 1949ع ڌاري سنڌ کي ڇڏڻو پيو ۽ هند ۾ وڃي اجمير شھر ۾ خيما کوڙيائين. ادب سان هن جو چاھہ سنڌ ۾ رهڻ دوران ئي ٿيو. هن لکڻ جي شروعات انگريزي اخبارن ۾ ليکن لکڻ سان ڪئي. سندس پهريون مضمون ”عورت“ بابت ”سنڌ آبزرور“ اخبار ۾ ڇپيو، جيڪو پروفيسر گوها جي جواب ۾ لکيل هو. ان کان پوءِ تيرٿ وسنت ڪراچيءَ مان “Advance India” مئگزن شروع ڪئي، جنهن ۾ هن جو انگريزي ناٽڪ “Conflict” ڇپيو. ان ئي دور ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج جي مئگزن ۾ هن جو خاڪسار تحريڪ بابت مضمون ڇپيو. سنڌيءَ ۾ لکڻ جي شروعات، گُڏي ٻائي ۽ وشنداس جڳتياڻيءَ جي تحريص تي ”روشني“ اخبار ۾ ”روشني“ ليک لکڻ سان ڪيائين. ان بعد ساڳي هفتيوار اخبار ۾ ”آسماني اثر“ ۽ ٻيا ليک لکيائين. حيدرآباد ڪاليج جي ”ڦليلي“ مخزن ۾ بہ انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ مضمون ڇپايائين. ان کان پوءِ سنڌيءَ ۾ هن جا لڳاتار ليک ڇپبا رهيا. 1940ع ۾ سندس مضمونن جو پهريون ڪتاب ’چڻنگون‘ ڇپيو، جنهن کي سنڌي ساهت جي صلاحڪار بورڊ هڪ شاهڪار جو درجو ڏئي سال جو بھترين ڪتاب مڃي انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هن ڪتاب ۾ سندس سنت ڪنور رام جي شهادت تي مضمون بہ شامل هو، جنهن ۾ هن ڄاڻايو هو تہ ڪنور جي شهادت واري سانحي ۾ ڪنهن سگهاري ڌر جو هٿ هو، ان بعد تيرٿ وسنت جو ٻيو ڪتاب ”جواهر جيوني، (ٻہ ڀاڱا) 1941ع ۾ ڇپيو. اهو جواهر لعل نهروءَ جي آتم ڪٿا جو انگريزيءَ مان آزاد ترجمو هو، جنهن تي بہ کيس ادبي بورڊ انعام ڏنو هو. اجمير ۾ رهائش دوران حيدرآباد جي ديوان هري سندر روپچند ٺاراڻيءَ سان صحبت دوران سندس گذارش تي امر شھيد ڀڳت ڪنور رام جي جيون ۽ ڪلا بابت هڪ شاهڪار ڪتاب ’ڪنور‘ لکيائين، جنهن جو مهاڳ پروفيسر لال سنگهہ اجواڻيءَ لکيو. هن ڪتاب کي ساهتيہ اڪيڊمي دهليءَ 1959ع ۾ انعام ڏنو، جيڪو هن اڪيڊميءَ طرفان سنڌي ادب تي ڏنل پهريون انعام هو. ساڳئي ڪتاب تي پروفيسر خوشيرام، نيڀراج واسواڻيءَ، پنھنجي گُر ديو، ساڌو ٽي. ايل واسواڻيءَ جي 80 سالا جنم ڏينهن تي، تيرٿ وسنت کي ”ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي“ اوارڊ ڏنو. تيرٿ وسنت جيتوڻيڪ روايتي تعليم نہ ورتي هئي، پر کيس سنڌي، انگريزي ۽ فارسيءَ تي وڏو عبور حاصل هو. هيءُ ڀارت لڏي ويل اديبن مان اڪيلو اديب هو، جنهن ڪڏهن بہ نہ ڪا ملازمت نہ ڪئي، ۽ نہ ئي ڪنهن کان ڪڏهن مالي مدد گهري. هن پنھنجي سموري زندگي ادب تخليق ڪرڻ کي سونپي ڇڏي. گذر سفر لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ڪاليجي شاگردن کي ٽيوشن ڏيندو هو، پر گهڻي ڀاڱي هن پنھنجي ادبي پورهئي يعني ڪتابن جي ڪمائيءَ ۽ رائلٽيءَ مان زندگيءَ جون ضرورتون پوريون ڪيون. سندس ادبي خدمتن تي 1962ع ۾ کيس واٽومل فائونڊيشن پاران هڪ هزار ڊالر ۽ سونو ٻلو ڏنو ويو، جنهن جي خوشيءَ ۾ بمبئيءَ جي سنڌين کيس پنجن هزارن جي ڳوٿري (نقد) سوکڙي پيش ڪئي. ان کان سواءِ کيس سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا ۽ ساهتيہ ڪلا پريشد پڻ انعامن سان نوازيو. تيرٿ وسنت هر ادبي صنف تي قلم کنيو، مضمون، ناٽڪ، ڪهاڻي ۽ سوانح عمريون سندس پسند جا موضوع هئا. شيڪسپيئر جي ڪيترن ئي ڊرامن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين، هن ٽئگور جي ناٽڪ ’چترا‘ جو سنڌيءَ ۾ لاثاني ترجمو ڪيو. هو سماج تي تکيءَ طنز واري نظر رکندو هو، ان حوالي سان سندس ناٽڪ ”شاعر جو جنازو“ پڙهڻ وٽان آهي. هن جي ڇپيل ڪتابن جو ڪجهہ تفصيل هن ريت آهي: (1) چڻنگون (1940ع، مهاڳ: حيدر بخش جتوئي)، (2) جواهر جيوني (ترجمو: 2 ڀاڱا: 1941ع)، (3) شھيد الھہ بخش (هي ڪتاب 1943ع ۾ لکيائين، پر ڪنهن اڻٽر سبب شايع نہ ٿيو.)، )، (4) چترا (ٽئگور جي ناٽڪ جو ترجمو: 1944ع)، (5) ڪنور (1957ع)، (6) وسنت ورکا (مضمون:1959ع)، (7) ساهتيہ سار (1961ع)، (8) اتهاس درشن (1964ع)، (9) ڪلچر (اڀياس)، (10) جيون جوت (يوگ اڀياس)، (11) ائنٿوني ڪيلوپيٽرا (شيڪسپيئر جي ڊرامي جو ترجمو: 1964ع)، (12) آٿيلو (شيڪسپيئر جي ڊرامي ترجمو:1977ع)، (13) هئمليٽ (شيڪسپيئر جي ناٽڪ جو ترجمو:1980ع)، (14) گانڌي جي سوانح (ٽي ڀاڱا: 78-79)-1972ع)، (15) ميران (ناٽڪ:1980ع)، (16) آواز (ڪوتائون: 1980ع)، (17) ساهتيہ سرج (اڀياس: 1978)، (18) خوشبوءِ (مضمون: 1979ع)، (19) سارنگ (مضمون: 1979ع)، (20) مهاڀارت جو سار (1980ع)، (21) سچ ڇا آهي؟ (فلاسافي: 1980ع)، (22) فائوسٽ (گوئٽي: ناٽڪ: 1980ع)، (23) جيون جوالا (ست يڪ فصلا ناٽڪ:1981ع)، (24) ماڻهو (20 ڪهاڻين جو مجموعو: 1981ع)، (25) لاڏلي دهلي (سير ۽ سفر: 1981ع)، (26) دکن ياترا (سير ۽ سفر)، (27) هندي اتهاس (ڀاڱو پهريون: 1982ع)، (28) سنسار (ڪوِتائون: 1982ع)، (29) آتم ٻل (مضمون: 1982ع)، (30) جيون رهسپه (پرگتي+ اتهاس درشن: 1982ع). تيرٿ وسنت جي ڪتاب ”ساهتيہ سار“ (1961ع) کي آمريڪا جي واٽو مل فائونڊيشن 1962ع ۾ هڪ هزار ڊالر، سونو ٻلو ۽ مان پتر ڏنو. 1979ع ۾ ساهتيہ ڪلا پريشد دهلي سرڪار پاران تيرٿ وسنت کي سنڌي ساهتيہ جي بھترين ساهتڪار جو انعام ۽ مان پتر ڏنو ويو. تيرٿ وسنت جون تصنيفون سندس نرالي اسلوب واريءَ عبارت ۾ آهن، جن کي پڙهڻ سان دل ۽ دماغ تي گهڻي وقت تائين سندن اثر رهي ٿو، سندس ويچارن ۾ تازگي ۽ شائستگي آهي. سنڌ جو هي لا اُبالي اديب نئين دهليءَ ۾ اول لجپت نگر ۾ ۽ پوءِ لوڌي روڊ جي سرڪاري ڪوارٽرن جي برساتيءَ ۾ رهندو هو. هو سڄي عمر پنهنجو اجهو ٺاهي نہ سگهيو. مسواڙي ننڍڙن ڪمرن ۾ زندگي گذاريائين. پوئينءَ اَوسٿا ۾ تيرٿ وسنت بڙودي جي ٻڍا آشرم ۾ وڃي رهيو. حاطڦو وڄائي ويٺو. سندس صحت ڪري پئي هئي. آخر ۾ سندس ڪي ويجها عزيز کيس ممبئيءَ وٺي ويا هئا، جتي 30 سيپٽمبر 1994ع ۾ لاڏاڻو ڪيائين .
1909.07.07 عيسوي
تيرٿ وسنت ، 7 جولاءِ 1909ع تي سنڌ جي تاريخي شهر خيرپور جي ڳوٺ لقمان ۾ ويڙهي مل وسنداڻيءَ جي گهر ۾ ڄائو .
1994.09.30 عيسوي
تيرٿ وسنت 30 سيپٽمبر 1994ع تي لاڏاڻو ڪيو .