تيلي ٻج

تيلي ٻج

تيلي ٻج

تيلي ٻج: تيلي ٻج اسان جي خوراڪ جو اهم حصو آهن. جيڪي سڌي يا اڻ سڌي طرح کاڌي پچائڻ يا کاڌي تيار ڪرڻ لاءِ ڪم اچن ٿا. تيلي ٻج پڻ لحميات، حياتين ۽ تيل جو اهم ذريعو آهن. پاڪستان ۾ غذائي اهميت جي حوالي سان کاڄرو تيلي ٻجن (Edible Oilseeds) جو واهپو تقريباً 12 ڪلوگرام في ڪس (12 Kg per capita) آهي. جيڪو ٻين سڌريل ملڪن جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ تي گهٽ آهي. پاڪستان ۾ تيلي ٻجن طور پوکيءَ هيٺ فصلن ۾ روايتي تيلي ٻجن (Conventional Oilseeds) جا فصل جھڙوڪ سرنهن، توريو، ڄانڀو، تر، بوهي مڱ، هيرڻ ۽ السي وغيرہ اچي وڃن ٿا. هنن تيلي ٻجن ۾ سرنهن، توريو، تر ۽ بوهي منڱ کاڄرو (Edible) مقصد لاءِ استعمال ٿيندا آهن. جنهنڪري انهن کي کاڄرو تيل وارا فصل (Edible Oil Crops) چئجي ٿو. جڏهن تہ هيرڻ ۽ السيءَ مان ملندڙ تيل صنعتي مقصد لاءِ ڪم اچي ٿو. جنهنڪري انهن کي غير کاڄرو تيل وارا فصل (Non-Edible Oil Crops) چئجي ٿو. هن وقت ملڪ ۾ کاڄرو تيل لاءِ خود ڪفيل ٿيڻ واسطي ڪجهہ نون تيلي ٻجن وارا فصل متعارف ڪرايا ويا آهن، جيڪي غير روايتي تيلي ٻج (Non-Conventional Oil Seeds) سڏجن ٿا. جھڙوڪ سويابين، پواڙي ۽ سورج مکيءَ وارا تيلي ٻج تجارتي طور وڏي پيماني تي ملڪ جي ڪجهہ حصن ۾ پوکيا وڃن ٿا، جنهن ۾ سنڌ صوبو بہ شامل آهي. ان باوجود هنن غير روايتي کاڄرو تيلي ٻجن جي پوک مان بهتر نتيجا مليا آهن، جنهن مان اها ڳالھہ واضح ٿئي ٿي تہ سويابين ۽ سورج مکي هن علائقي جا اهم تيلي ٻج ثابت ٿيندا، جنهن سان سنڌ ۽ ملڪ جي کاڄرو تيل جون ضرورتون پوريون ڪري سگهجن ٿيون. ڇاڪاڻ تہ سرنهن، توريو ۽ ڄانڀو اڳ ۾ ئي کاڄرو تيل واري جڳھہ والارين ٿا، جيڪي 35 کان 40 سيڪڙو ايراضيءَ تي پوکيا وڃن ٿا. پاڪستان ۾ تيلي ٻجن جي گهٽتائيءَ جا مکيہ سبب فصلن جي پيداوار جو مارڪيٽ نہ هئڻ ۽ قيمتون گهٽ ملڻ آهي. جيئن تہ ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جي امدادي قيمت (Support Price) ملڻ ڪري تيلي ٻجن جي قيمتن جو بحران پيدا ٿئي ٿو. ان کانسواءِ تيلي ٻجن وارا فصل جيتن ۽ بيمارين جي اثرن ۽ نقصانن ۾ وڌيڪ اچن ٿا، جنهن ۾ مهلو (Aphid) ۽ ٻيون بيماريون خاص ڪري ٻئار واري بيماري (Powdery Mildew) اهم آهن.
جدول: تيلي ٻجن جي خوراڪي اهميت
تيلي ٻج تيل (سيڪڙو) لحميات (سيڪڙو)
سرنهن ۽ توريو 39-37 42
تر 50-49 42
سويابين 20 50
سورج مکي 39-37 30
پواڙي 37-35 28
ڪينولا 40-35 23-22
بوهي منڱ 50-47 47
السي 40 26
هيرڻ 50-48 46
تيلي ٻجن وارا فصل گهڻن ئي قسمن جا ٿين ٿا جيڪي نباتات جي لحاظ کان مختلف جنسن ۽ خاندانن سان تعلق رکن ٿا. هي فصل قد ۽ بناوت ۾ مختلف آهن. زندگيءَ جي مدت (Life Duration) جي حوالي سان بہ سالياني ۽ دائمي قسم جا آهن. عام طور تيلي ٻج ڊگهين پاڙن وارن فصلن ۾ شمار ٿين ٿا. جيڪي مجموعي طور ٻج ذريعي ڦوٽهڙو ڪن ٿا. جنهن ۾ سندن پاڙون، پن، شاخون، گل ۽ ڦل واري شڪل يا بناوت ۽ رنگ جي لحاظ پڻ مختلف آهن. هي ٻوٽا ڦريون، ڏوڏيون يا گوگڙا ۽ ڪپ نما گل جهلن ٿا. ان ڪري سرنهن ۽ توريو، ڪينولا، ڄانڀو ۽ سويابين ڦريون (Pods) جهلين ٿا. تر، السي ۽ هيرڻ ڏوڏيون يا گوگڙا (Capsules) جهلين ٿا. ٻئي طرف تيلي ٻجن ۾ سورج مکي ۽ پواڙي (Safflowers) وارا فصل ڪپ نما گل (Disc Flower) جهلين ٿا. هنن فصلن جي ٻجن ۾ سائيز، وزن، شڪل، رنگ، چمڪ (Luster) ۽ ذائقي ۾ فرق آهي، ڇاڪاڻ تہ اهي ٻج ننڍا، وچولا ۽ وڏا ٿين ٿا، شڪل ۾ گول، بيضوي، اڀا، ٽڪنڊا وغيرہ آهن. سندن رنگ اڇو، ڪارو، چٽڪمرو، ناسي وغيرہ ٿئي ٿو ۽ ذائقي ۾ کاڄرو يا مٺا، ڪسارا ۽ تيزابي آهن. جڏهن تہ موسمي لحاظ کان تيلي ٻج اونهاري ۽ سياري ۾ پوکيا وڃن ٿا. پر ڪجهہ تيلي ٻج سرءُ ۽ بھار ۾ بہ پڻ پوکي سگهجن ٿا. عام طور سويابين، هيرڻ، تر، بوهي مڱ، اونهاري ۾ پوکجن ٿا. پر سرنهن، توريو، ڄانڀو، پواڙي، ڪينولا، السي وغيرہ سياري جي موسم ۾ پوکيا وڃن ٿا. جڏهن تہ سورج مکي ۽ سويابين بھار ۾ پوکبا آهن. ساڳيءَ طرح، سورج مکي ۽ توريو سرءُ ۾ پڻ لڳايا وڃن ٿا. ان مان ظاهر آهي تہ تيلي ٻجن وارا فصل سال جي مختلف موسمن ۾ پوکيءَ هيٺ رهن ٿا، پر اهي پنھنجي پوري طرح واڌ ويجهه خاص ڪري ٻن موسمن يعني خريف ۽ ربيع ۾ ڪن ٿا ۽ وڌيڪ پيداوار جو باعث بڻجن ٿا.
تيلي ٻجن جي پچڻ جو صحيح وقت: اسان جي پوکيءَ واري سرشتي ۾ هڪ فصلي پوک يا گهڻ فصلي پوک جو رواج آهي. جنهن دوران ڪنهن هڪ فصل کڻڻ بعد ٻئي لاءِ رٿابندي ۽ تياري ڪئي وڃي ٿي. جڏهن تہ فصلن جي پوکيءَ واسطي موسمي حالتن تي بہ نظر رکي وڃي ٿي. جنهنڪري آڳاٽي، وقتائتي ۽ پاڇاٽي فصل جي پوکي عمل هيٺ اچي ٿي. ڇاڪاڻ تہ اونهاري وارا فصل سرءُ يا آڳاٽي سياري ۾ پچي لاباري جي لاءِ تيار ٿين ٿا. جڏهن تہ سياري وارا فصل بھار يا آڳاٽي اونهاري ۾ پچي راس ٿين ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اونهاري ۾ پوکيل وونئڻ ۽ ٻئي طرف سياري ۾ پوکيل ڪڻڪ، داليو يا تيلي ٻج، اپريل ۽ مئي ۾ تيار ٿي وڃن ٿا. تيلي ٻجن وارا فصل جيڪي سرءُ يا سياري ۾ لڳايا وڃن ٿا اهي مارچ يا اپريل ۽ مئي ۾ پچي لاباري لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا. جڏهن تہ بهاريا اونهاري ۾ پوکيل تيلي ٻج جون ۽ جولاءِ يا سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ لاباري لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا، پر جيڪڏهن هنن تيلي ٻجن جو لابارو آڳاٽو يا گهڻو پاڇاٽو ڪيو ويندو تہ لاباري جا نقصان ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ تيلي ٻجن جي آڳاٽي لاباري ڪرڻ سبب ٻج سنها، گهنجيل يا ماريل هوندا، جنهن ۾ ڦوٽهڙي جي سگهہ گهٽ هوندي. پر جيڪڏهن تيلي ٻجن جو پاڇاٽو يا دير وارو لابارو ڪيو ويندو تہ فصلن ۾ ٻج ڇڻڻ، جيتن ۽ بيمارين جي حملي ۽ تيز هوائن يا بارشن سبب فصل جي تباھہ ٿيڻ انديشا رهن ٿا. تيلي ٻجن جي صحيح پچڻ ۽ وقتائتي لاباري واسطي هر هڪ فصل ۾ ڌار ڌار علامتون ظاهر ٿين ٿيون، جنهن ۾ فصل ۽ ان جي ڦري، گوگڙي، ڏوڏي يا ڦل جو رنگ سائي کان پيلو ٿيڻ شروع ٿئي ٿو ۽ بعد ۾ اهو سڪي خاڪي يا ناسي رنگ (Brown Colour) اختيار ڪري تہ جلدي لابارو شروع ڪجي. ڇو تہ زياده پڪل ۽ سڪل فصل يا ڦل زمين ۾ بيهڻ ڪري فصل جو ٻج ڇڻي يا مرڳو فصل ليٽي پوندو آهي.
فصل ۽ پچڻ جون نشانيون
• سرنهن، ڪينولا، توريو ۽ ڄانڀو: ڦريون پيلاڻ مائل ٿين تہ فصل کي 3 کان 4 ڏينهن جي وقفي ۾ چڪاس ڪجي. پر لاباري جي تياري جو مدار ٻج جي رنگ تي آهي. ڪينولا ۾ 30 کان 40 سيڪڙو جيڪڏهن خاڪي يا ڏانڊيون جيڪڏهن خاڪي يا ناسي ڳاڙهو رنگ (Brown Red Color) وٺن جيڪو 30 کان 35 سيڪڙو ٻجن ۾ گهم ظاهر ڪري ٿو، ڇاڪاڻ تہ سرنهن يا ڪينولا ۾ هيٺ ڪرڻ (Lodging) جو مسئلو ٿئي ٿو. تنهنڪري جڏهن ٻج 40 جي ڦرين جو رنگ کان 50 سيڪڙو ڦرين ۾ رنگ تبديل ٿئي تہ لابارو ڪجي.
• السي: السيءَ جو فصل لاباري ۾ ڏکيائيون پيدا ڪري ٿو. پر اهو ڇڻڻ ۽ هيٺ ليٽڻ وارو فصل نہ آهي. هن ۾ هڪ ڪَري پچڻ واري خوبي نہ آهي. تنهنڪري فصل کي سڪڻ ڏنو وڃي. السي لاباري لاءِ تڏهن تيار ٿي وڃي ٿي، جڏهن 90 سيڪڙو ڏوڏيون (Capsules) خاڪي يا ناسي رنگ جون ٿين ٿيون. لاباري وقت ٻج ۾ 12 سيڪڙو گهم هجڻ گهرجي ٻيو تہ السيءَ جو فصل ان وقت پچڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو، جڏهن ڏانڊيون ۽ ڏوڏيون سائي کان پيلاڻ واري رنگ ۾ اچن. ٿڌ ۽ برسات واري موسمي حالتن ۾ فصل جي پچڻ ۾ دير ٿئي ٿي ۽ ان ۾ گل نڪرندا رهن ٿا. تنهن ڪري لابارو فصل جي مڪمل پچڻ بعد ڪجي.
• تر: ترن جو فصل پوکيءَ جي 90 کان 150 ڏينهن بعد لاباري لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. فصل جي پچڻ وقت پنن ۽ ڏانڊين جو رنگ سائي کان پيلي رنگ ۾ تبديل ٿئي ٿو. ٻوٽي مان پن ڇڻڻ شروع ٿين ٿا. بنا شاخن جنسون جلدي پچن ٿيون. فصل ۾ ٻج ڇڻڻ جو مسئلو عام آهي. تنهنڪري احتياط کان ڪم وٺي جدا جدا طريقن ذريعي لابارو ڪجي تہ جيئن فصل کان بچي سگهي.
• هيرڻ: هيرڻ جو فصل ان وقت چونڊي يا ڪٽائيءَ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو، جڏهن ڏوڏيون سڪل يا خشڪ هجن ۽ ٻوٽي جا پن ڇڻڻ لڳن. ٻوٽي ۾ گهربل لاباري واري وقت 10 کان 15 ڏينهن اڳ پن ڇاڻيندڙ ڪيميائي دوا (Defoliants) ڪم آڻي سگهجي ٿي. پر ان سان پيداوار ۾ گهٽتائي ايندي. پر ڪٽائيءَ ۾ دير سبب ٻج ڏوڏين مان نڪرندا ۽ فصل ۾ ٻج ڇڻڻ جو مسئلو ٿيندو. هيرڻ ۾ ڏوڏين جي ڦاٽڻ ۽ ٽٽڻ جو مسئلو آهي. تنهنڪري ان جو لابارو ڪمبائين سلينڊر اسپيڊ نالي مشين سان ڪجي.
• پواڙي: پواڙيءَ جو لابارو يا ڪٽائي ان وقت ڪجي جڏهن اڪثر پن خاڪي يا ناسي رنگ جا ٿيڻ لڳن. گلن تي، پڻ ساواڻ گهٽجڻ لڳي. ڏانڊيون خشڪ ٿيڻ لڳن ۽ ٻج سفيد رنگ ٿئي ۽ سولائيءَ سان ڳاھہ ۾ اچي. هي فصل جيئن ئي پچي تيار ٿئي تہ ڪٽائي ڪجي تہ جيئن ٻج ڇڻڻ کان بچي.
• سورج مکي: سورج مکي آڳاٽو پچي ٿو، ٻج پڪل حالت ۾ ان وقت اچي ٿو، جڏهن ٻوٽي جي گل جو هيٺيون پاسو پيلو ٿيڻ شروع ٿئي. پر سورج مکيءَ جو ڳردار گل سڪڻ ۾ وڌيڪ وقت وٺي ٿو. هن فصل جي ڪٽائي لاءِ تجارتي گل چونڊو ڪندڙ اوزار (Headers) ڪم آڻڻ سان ٻج جو نقصان گهٽ ٿئي ٿو.
• بوهي منڱ: بوهي مڱ جون ڦريون 1 کان 3 ڏينهن تائين کوٽائي بعد رکڻ سان نيم خشڪ حالت ۾ اچي وڃن ٿيون. جڏهن تہ 5 کان 10 ڏينهن واري خشڪ آبهوا 8 کان 10 سيڪڙو گهم بحال رکي ٿي. هن فصل لاءِ آلي ۽ سائي يا نيم خشڪ حالت ۾ فصل کوٽائي يا گڏ ڪرڻ بعد هٿرادو سوڪهڙو ڏيڻ سان بهتر خاصيت جون ڦريون ۽ ٻج ملندو.
• سويابين: سويابين جي پچڻ جي نشاني اها آهي تہ فصل جي پنن ۽ ڏانڊين جو رنگ سائي کان پيلو ٿيڻ شروع ٿئي ٿو ۽ ڦريون پڻ پيلي کان خاڪي رنگ اختيار ڪن ٿيون ٻج سخت ٿيڻ لڳي تہ فصل جي ڪٽائي ڪجي. آڳاٽي لاباري سبب ٻج ننڍا ۽ گهنجيل ملندا. جڏهن تہ دير واري لاباري ڪري داڻن ڇڻڻ جو خطرو آهي ۽ پيداوار ۾ گهٽتائي ايندي.
• تيلي ٻجن جي لاباري جو طريقو: تيلي ٻجن وارا فصل مختلف قسمن جا ٿين ٿا ۽ سندن تعلق مختلف خاندانن سان آهي. هي فصل ٻہ پني (Dicots) واري ٻوٽن سان تعلق رکن ٿا. جن جون پاڙون ڊگهيون ۽ ٻوٽا قد ۾ وڏا ۽ ننڍا بہ ٿين ٿا. هي فصل ڦل طور ڦريون، گوگڙا يا ڏينا (Capsules) ۽ گل ڦل (Flowers/Heads) جهلين ٿا. اهوئي سبب هن قسم جا تيلي ٻج مختلف وقتن تي پچن ٿا ۽ مختلف طريقن سان لابارو ڪيا وڃن ٿا. ڪجهہ تيلي ٻج ڦريون جهلين ٿا. جھڙوڪ: سرنهن، توريو، ڄانڀو، ڪينولا، سويابين، بوهي منڱ وغيرہ. ٻيا وري گوگڙا ۽ ڏوڏيون جهلين ٿا. جھڙوڪ السي، هيرڻ، تر وغيرہ. جڏهن تہ گل ڦل جهلڻ وارا تيلي ٻج: سورج مکي ۽ پواڙي وغيرہ آهن. سنڌ ۾ ڦرين وارن تيلي ٻجن جو لابارو هميشہ ڏاٽي ذريعي ڪيو وڃي ٿو. جڏهن فصل جو 40 سيڪڙو کان 50 سيڪڙو ڦريون کليل، ٻج جو رنگ سائي کان پيلاڻ ۾ تبديل ٿئي تہ لاباري جي تياري ڪجي. ٻيءَ صورت ۾ ڦرين مان ٻج ڇڻڻ شروع ڪندو ۽ پيداوار جا نقصان ٿيندا. تنهنڪري لاباري ۾ دير نہ ڪجي. هيرڻ، تر ۽ السي وارا تيلي ٻج لاباري لاءِ ان وقت تيار ٿين ٿا، جڏهن گوگڙا يا ڏوڏيون خشڪ ٿين ۽ پن ڇڻڻ شروع ڪن، ڇاڪاڻ تہ لاباري ۾ دير سب ٻج ڇڻڻ شروع ڪندا، نتيجي ۾ پيداوار ۾ گهٽتائي ايندي. هنن فصلن جو لابارو عام طور ڏاٽي ذريعي ڪيو وڃي ٿو. پر جيئن تہ هيرڻ ۽ ترجا ڏينا يا ڏوڏا جلدي ڦاٽي پون ٿا. تنهنڪري سلينڊر اسپيڊ ڪليئرنس (Cylinder Speed Clearance) جهڙو لاباري وارو اوزار ڪم آندو وڃي ٿو. جڏهن تہ السيءَ جو لابارو هٿراڌو طريقي يعني ڏاٽي ذريعي ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ فصل جا زمين جي مٿان وارا حصا ڪٽي ڳٺڙيون ٻڌي سڪائڻ لاءِ رکيون وڃن ٿيون. بوهي منڱ جو لابارو يا کوٽائي ان وقت ڪجي، جڏهن فصل جي پنن جو رنگ ساواڻ کان پيلاڻ ڏانهن تبديل ٿئي ۽ زمين اندر ڦريون پنھنجي مڪمل سائيز کي پهچن. هن فصل جو ڦل پاڙن واريون ڦريون آهن، جيڪي پچڻ وقت کوٽائي ڪري ڪڍيون وڃن ٿيون. هن فصل کي عام طور هر يا ڪوڏر ذريعي کوٽي ڪڍيو وڃي ٿو. پر هڪ کوٽائيءَ وارو اوزار Combining Wet استعمال هيٺ آهي. جيڪي اڌ آلي حالت ۾ ڪڍي انهن کي هٿراڌو خشڪي ڏني وڃي ٿي. ٻئي طرف، هڪ اوزار ڊگرشيڪر ونڊروئر (Digger Shaker Wndrower) فصل جي ڦرين واري کوٽائيءَ لاءِ ڪم اچي ٿو. جڏهن تہ گل ڦل جهليندڙ تيلي ٻج جھڙوڪ سورج مکي ۽ پواڙيءَ جو لابارو ٻج جي پچڻ وقت ڪجي. هن قسم جي فصلن جي ڪٽائي عام ڪري ڏاٽي ذريعي مٿان کان گل ڪٽيا وڃن ٿا ۽ باقي ڏانڊيون ڇڏيون وڃن ٿيون. عام طور هٿراڌو ڏاٽي وارو طريقو سورج مکيءَ لاءِ بهتر آهي، ڇو تہ پڪل گل ڦل الڳ الڳ ڪٽيا وڃن ٿا، جنهنڪري ڳاھہ لاءِ هڪ جڳھہ تي رکڻ ۾ سولائي ٿيندي. هن فصل جي ڪٽائي واسطي زرعي اوزارن طور سن فلاور هيڊرس (Sunflower Headers) ڪم آندا وڃن ٿا.
جڏهن تہ پواڙيءَ جي مشيني لاباري لاءِ فصل جو پڪل هئڻ لازمي آهي. هن فصل جو لابارو سڌيءَ طرح ڪمبائن سلينڊر اسپيڊ (Combine Cylinder Speed) ذريعي ڪيو وڃي ٿو. اهو ان وقت ممڪن آهي جڏهن فصل جو رنگ خاڪي يا ناسي ٿئي ۽ پنکڙين تي تمام ساواڻ نظر اچي. ڏانڊي سڪل هجي ۽ اڇي رنگ جا داڻا آسانيءَ سان نڪري اچن. ٻج جي صفائي وقت اهو خيال رکجي تہ جيئن مشين ڪچري سبب بند نہ ٿئي تہ ٻيءَ صورت ۾ مشين جي رفتار وڌائڻي پوندي.
تيلي ٻجن جا لاباري ۽ ڳاھہ وارا نقصان:
1. تيلي ٻجن جو اڻ پڪل ۽ ڪچو فصل لڻڻ يا لاباري سبب داڻو ماريل ۽ ننڍو ملندو.
2. داڻي جو وزن گهٽ ملندو ۽ پيداوار ۾ گهٽتائي ايندي.
3. داڻي ۾ ڳڀ (Embryo) جي واڌ صحيح نہ ٿيندي ۽ اهو ٻج بعد ۾ نہ ڦٽندو
4. اڻ پڪل ۽ آڳاٽو لاباري ڪيل فصل ۾ باقي کلندڙ گل ٻاٽي ٻج پيدا ڪرڻ کان رهجي ويندي.
5. دير واري لاباري سبب ٻج جو ڇاڻو ٿيندو، جنهنڪري پيداوار ۾ گهٽتائي ايندي.
6. لاباري ۾ دير جي ڪري بيٺل فصل ۾ جيتن، بيماري، ڪوئن ۽ بارش سبب نقصان ٿين ٿا، جڏهن تہ تيز هوا ۽ بارش سبب پڪل فصل هيٺ ڪِري پوي ٿو، نتيجي ۾ داڻا ڇڻي وڃن ٿا.
7. بيٺل فصل ۾ بارش سبب داڻا انگروجڻ لڳندا، جنهنڪري داڻي جي خاصيت متاثر ٿيندي.
8. دير واري لاباري سبب اَنَ يا ٻج سان گڏوگڏ بھہ جو نقصان ٿئي ٿو.
9. تيلي ٻجن جي فصلن جو ڳاھہ عام طور ڏنڊن ۽ سَٽَ ڪُٽَ ذريعي ڪيو ويندو آهي، هن طريقي ۾ پڻ داڻن جو نقصان ٿئي ٿو.
10. داڻا يا ٻج ڀڄي پون ٿا ۽ صفائي وقت بھہ ۾ ملي وڃن ٿا. جنهن لاءِ ڳاھہ هر فصل لاءِ جدا تيار ٿيل مشينريءَ ذريعي ڪيو وڃي.
ڳاھہ: عام طور تيلي ٻجن جو ڳاھہ ڏنڊن ۽ سٽَ ڪُٽ ذريعي ڪيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هي فصل مختلف قسمن جي واڌ ۽ بناوت رکن ٿا. هنن فصلن جو پيداواري حصو ڦري، گوگڙو، ڏوڏي يا گل آهي. ان ڪري هي فصل صرف پيداواري حصي جي ڪٽائي يا لاباري بعد ڳاهي يا ڏنڊن ذريعي ڪُٽي سٽي داڻا ڪڍيا وڃن ٿا. ٻي طرف تيلي ٻج واري فصل ۾ مشيني ڳاھہ ۽ صفائي وارا طريقا ڪم اچن ٿا.
صفائي: تيلي ٻج وارن فصلن جي صفائي هٿراڌو ۽ مشيني طريقي سان ڪئي وڃي ٿي، جنهن ۾ داڻن جو نقصان گهٽ ٿئي ٿو. داڻا صاف هجڻ ڪري مارڪيٽ ۾ اگهہ جهجهو ملي ٿو.
ذخيرو: تيلي ٻجن جي ذخيري لاءِ عام طور ٻوريون ڪم اچن ٿيون ۽ ذخيرو عام کليل ذخيرن يا گدامن ۾ مقرر گرمي درجي ۽ گهم مطابق ڪجي ٿو.
جَوَ (Barely ):جَوَ ربيع جي موسم وارو اناج جو فصل آهي. هن فصل جي اصليت محدود نہ آهي. هي فصل پٿر واري دؤر ۾ سوئيٽزرلينڊ جي رهاڪن طرفان پوکيءَ هيٺ هيو. هڪ اندازي مطابق جهنگلي گاھہ ۽ گهريلو جَوَن جو عام قسم ساڳي علائقي ۾ وڌيو ۽ پوکيو ويو، جنهن مان هڪ قسم وارا جَوَ (Hordeum Spontanum) اڄ بہ عام آهن. هي علائقو اولهندي ايران جي زرگوش جبلن کان ۽ ڏکڻ ترڪي ۽ ڏکڻ طرف فلسطين تائين پکڙجي ٿو. ڪجهہ حياتياتي ماهرن جو خيال آهي تہ هن ٻوٽي جو اصل وطن ايشيا ۽ آفريقا يا اڀرندي تبت آهي. هن علائقي ۾ ڇھہ قطاري سنگ وارا جَوَ (Six-Row Barely) ملن ٿا ۽ پوکيءَ وارا جَوَ بہ هن ملڪ ۾ ملن ٿا. هن فصل جو اناج يا ٻج سڌيءَ طرح خوراڪ ۾ نٿو واپرايو وڃي. پر ان مان صنعتن ۾ ڊبل روٽي، ماني، جَوَن جي ڪش ۽ شراب ٺاهيو وڃي ٿو، ٻئي طرف جَوَ گهوڙن ۽ پکين کي کارايا وڃن ٿا.
آبهوا (Climate ):جَوَ سياري جي موسم وارو اناج جو فصل آهي. هي فصل ڪڻڪ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خشڪي برداشت ڪندڙ آهي. هن فصل لاءِ گهٽ ۾ گهٽ بارش جي گهرج 250 کان 200 ملي ميٽر آهي. جَوَن جو ٻج ڦوٽهڙي واسطي ڪڻڪ جي ڀيٽ ۾ گهٽ وَٽَ يا آلاڻ جي ضرورت ڏيکاري ٿو ۽ ان ۾ واڌ جي صلاحيت وڌيڪ آهي. حالانڪہ جَوَن جي وڌيڪ پيداوار جو تعلق اهڙن علائقن سان آهي، جتي بارش ۽ گهميل موسم وڌيڪ وقت رهي ٿي. سنڌ ۾ جَوَ بوسي يا دوباري فصل طور پوکيو وڃي ٿو. جَون جي ڦوٽهڙي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ گرمي درجو 2 ڊگري سينٽي گريڊ آهي، جنهن دوران ڦوٽهڙو گهٽ ٿئي ٿو، جڏهن تہ ڦوٽهڙي ۽ سلن نڪرڻ لاءِ مقرر گرميءَ جو درجو 20 15 ڊگري سينٽي گريڊ آهي ۽ پنيري واڌ گهڻي قدر 17 16 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي درجي مطابق ٿئي ٿي.
زمين (Soil ):جَوَ هر قسم جي زمين تي ٿي سگهن ٿا، جنهن ۾ چيڪيءَ کان وارياسي زمين بهتر آهي. اهي زمينون جيڪي ڪڻڪ جي پوکيءَ لاءِ ڪم اچن، جنهن ۾ سٺي نيڪال واريون لٽاسيون ۽ چيڪيون لٽاسيون زمينون بهتر آهن. عام طور جَون جي پوکيءَ جو تعلق گهٽ زرخيز زمين سان آهي. جَون جو فصل لوڻ يا ڪلر برداشت ڪندڙ اناج وارو فصل آهي، جيڪو ڦوٽهڙي ۽ واڌ وارن ٻين مرحلن دوران لوڻ برداشت ڪرڻ جي قوت رکي ٿو. تنهنڪري جَوَ ڪلر وارين زمينن ۾ ڪاميابي سان پوکي سگهجن ٿا. انهيءَ سبب ڪري ساريال جي علائقي جا آبادگار جَون جي پوک ۾ گهڻي دلچسپي رکن ٿا. جَوَ خشڪي روڪيندڙ فصل جي حيثيت سان دوباري فصل طور، سارين جي پوک کان پوءِ ساڳي وَٽَ يا آلاڻ تي پوکيا وڃن ٿا، اهڙيءَ صورت ۾ جَوَن جي پيداوار ڪڻڪ کان بهتر ملي ٿي.
زمين جي تياري (Land Preparation ):هن فصل مان وڌيڪ پيداوار وٺڻ لاءِ زمين جي تياري وڏي اهميت رکي ٿي. جَوَن لاءِ زمين جي تياريءَ واسطي ٻن کان ٽي هر ڏئي ڀتر ڀڃجن ۽ گندگاھہ ختم ڪجي. هر ڏيڻ بعد زمين کي هموار ڪجي تہ جيئن ٻج، ڀاڻ ۽ پاڻي ڏيڻ ۾ آساني ٿئي.
پوکيءَ جو وقت (Sowing Time ):عام طور سنڌ ۾ جَوَن جي پوک نومبر جي مهيني ۾ ڪئي ويندي آهي. ڏکڻ سنڌ ۾ جَوَن جي فصل جي پوک 15 آڪٽوبر کان 30 نومبر تائين ڪرڻ گهرجي. جڏهن تہ وچولي ۽ اتر سنڌ ۾ پوکي پهرين نومبر کان 10 ڊسمبر تائين ڪئي وڃي.
پوکيءَ جو طريقو (Sowing Method ):جَوَن جي پوک ناڙي ۽ ڇٽ ذريعي ڪئي وڃي ٿي. جڏهن تہ ناڙيءَ ذريعي پوک مان وڌيڪ پيداوار ملي ٿي. ساريال جي علائقي ۾ جَوَن جي پوک ڇٽ ذريعي ڪئي ويندي آهي.
جنسون (Varieties ):جَوَن جي پوک واسطي سفارش ڪيل جنسن ۾ T.J-70، نيلم ۽ IB-8244 وغيرہ اچن ٿيون. اهڙن جنسن جي ٻج پوکيءَ واسطي شعبو زرعي تحقيقي اداري ٽنڊو ڄام ۾ بهتر نتيجا ڏنا آهن پر اهڙين جنسن تي بيماريءَ جو حملو زياده ٿئي ٿو. جڏهن تہ نين جنسن ۾ ڪلپر ۽ ڊوارف بارلي (Dwarf Barley) سفارش ڪيون ويون آهن.
ڀاڻ ڏيڻ (Fertilizer Application ):جَوَن لاءِ ڀاڻ جي سفارش زمين جي زرخيزي مطابق ڪئي وڃي. جَوَن لاءِ ڀاڻ جي عام سفارشن مطابق 50 ڪلوگرام نائٽروجن ۽ 25 ڪلوگرام فاسفورس استعمال ڪرڻ گهرجي، ڇو تہ وڌيڪ پيداوار لاءِ ڪيميائي ڀاڻ جو استعمال ضروري آهي.
پاڻي ڏيڻ (Irrigation Application ):هي خشڪي برداشت ڪندڙ فصل آهي، جنهن جي وڌ ۾ وڌ پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ 3 کان 4 پاڻي ڏجن. هن فصل کي واڌ جي نازڪ مرحلن تي پاڻي ضرور ڏجي، اهو ئي سبب آهي تہ جَوَ دوباري فصل طور پوکيا وڃن ٿا.
لابارو: هي فصل ڪڻڪ سان گڏ يا ڪڻڪ واري موسم ۾ پچي ٿو. عام طور جَوَ مارچ کان اپريل جي مهينن ۾ پچي لاباري لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا. هن فصل جو لابارو ڏاٽي يا لاباري جي مشين (Reaper) ذريعي ڪري سگهجي ٿو.
پيداوار: هن فصل جي پيداوار 3000 کان 3500 ڪلوگرام في هيڪٽر وٺي سگهجي ٿي. جڏهن تہ سراسري پيداوار 500 ڪلوگرام في هيڪٽر آهي.
ٻاجهري (Millet ):ٻاجهري خريف جو اهم فصل آهي، جيڪا اناج ۽ گاھہ طور پوکي وڃي ٿي. جڏهن تہ خشڪ حالتن ۾ اها ڪڙٻ جي صورت ۾ جانورن جي چاري طور استعمال ٿئي ٿي. ٻاجهريءَ جو فصل ننڍي کنڊ انڊيا ۽ پاڪستان ۾ آڳاٽي زماني کان پوکيو وڃي ٿو. پر علمِ نباتات جي ماهرن جو خيال آهي تہ ٻاجهري ڏکڻ اوڀر ايشيا سان تعلق رکي ٿي، جنهن ۾ انڊيا ۽ چين اچي ٿو ۽ ان بعد اها ٻيءَ دنيا جي ملڪن ڏانهن پکڙي آهي. ٻاجهري خشڪ فصل طور باراني علائقن ۾ پوکي وڃي ٿي ۽ تمام گهٽ ايراضيءَ هيٺ آبپاشي وارن علائقن ۾ پوکي وڃي ٿي. ٻاجهري خشڪ فصل طور سنڌ جي ٿر ۽ ڪوهستان واري علائقي ۾ پوکي وڃي ٿي، جتي هڪ اهم خوراڪ وارو فصل آهي.
آبهوا: ٻاجهري سرد ۽ تمام گهميل آبهوا کان سواءِ ٻيءَ هر قسم جي موسم ۾ پوکي وڃي ٿي. جڏهن تہ خشڪ آبهوا ٻاجهريءَ جي پوکيءَ واسطي بهتر آهي. ٻاجهري وڌ ۾ وڌ خشڪي برداشت ڪري ٿي. اها هڪ حقيقت آهي تہ ٻيو ڪوبه اناج جو فصل گرم خشڪ علائقي ۾ نٿو وڌي، جهڙي نموني ٻاجهري پنھنجي واڌ جاري رکي ٿي.
زمين: ٻاجهريءَ جو فصل هر قسم جي زمين تي ٿئي ٿو، هي فصل سم واري زمين ۾ نٿو ٿئي. هن فصل ۾ ڪلر وارين حالتن جي برداشت جي صلاحيت آهي، جتي ٻاجهري، ڪڻڪ ۽ ڪپھہ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اڀري ٿي. هي فصل گهٽ زرخيز زمين تي پوکي سگهجي ٿو. جتي وڌيڪ پيداوار وٺڻ لاءِ اضافي ڀاڻ جو مقدار ڏنو وڃي ٿو. جڏهن تہ ٻاجهريءَ جي فصل لاءِ وارياسي لٽ واري زمين بهتر آهي، اهڙي زمين ۾ 15 کان 20 گاڏيون وٿاڻ جو ڀاڻ في ايڪڙ ڏيڻ گهرجي. ٻاجهري جي پوک لاءِ تمام هوادار ۽ گهٽ زرخيز وارياسيون زمينون گهرجن. جڏهن تہ ڳريون زمينون ٻاجهري لاءِ غير موزون آهن.
زمين جي تياري: هن فصل لاءِ ڪنهن خاص قسم جي زمين جي تياريءَ جي ڪابہ ضرورت نہ آهي. ٻاجهريءَ جي سٺي پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ 2 کان 3 هر ڏئي سانهر ڏنو وڃي. باراني علائقن ۾ چؤماسي جي برساتن کان پهريائين زمين جي تياري مڪمل ڪئي وڃي ائين ڪرڻ سان زمين ۾ پاڻي جي جذب ڪرڻ واري صلاحيت وڌي ويندي.
ٻج جو مقدار: اناج لاءِ پوکيءَ واري ٻاجهريءَ واسطي 3 کان 4 ڪلوگرام في ايڪڙ ٻج استعمال ڪرڻ گهرجي. جڏهن تہ سائي گاھہ يا چاري لاءِ ٻج جو مقدار 10 کان 20 ڪلوگرام في ايڪڙ سفارش ڪيو وڃي ٿو.
جنسون: سنڌ ۾ ٻاجهري جون ٻہ جنسون جھڙوڪ C-48 ۽ C-18 عام پوکيون وڃن ٿيون. جڏهن تہ ٻاجهريءَ جون نيون جنسون 84-18، 844 ۽ IC-8206 پوکيءَ هيٺ آهن.
پوکيءَ جو وقت: اناج لاءِ ٻاجهريءَ جي پوکڻ جو وقت جون ۽ جولاءِ کان 15 آگسٽ موزون آهي. جڏهن تہ سائي گاھہ لاءِ پوکيل ٻاجهري واسطي بهتر وقت اپريل آهي. هي فصل گاھہ لاءِ آگسٽ تائين پوکي سگهجي ٿو.
پوکيءَ جو طريقو: ٻاجهريءَ جي پوکي ناڙيءَ ذريعي وڌيڪ بهتر آهي پر فصل جي پوک ڇٽ ۽ ناڙي ذريعي ڪئي وڃي. ناڙي ذريعي پوکيل ٻاجهريءَ لاءِ قطارن ۽ ٻوٽن وارو مفاصلو 12x9 سفارش ڪجي ٿو.
ڀاڻ: هن فصل لاءِ ڀاڻ وڏي پيماني تي استعمال نٿو ٿئي ۽ عام حالتن ۾ ٻاجهريءَ جو فصل وٿاڻ جي ڀاڻ ۽ ڪيميائي ڀاڻ کان سواءِ پوکيو وڃي ٿو. پر وڌيڪ اهم فصل لاءِ هڪ ٻوري يوريا في ايڪڙ پوکيءَ وقت ڏيڻ گهرجي.
آبپاشي: ٻاجهري مختصر موسم يا گهٽ وقفي وارو فصل آهي، جنهن جي پچڻ لاءِ ٻن کان اڍائي مهينن جو وقت گهرجي. هن فصل لاءِ گهٽ مقدار ۾ پاڻي گهرجي. ٻاجهري لاءِ 2 کان 3 پاڻي گهرجن. پهريون پاڻي پوکيءَ کان 30 ڏينهن جي اندر ڏجي ۽ باقي آبپاشيءَ جو پاڻي 15 ڏينهن جي وقفي تي ڏيڻ گهرجي.
لابارو: ٻاجهريءَ جو فصل چِٽَ واري موسم يعني سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر جي مهينن ۾ پچي ٿو ۽ لاباري لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو.
پيداوار: باراني علائقن ۾ اناج لاءِ پوکيل ٻاجهريءَ جي پيداوار 5 مڻ في ايڪڙ آهي ۽ آبپاشيءَ وارن علائقن ۾ 10 کان 12 مڻ في ايڪڙ پيداوار ملي ٿي، جڏهن تہ سائي گاھہ جي پيداوار 300 کان 400 مڻ في ايڪڙ آبپاشيءَ وارن علائقن اندر ورتي وڃي ٿي ۽ باراني علائقن ۾ ٻاجهريءَ جي سائي گاھہ جي پيداوار 200 مڻ تائين آهي .


لفظ تيلي ٻجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو