
تيونس جو نقشو
تيونس (Tunisia ):هن ملڪ جو سرڪاري نالو الجمهوريه التونيس (Republic of Tunisia) آهي ۽ پراڻو نالو ڪارٿيج (Carthage) آهي. هي اتر آفريڪا جو ملڪ آهي، جنهن جي ڪل پکيڙ 164510 چورس ڪلوميٽر (633302 چورس ميل) ۽ آبادي 96 لک 45 هزار آهي. هن جي گادي جو هنڌ تيونس (Tunis) ۽ سرڪاري ٻولي عربي آهي. هتان جي موسم رومي سمنڊ جي ڪري خوشگوار آهي ۽ ملڪ جي اندرين حصن ۾ موسم خشڪ ۽ گرم هوندي آهي. تيونس جي مکيہ زرعي يپداوار ڪڻڪ، جَوَ، زيتون، کجي، مٺو ميوو، انگور، سنگترو، ليمون، پستا، ڀاڄيون، انجير آهي. جڏهن تہ مکيہ صنعتون کنڊ، آئل، ريفائنري، سيمنٽ، ٽيڪسٽائيل، فوڊ پروسيسنگ، تيل جون شيون، عمارتي سامان، گيھہ ۽ شيشو ٺاهڻ آهي. تيونس هڪ آزاد جمهوريه آهي، جتي صدارتي طرز جي حڪومت قائم آهي. صدر رياست جو مملڪتي اڳواڻ (Head of State)، سڀني انتظامي اختيارن جو مالڪ ۽ هٿياربند فوج جو سپريم ڪمانڊر آهي. صدر 5 سالن لاءِ عوام جي ووٽن سان چونڊيو ويندو آهي. حڪومت جو اڳواڻ وزيراعظم هوندو آهي، جنهن کي صدر نامزد ڪندو آهي. تيونس جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 20 مارچ 1956ع آهي ۽ ملڪ کي گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 12 نومبر 1956ع کان آهي .