ثابت علي شاھہ ثالث: سيد ثابت علي شاھہ ثالث سنڌي مرثيي جي باني سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائي جي اولاد مان هو. هن 1918ع تي حيدرآباد ۾ ميرن جي قبن تي سيد مظفر علي شاھہ جي گهر ۾ جنم ورتو. شاھہ صاحب ابتدائي تعليم ٽريننگ ڪاليج فار مين، نؤ ودياله اسڪول ۽ نولراءِ اڪيڊمي حيدرآباد مان حاصل ڪئي ۽ ميٽرڪ جو امتحان وري پنجاب مان 1935ع ۾ پاس ڪري جلد ئي پاڻ ملازمت اختيار ڪئي. پهرئين جيل ڊپارٽمينٽ ۽ بعد ۾ لوڪل بورڊ حيدرآباد ۾ سروس اختيار ڪيائين. جتان 1976ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. سيد ثابت علي شاھہ پنھنجي سڄي عمر مذهب ۽ سنڌ جي علم و ادب ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۾ گذاري. سندس تعليم و تربيت سندس ڏاڏي سيد امداد علي شاھہ ثانيءَ جي زير سايہ ٿي. پاڻ انجمن اماميہ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ۽ صدر پڻ رهيو. شاھہ صاحب جيئن تہ سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائي جو پڙ پوٽو هو، سو پاڻ 1965ع ۾ پنھنجي ڏاڏي سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائي جي شخصيت ۽ شاعري اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪجهہ ادب دوستن ساٿين سان گڏجي ”سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائي يادگار ڪميٽي“ جوڙي. اهو ان يادگار ڪميٽي جو پهريون صدر چونڊيو ويو، جنهن جي پليٽ فارم تان ڪيترائي مشاعرا، ادبي سيمينار ۽ مجالس عزا جا پروگرام منعقد ڪرايا ۽ سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائي جو ڪجهہ سنڌي ڪلام مرتب ڪري پڌرو ڪيو. شاھہ صاحب ڪيترائي مضمون ۽ مقالا سنڌي ادب ۽ شاعريءَ تي لکيا جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا. هن ڪجهہ ڪتاب بہ لکيا جن ۾ ”چوڏھہ معصومين ۽ ”سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائي ۽ سندس خاندان“ مشھور تصنيفون آهن، سيد ثابت علي شاھہ ثالث ميرن جي قبن تي سيد امداد علي شاھہ اول ولد سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائي جو 1249ھہ/1833ع ۾ قائم ڪيل امام بارگاھہ ”باب الحوائج“ کي پڻ ڪرايو. شاھہ صاحب 10 ڊسمبر 1994ع ۾ 77 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.
1918.00.00 عيسوي
سيد ثابت علي شاهه ثالث 1918ع تي حيدرآباد ۾ ميرن جي قبن تي سيد مظفر علي شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو
1994.12.10 عيسوي
سيد ثابت علي شاهه ثالث 10 ڊسمبر 1994ع ۾ 77 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي