
ثقلين مشتاق
ثقلين مشتاق: پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽر ثقلين مشتاق 29 ڊسمبر 1976ع تي لاهور ۾ جنم ورتو. هيءُ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو بھترين آف اسپنر رهيو آهي. جنهن ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ آف اسپن بالنگ جا ڪيترائي گُر متعارف ڪرايا، جنهن ۾ ’دوسرا‘ ۽ ’تيسرا‘ نالي گُر هن لاءِ ڪارگر ثابت ٿيا ۽ مخالف بيٽسمين سندس اڇلايل بال تي آسانيءَ سان نہ کيڏي سگهندا هئا. ثقلين 1995ع ۾ بين الاقوامي سطح تي ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ پير پاتو. هن پنھنجي بين الاقوامي ڪيريئر جي پهرين ٽيسٽ مئچ سيپٽمبر 1995ع ۾ پشاور اسٽيڊيم ۾ سريلنڪا ٽيم جي خلاف کيڏي ۽ پوءِ گجرانوالا اسٽيڊيم ۾ سريلنڪا خلاف ون ڊي مئچ کيڏي.
ثقلين مشتاق عالمي سطح تي ڪرڪيٽ جي دنيا جو پهريون آف اسپنر بالر رهيو آهي، جيڪو هڪ ڏينهن واري مئچ ۾ هيٽ ٽرڪ جو اعزاز رکي ٿو. هن 49 ٽيسٽ مئچن ۾ 208 وڪيٽون ورتيون آهن، ٽيسٽ مئچن ۾ سندس بھترين ڪارڪردگي 164 رنسن عيوض 8 وڪيٽون آهي، جڏهن تہ هن ون ڊي مئچن جي 169 مئچن ۾ 288 وڪيٽون ورتيون آهن. سندس بھترين بالنگ 20 رنسن عيوض 5 وڪيٽون وٺڻ آهي. هن کي اعليٰ ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي 2000ع ۾ سال جو بھترين رانديگر جو اوارڊ پڻ مليو.
2004ع کان گهڻي وقت تائين ٻانهن جي خرابي (زخم) جو شڪار هئڻ سبب ڪرڪيٽ کان ٻاهر آهي ۽ هن وقت لاهور جي مقامي علائقن ۾ اسلام جي تبليغ ۾ مشغول آهي.