جارج واشنگٽن

جارج واشنگٽن

جارج واشنگٽن

جارج واشنگٽن: آمريڪا جو پهريون صدر جارج واشنگٽن هڪ وڏي زميندار جو پٽ هو، 22 فيبروري 1732ع تي آمريڪا جي شھر ويڪلفيڊ ۾ پيدا ٿيو. 1753ع کان 1758ع تائين فوج ۾ رهيو. 1758ع ۾ فوجي نوڪريءَ تان استعيفا ڏيئي ترت پوءِ شادي ڪيائين. 1775ع ۾ ڪانگريس جي گڏجاڻيءَ ۾ هن کي سپھہ سالار منتخب ڪيو ويو ۽ پنھنجي وقار، دولت، تجربي، مضبوط ارادي ۽ انتظامي صلاحيتن جي ڪري پنھنجي عهدي سان ڀرپور انصاف ڪيائين. هن اصل ڪارناما 1775ع کان 1797ع جي وچ واري عرصي ۾ سرانجام ڏنا. سندس شخصيت آمريڪا ۾ ٽن حيثيتن جي ڪري نمايان ٿي. هڪ تہ هو آمريڪا جي جنگ آزاديءَ ۾ هڪ ڪامياب فوجي رهنما ثابت ٿيو، پر اها ڳالھہ بہ وزن رکي ٿي تہ ان جنگ ۾ ڪيترائي آمريڪي فوجي سپھہ سالار ناڪام ٿي ويا هئا، جڏهن تہ واشنگٽن ڪجهہ شڪست کائڻ جي باوجود جنگ کي پنھنجي حق ۾ موڙي ورتو. واشنگٽن آمريڪا جي آئين ٺهرائڻ ۾ پڻ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو. اها آمريڪا جي خوش قسمتي هئي، جو سندن ڀاڳ ۾ هن جهڙو اعليٰ قابليتن وارو انسان آيو. واشگنٽن پنھنجي پختي ارادي سان پنهنجيءَ قوم جو تمام ڏکئي وقت ۾ ڳاٽ اوچو ڪري ڏيکاريو. هن کي ڪو بہ آمراڻو جنون ڪو نہ هو. واشنگٽن جنگ ۽ امن جي حالت ۾ پنھنجي اعليٰ اڳواڻيءَ واري صلاحيتن سان سياسي تحريڪ کي ڪامياب ڪيو. > جارج واشنگٽن 14 ڊسمبر 1799ع تي وفات ڪئي. <


لفظ جارج واشنگٽنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1732.02.22  عيسوي

جارج واشنگٽن: آمريڪا جو پهريون صدر جارج واشنگٽن هڪ وڏي زميندار جو پٽ هو ، 22 فيبروري 1732ع تي آمريڪا جي شهر ويڪلفيڊ ۾ پيدا ٿيو


1799.12.14  عيسوي

جارج واشنگٽن 14 ڊسمبر 1799ع تي وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير رکيل ريلائي
پٽيل دراب جسٽس
محمد حسين سومرو
سيد حامد نوبهار شاھہ
بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي
حاجي امير بخش خان جوڻيجو
تيجو مل خانچند لڌاڻي
آصف پھوڙ گامون
قاضي علي اڪبر درازي
پنهور منظور علي خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون