جاسوسي ادب: اها حقيقت عالم آشڪار آهي ته انگريزي ادب، شيڪسپيئر جي ادب ۽ شاعريءَ کان وڌيڪ جاسوسي ادب ذريعي ترقي ڪئي. ساڳيءَ طرح هندوستان ۾ اردو زبان جي ترقيءَ جون راهون به جاسوسي ادب کوليون. لکنؤ ۾ نولڪشور پبلشر ۽ بڪ سيلر گهڻي کان گهڻا جاسوسي ناول ڇپايا. اهي ناميارن انگريز مصنفن جي ناولن جا ترجما هئا. اردوءَ ۾ ڪجهه جاسوسي ناول طبعزاد به لکيا ويا، جن جون پراسرار، ڪهاڻيون نوابن ۽ جاگيردارن جي محلن جي ڀرپاسي ۽ اندرين ڪمرن، تهخانن ۽ مندرن جي غفائن تائين گهمن ڦرن ٿيون ۽ وڪڙ ۽ چڪر ڏيئي آخرڪار ڳجهارت وانگر کلن ٿيون. انگريزي جاسوسي ادب ۾ يا ته چالاڪ چورن، ڌاڙيلن، خوني ٽولن، بهادر، سياڻن جاسوسن جي ڪارنامن ۽ مقابلن جي سلسليوار ڪهاڻيون آهن، يا ته اسرار سان ڀريل ائڊوينچر يا دلچسپي ۽ سنسني خيز رازن سان ڀريل داستان.
سنڌي زبان ۾ جاسوسي ادب جي شروعات انگريز دور ۾، انگريز مصنف سر ڪانن ڊائل جي تخليق شرلاڪ هومز جاسوس جي ڪارنامن جي ترجمي، ’شرلاڪ هومز جا عجيب غريب ڪم‘ جي نالي سان مرزا قليچ بيگ لکي ڪئي. هيءُ ڪتاب جاسوسي ڪهاڻين تي مبني ٻن ڀاڱن ۾ هو. ڪتاب جي ٽائيٽل تي ”چوپڙي پهرين، شرلاڪ هومز جا عجيب غريب ڪم“ ڇپيل هو. ساڳيا لفظ ٻئي ڀاڱي تي به لکيل هئا. هي ڪتاب آتمارام ڪندنمل سندس قيصره اسٽيم پريس حيدرآباد ۾ ڇپائي شايع ڪيو هو. هن ڪتاب جا صفحا 46 هئا. رائل سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت چار آنا هئي. ان پريس شمس العلما مرزا قليچ بيگ جو ٻيو جاسوسي ناول ’ڀيانڪ لاش‘ به ڇپايو هو. اهو به سر ڪانن ڊائل جي ناول جو ترجمو هو، جنهن ۾ پڻ شرلاڪ هومز جاسوس جا ڪارناما بيان ڪيل هئا.
1921ع ۾ حيدرآباد مان هڪ جاسوسي هفتيوار ’ناول اخبار‘ نڪرڻ لڳي، مگر اها اخبار هاڻوڪي اخباري سائيز (\"23\"X33 يا \"20\"X30) ۾ شايع نه ٿيندي هئي، پر رائل يا ڊيمي سائيز ۾ ڇپبي هئي، جنهن ۾ ناميارن انگريز مصنفن جي جاسوسي يا پراسرار ناولن جا قسطوار سلسلا هلندا هئا. جيڪي اٺن يا ٻارهن ڀاڱن ۾ مڪمل ٿيندا هئا. ناول جو هر ڀاڱو 55-60 صفحن تي مشتمل هوندو هو. ڪجهه ناول سالنامي پرچي جي صورت ۾ مڪمل 100 سؤ کان 300 صفحن تائين شايع ڪيا ويندا هئا. هن اداري نامياري انگريز ناول نويس رينالڊ جي ناول جوزف ولمٽ جو ترجمو پندرهن ڀاڱن ۾ شايع ڪيو. هر ڀاڱي جي قيمت هڪ رپيو هئي ۽ مڪمل ناول جي قيمت 9 رپيا هئي. جاسوسي ناول اخبار جو ٻيو ناول ’لوز آف دي حرم‘ هو. جنهن جو ترجمو ’برقعي ۾ سرڪو‘ جي نالي سان ڪيو ويو. اهو ناول پنجن ڀاڱن ۾ ڇپيو، جنهن جي قيمت 9 رپيا رکي وئي. هن اداري جو ترجمو ڪرايل ٽيون ناول ’ميري پرائيس‘ هو، اهو به رينالڊ جو لکيل هو. ان ناول جا اٺ ڀاڱا هئا، جنهن جي قيمت 15 رپيا رکي وئي. جاسوسي ناول اخبار جا ٻيا ترجما ڪرايل ناول: (1) گونگو دوست، (2) دکياري، (3) پراسرار جاسوسي ناول، (4) ڳرو بدمعاش، (5) بناوتي ڊبل خون، (6) ڪلجڳي سمي جي وارتا (چار ڀاڱا)، (7) مسٽريز آف دي ڪورٽ آف لنڊن (ڏهه ڀاڱا)، (8) رابرٽ مڪاير (ڏهه ڀاڱا) ۽ ٻيا ڪيترائي ناول هئا. هن اداري هڪ سنڌي مصنف جو سماجي موضوع تي لکيل ناول ’مسٽريز آف سنڌ‘ به شايع ڪيو هو، جيڪو ناول ڇهن ڀاڱن ۾ هو. انگريز جاسوسي ناول نويسن ۾ رينالڊ، مارس ليب ناڪ، ايڇ ڊي ويلز، سيڪس ريهومر، سر آرٿر ڪانن ڊائل، ايڊگر وائـلس ۽ پيٽرشيني نامياريون شخصيتون ٿي گذريون آهن. اسرار سان ڀريل داستان لکندڙ ناول نويسن ۾ رائڊر هيگرڊ دنيا ۾ مشهور آهي، جنهن ’شي‘ (SHE) ناول لکي پنهنجو ڌاڪو ڄمايو هو. هن ناول جو ترجمو ڪجهه سال اڳي فضل احمد بچاڻي ڪيو ۽ ’عاشي‘ جي نالي سان ڇپيو هو.
سنڌي زبان ۾ شايع ٿيل جاسوسي ناولن ۾ ڪيترا ناول هندي ٻوليءَ تان به ترجمو ڪيا ويا. مثلاً: ”ڀوت ناٿ جي جيوني“ جنهن جا 21 ڀاڱا هئا، (2) جاسوسي چڪر 6 ڀاڱا، (3) خوفناڪ چڪر 7 ڀاڱا (هي ناول رائل سائز جي اڌ جو هو).
1937ع کان 1946ع تائين وارو دور، سنڌيءَ ۾ جاسوسي ادب جي ترقيءَ وارو دور ليکيو وڃي ٿو. هڪڙي پاسي عام ڪتب فروشن وڏي تعداد ۾ جاسوسي ناولن جا ترجما شايع ڪيا ته ٻئي پاسي مختلف نالن سان ماهوار جاسوسي ناول، اخبارون (رسالا) هڪ سؤ کان ڏيڍ سؤ يا ان کان مٿي صفحن تي مشتمل، رائل سائيز ۾ شايع ٿينديون رهيون. چٽا ڀيٽي چوٽ تي چڙهيل هئي. اهي ادارا پئسا ڏئي جاسوسي ناول ترجمو ڪرائيندا هئا. ان وقت خريدارن جي گهٽتائي نه هوندي هئي. ناول هٿو هٿ وڪامي ويندا هئا. مجموعي طور هر مهيني جاسوسي ناولن جي اشاعت هزارن ۾ هوندي هئي. ان کانسواءِ ڇهين ٻارهين مهيني ٻه اڍائي سؤ صفحن تي ناول جو خاص ايڊيشن نڪرندو هو، جيڪو ساليانو چندو ڏيندڙن کي تحفي طور ڏنو ويندو هو.
انهن ناولن ۾ گهڻو ڪري هي ڪردار مشهور هئا: جاسوسن ۾ شرلاڪ هومز ۽ بلئڪ جاسوس، ڏوهارين ۾ آرسين لوپن ۽ رائمرڪيو ڊاڪو ۽ ايمليا ڪارٽر ڊاڪوءَ جي ساٿڻ وغيره.
لنڊن ۾ شرلاڪ هومز ۽ بلئڪ جاسوس جا گهر (فرضي) بيڪر اسٽريٽ ۾ هئا. بيڪر اسٽريٽ اڄ به اتي موجود آهي ۽ شرلاڪ هومز ۽ بلئڪ جاسوس جي فرضي ڪردارن جي ڪري مشهور آهي. انهن جاسوسن جي يادگار طور اُتي جاسوسي ناولن جا اشاعتي ادارا هئا. جهڙوڪ سيڪسٽن بلئڪ لائبرري‘. ان نالي سان جاسوسي ناول ماهوار شڪل ۾ شايع ٿيندو هو، سنڌي زبان ۾ انهن جاسوسن جي موت کان پوءِ جي فرضي ڪردارن وارا جاسوسي ناول، جن ناميارن اديبن ۽ ليکڪن ترجما ڪيا، تن مان ڪجهه هي آهن:
مرزا قليچ بيگ:
(1) ڀيانڪ لاش (2) شرلاڪ هومز جاسوس جا عجيب غريب ڪم (ٻه ڀاڱا).
ماستر هاسومل پيسو مل ناٿاڻي:
(1) لـعـل ڇـٽي، (2) خوني چيني، (3) بدمعـاشـن جي ٽـولي، (4) لـنگـڙو چــور، (5) پهاڙي وڇون، (6) عجيب ڌاڙيل، (7) چورن جي چاچي، (8) ڀيانڪ چمڪاٽ، (9) ڦاسي، (10) وچتر رنگ، (11) سادو ڊاڪو، (12) لعل ڪوريئڙو، (13) خون جي تلاش، (14) ٺڳ جاسوس، (15) شيطان جي کوپڙي، (16) موت جو تجلو، (17) رت پياسي پتا، (18) وچتر ڊاڪو، (19) خوفناڪ حادثو، (20) خوني اک، (21) انسانن جي چوري، (22) خوفناڪ ليڊي، (23) هينري، (24) دغا باز دولتمند، (25) غيبي قاتل، (26) هينري گورڪ ڊاڪو، (27)نردئي نقاب پوش، (28) ٺونٺيو بدمعاش، (29) ٻهروپي ڊاڪو، (30) ڊبل، (31) بلئڪ کي ڦاسي، (32) دلير ڊاڪو، (33) ڪارو موتي، (34) عجيب چوري، (35) وچتر پهلوان، (36) خوني ڄار ۽ ٻن مائرن جو ٻار، (37) زهري خنجر، (38) آرسين لوپن ڊاڪو، (39) جئنٽلمين ڊاڪو. (40) طلسمي دلپاڪ، (41) عجيب شادي، (42) خوني عورت، (43) خوني پستول، (44) خون جو پياسي، (45) عيار خوني، (46) بدبخت هيرو، (47) لڪل راز، (48) جانباز عورت، (49) موت جو سڏ، (50) دلير دلبر، (51) خوفناڪ قاتل، (52) دولتمند خوني، (53) ڏکايل راڻي، (54) عجيب ڊاڪو، (55) شريف خوني، (56) سورداس سندري، (57) ستيءَ جو بدلو، (58) وچتر خون، (59) بي بها هيرو، (60) رنڊيءَ جو رنگ، (61) ولايتي جوءِ، (62) رامچند ڊاڪو، (63) وئيل پئي وصيت، (64) ڀيانڪ ڀيدي، (65) ريشمي رومال، (66) پنج هـزار، (67) خوني داستان، (68) هيبتناڪ ڊاڪو، (69) وچتر ٺڳ، (70) ڀيانڪ وڇون، (71) دغاباز دوست، (72) ڀيانڪ بدمعاش، (73) غيبي خون، (74) خوني تلوار، (75) بدمعاشن جي چوري، (76) طوفان، (77) قهري تلوار، (78) سهڻو سپ، (79) لوپن جي بيبي، (80) گلاسڪو ايڪسپريس، (81) شيطان جي ماسي، (82) لوٺيو، (83) شيطاني چڪر، (84) موت جو پيغام، (85) هوائي جهاز، (86) چالاڪ چور، (87) اٺ بدمعاش، (88) دشمن، (89) طلسمي ڪتو، (90) ڪپتان، (91) خوفناڪ ڪتو، (92) ٺڳ جواهري، (93) موت سان لڙائي، (94) ڀيدي هوائي جهاز، (95) ظاهري زخم.
محمد بخش سڪايل جوهر جا ترجمو ۽ تصنيف ٿيل ناول:
محمد بخش سڪايل جو پهرين تخلص ’سڪايل‘ هو. پاڪستان جي قيام کان پوءِ روزنامه هلال پاڪستان سان وابستگي کان پوءِ هن پنهنجو تخلص بدلائي ’جوهر‘ رکيو. پاڪستان جي قيام کان اڳ سندس جاسوسي ناول، جيڪي ترجما ۽ تصنيف ٿيل آهن، انهن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا:
(1) موتمار ترورو، (2) سـمـٿ جــو خـون، (3) هيبتـنـاڪ چـمـڪـاٽ، (4) شــرلاڪــ هـومــز کي ڦـاسـي، (5) آرسيـن لـوپـن جـو انتـقـام، (6) بـلئڪ جاسوس جو خون، (7) خطرناڪ ڦوهارو، (8) نقاب پوش، (9) چمڪندڙ بجلي، (10) جاسوس ڇوڪري، (11) راسپوتين (2 ڀاڱا).
پاڪستان جي قيام کان پوءِ آر. ايڇ. احمد اينڊ برادرس بڪ سيلر ۽ يوسف برادرس بڪ سيلر طرفان محمد بخش ’جوهر‘ جا هيٺيان ناول ڇپرايا ويا:
(1) انسـانـي کـوپـڙي، (2) بـاغـي، (3) پـڪـو بـدمعـاش، (4) خـوفـنـاڪ قـاتـل، (5) خوفناڪ خوني، (6) خوفناڪ ڪتو، (7) دغابازي، (8) راج محل جا راز، (9) زبردستي، (10) سکن سان لڙائي، (11) شرلاڪ هومز جاسوس، (12) شرلاڪ هـومــز جـاسـوس جــا ڪـارنـامـا، (13) شـيـطان جي نـانـي، (14) لـعـل چـڪـرو، (15) خوني خزانو، (16) راز پٺيان راز.
لطف الله جوڳي:
(1) بلئڪ جاسوس جي آتم ڪهاڻي، (2) بلئڪ بهادر، (3) مجيد جو هوائي جهاز، (4) انعامي هيرو.
ماستر منوهر:
(1) شيطان منڊلي، (2) خوني پتال، (3) چالاڪ پروفيسر، (4) شيطان وڪيل، (5) بلئڪ جاسوس جو خون، (6) جاسوس نازنين.
نارائڻ داس وشنداس: 1- بلئڪ جاسوس جي دُرگتي.
نارائڻداس بصرمل: (1) نقاب پوش عورت (2) شيطان خوني (3) بدمعاشن جي پارليامينٽ (4) پردي ۾ لڪل راز.
نانڪرام ڌرم داس: (1) غيبي خزانو، (2) شريف ڊاڪو، (3) ولايتي ڊاڪو، (4) خوني عورت، (5) ڪرامتي انسان، (6) مصري خنجر، (7) ٽرين ۾ خون، (8) آرسين لوپن سان ڏيٺ، (9) چورن مٿان مور، (10) جاسوس ۽ ڊاڪو.
دولترام ڏيئلداس موٽواڻي: (1) رهزن ٽولي، (2) هرفن مولا، (3) هئلر، (4) رت جو سگنل، (5) شيطاني پڪچر.
ليکراج ايس: (1) خونخوار ڏائڻ، (2) گونگو بدمعاش، (3) رنگ برنگي راڻي.
واڌو مـل مـولـچنـد: (1) خـوني انـتـقـام، (2) شيطان ڊاڪو، (3) چڪردار چوري، (4) آنرري جاسوس.
انگريزي جاسوسي ناولن جي ترجمن ۾ ٻيا به هندو ليکڪ شامل رهيا، جو هندو ڪتب فروشن ۽ ادارن، ناميارن مترجمن ۽ مصنفن کي ان ڪري ترجيح ٿي ڏني، جو انهن مترجمن جي چونڊ ٻين کان وڌيڪ بهتر هوندي هئي.
سکر ۾ هري سنگهه سنس ڪتب خاني ۽ ڇاپخاني سوين جاسوسي ناول ڇپرايا هئا. سندس ڇپايل جاسوسي ناولن جي هڪ فهرست ۾ آرسين لوپن ڊاڪو ۽ بلئڪ جاسوس جا ڪجهه ناول هيٺ ڄاڻائجن ٿا:
آرسين لوپن ڊاڪو جا ناول:
(1) نوجوان جاسوس، (2) غيبي خزانو، (3) چورن مٿان مور، (4) جهاز ۾ ڊاڪو، (5) جاسوس ۽ ڊاڪو، (6) ڪرامتي نيلم، (7) ولايتي ڊاڪو، (8) شريف ڊاڪو، (9) فرينچ ڊاڪو، (10) امير ڊاڪو، (11) جنٽلمئن ڊاڪو، (12) ڪنيا جو قاتل، (13) ريشمي رومال، (14) عجيب شادي، (15) خون بيگناهه، (16) خوني ڄار، (17) عجيب خوني، (18) طلسمي دلپاڪ، (19) زهري خنجر، (20) عجيب چوري، (21) ٻهروپي ڊاڪو.
بلئڪ جاسوس جا ناول:
(1) پهاڙي وڇون، (2) عجيب ڌاڙيل، (3) هئبت ناڪ ڊاڪو، (4) وچتر ڊاڪو، (5) دغاباز دولتمند، (6) خوفناڪ ليڊي، (7) انسانن جي چوري، (8) چورن جي چاچي، (9) خوني بدلو، (10) ٻيٽ جي راڻي، (11) خوني شهزادو، (12) ڊبل ڊاڪو، (13) هوائي جهاز، (14) هينري گورک ڊاڪو، (15) دل جو دوست، (16) ڏکايل راڻي، (17) طوفان محبت، (18) نازنين يورپ، (19) خوني پستول.
ڄيٺمل کيئو مل بڪ سيلر، حيدرآباد جا ڇپرايل جاسوسي ناول:
(1) ڊبـل لاش، (2) خـوني ڀـائٽيـو، (3) معشـوق ڄـار، (4) پستـول باز معشوق، (5) زبردست ڊاڪو، (6) طلسمي تهخانو، (7) ڀاڱا ڪاري جو يڪو (2 ڀاڱا)، (8) خوني ڪتو (2 ڀاڱا).
1947ع کان اڳي ۽ بعد ۾ هندوستان ۽ پاڪستان ۾ لڏ پلاڻ کان پوءِ هندو ڪتب فروشن ۽ ادارن هندوستان مان به جاسوسي ناولن جا سلسلا جاري ڪيا. سنسار ساهتي منڊل لڳ ميٽرو سئنيما بمبئي -1 ’جاسوسي سنسار‘ جي نالي سان ماهوار جاسوسي ناول شايع ڪيا. انهن جو هڪڙو ناول ’درياهي ڊاڪو‘ ۽ ٻيو ’بلئڪ جاسوس‘ پاڪستان ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ 1950ع ۾ شايع ٿيا هئا. ٽيون ناول ’شرلاڪ هومز موت جي ماٿري‘ ۾ هو. اِهي ناول ڊيمي سائيز ڪاغذ تي سنڌي ٽائيپ ۾ ڇاپيا ويا هئا.
سنڌي ادب جي هن صنف جو اوج اڳي هو، هاڻي نه رهيو آهي. گذريل ڏهاڪي ۾ مختلف اديبن ڪجهه قدر طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ جاسوسي ناول ترجما ڪيا ويا آهن، جن ۾ ڊاڪٽر قاضي خادم جا ڪجهه ناول ۽ هڪ ناول ’پاڇي جو پيڇو‘ (ترجمو) آهي.