جامُ: پيئڻ جو ٿانءُ، پيالو. هيءُ فارسي ٻوليءَ جو اصطلاح آهي، جنهن جو مفهوم آهي اهو ٿانءُ جنهن ۾ شربت، خاص ڪري شراب پيئجي. فارسي ۽ اردو شاعريءَ ۽ ان جي اثر ۾ ڪيل سنڌي شاعريءَ ۾ به ساقي، ساغر، مينا سان گڏ ’جام‘ جو گهڻو ذڪر ملي ٿو. شاهه لطيف به اهو لفظ ڪن بيتن ۾ استعمال ڪيو آهي: وحدهُ لاشريڪ لھُ، ايُءُ وهائج ويءُ، کٽين جي هارائين، هَنڌ تنهنجَو هِيءُ، پاڻان چُوندءِ پِيءُ، ڀري جام جنت جو. (يمن ڪلياڻ)