ٻنڌڻ

ٻنڌڻ: ٻار لاءِ ”تنجڻ“ جو ڪپڙو، جنھن کي ”ٻنڌڻ“ چئجي. ڪي قبيلا ٻار تنجڻ وقت رڳو ڪپڙو استعمال ڪن ته ڪي وري ان سان گڏ ڪپڙي جي ٻه آڱر ويڪري پٽي پڻ استعمال ۾ آڻين. اھا پٽي رنگين ڪپڙي جي ٿئي. ۽ ھڪ ڇيڙي ۾ ڪپهه ۽ ڪپڙي مان ننڍڙو ڏڙھو ٺاھي لڳائبو آھي ۽ ان تي موتين، ستارن ۽ لالن جي مڙھت پڻ ڪبي آھي. ڪن تي ٽؤنر پڻ لڳايا ويندا آھن، انھيءَ پٽي کي ”برغ“ چئبو آھي، اھو خاص ڪري سنڌ ۾ بلوچ قبيلن ۾ عام جام استعمال ٿئي. شاهه صاحب ”سر سسئيءَ ۾ فرمايو آھي ته:
” پينگھي منجهه پيام، ٻنڌڻ ٻاروچن جا. “
ٻنڌڻ سادا، رنگين، سوٽي، ريشمي ۽ ڀرت وارا پڻ ٿيندا آھن، اڄ به سنڌ جون عورتون پنھنجن ٻارن کي ڄمڻ کان ڇھن اٺن مھينن تائين ٻنڌڻ سان تنجينديون آھن. ٻنڌڻ کي ”تنجڻ“ پڻ چئبو آھي. (وڌيڪ ڏسو: ’تنجڻ‘. )


لفظ ٻنڌڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو