جامع مسجد ٺٽو: هيءَ مسجد ٺٽي شهر جي مشهور مسجد آهي. هن مسجد جو ڪم مير ابوالبقا امير خان ولد نواب ابوالقاسم نمڪين بکريءَ مغل شاھجھان جي حڪم سان 1054ع ھجري مطابق 1644ع ۾ شروع ڪرايو. ھي مسجد چئن پاسن کان ڍڪيل آھي، وچ وارو حصو کليل آھي. ان جو صحن ڪافي ڪشادو آھي. مسجد جي ايراضي 170x305 فوٽ آھي، جنهن جي اوڀر پاسي کان وچ تي ھڪ وڏو محرابي دروازو ٺھيل آھي. مکيه دروازي جي اتر ۽ ڏکڻ ۾ ٻه ننڍا دروازا آھن. مسجد جو مرڪزي محراب ۽ ان جي سامھون اوڀر پاسي وارو محراب ڏاڍا شاندار آھن. جن تي قرآني آيتن جي خطاطي ٿيل آھي. ھن مسجد تي ان وقت جا نو لک روپيا خرچ آيو هو. الھندي ڀت تي هيٺيون ڪتبو اڪريل آھي، جيڪو مير ابوالبقا جي وقت جو آھي:
ديده چشم فلک مسجدي بدين خوبي
که آ مدند ملايک بر اي ديدن فيض
بجستم از خرد و عقل سال تعمير ش
<بديد کرد اشارات که ’ھست معدن فيض‘
هه/1644ع
اوڀارين حصي واري وچين دروازي جي اندرئين ڪناري تي ٽن پاسن کان ھيٺيون ڪتبو پٿر جي ٽن ٽڪرن تي موجود آھي.
بــادشـاهه زمــانـه شـاهـجهـان
<>جـامـع تـتـه دلــکـشـا پــر داخــت
R>سـال تـعميــر آن دبـيــر خــرد
<’فـرش مـطبـوع و دلـکـشـا‘ پـرداخــت
1068هه/1657ع
هي ڪتبو عبدالله حسيني ڪاتب جو لکيل آهي ۽ ان مان 1068هه/ 1657ع ۾ فرش هڻائڻ جو سال معلوم ٿئي ٿو، جيڪو وزير مير سيد جلال رضوي هڻايو هو.
<> اھو سال شاھجھان جو آخري سال ھو. ان کان پوءِ اورنگزيب کيس قيد ڪيو. مٿيون ڪتبو فرش ٻڌجڻ بابت آھي.
تبارڪ الذي نزل الفرقان... انھ غفور الرحيم.
هن مھاڙيءَ واري ڪتبي جي کاٻي سڄي پاسي زرد پٿر تي ھي ڪتبو آھي:
>چــون ز صـاحـب قـِران شـاهجهـان
يــافت تـرتيـــب مـسـجــد اعـلـيٰ
هـاتـفــم گــفـت سـال اتـمـامــش
’گـشـت زيـبا جـو مسـجـد اقـصـيٰ‘
1057هه
سڄي مسجد پنھنجي تاريخ پاڻ ٻڌائي ٿي. ھينري ڪزنس لکي ٿو ته ھي موڪرن بنيادن واري سرن جي تعمير آھي، جنھن جا بنياد ۽ ونگن جي وچ وارا چوراسا ٺلھه مضبوط پٿر جا آھن. اھا وڏي چوڪنڊي شڪل جي نماز جي جاءِ آھي، جيڪا خاص طور اولھه وارو پاسو والاري ٿي. اتر ڏکڻ ۾ دالان آھن، جيڪي وڏي صحن سان وڃي ملن ٿا. جن جي 164x97 فوٽ ماپ آھي. سڄي جڳھه 170x305 فوٽ آھي. مھاڙي کان سواءِ ٻيو سڄو پاسو چن جي ليپي سان اڇو ٿيل آھي.
هن مسجد جي ٽالپرن جي پهرين چوياريءَ جي دور ۾ مرمت ٿي هئي، مير مائل ٺٽويءَ جي ديوان مان خبر پوي ٿي ته مسجد جي مرمت ٽالپري عھد ۾ مير مراد علي خان 1227ھه/1812ع ۾ ڪرائي. ان بعد انگريزن جي دور ۾ مسجد جي ٻه دفعا مرمت ٿي.
مسجد جو اوڀاريون ڇت وارو حصو امير خاني محلي سان لڳي ٿو. انھيءَ حصي ۾ ڏکڻ توڙي اتر ۾ صحن کليل آھي. ٻنھي صحنن جي ٻاھرين ديوار ۾ ھڪ ھڪ ننڍو دروازو آھي، جيڪو اميرخاني محلي جي گھٽيءَ ۾ کلي ٿو. انھن ٻنھي صحنن جي پاسي ۾ ٽي ٽي ڪمرا آھن، جيڪي شايد ڇوڪرين جي درس لاءِ ھئا. اھو اوڀارئين، سمورو حصو پنھنجي نوعيت، ساخت، ۽ ماحول سبب معلوم ٿئي ٿو ته مسجد جو زنانو حصو ھو. مسجد جي اوڀارئين حصي جي ٻاھرين ديوار سان لڳ پير ڇتي جي مزار آھي. مسجد جي اولھه ۽ ڏکڻ جي ڪنڊ ۾، مسجد کان چار پنج سؤ کن قدمن تي مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جون جايون ھيون.
ھن سڄيءَ مسجد تي ايراني فن عمارت سازيءَ جو گھڻو اثر آھي. مسجد جي اندر ڪاشيءَ جو اعليٰ ڪم ٿيل آھي. ڪيتريون ڊزائينون ٺھيل آھن، جن جو ميلاپ حيرت انگيز آھي. مکيه وڏي گنبذ جي نقش نگار واريون ليڪون ائين ڏسڻ ۾ ٿيون اچن، جيئن اھي ھيٺان بيٺل ماڻھوءَ کي ڏسڻ ۾ اينديون آھن. جھڙي قسم جي ڪم جو جڙاءُ آھي ۽ جھڙي نموني رنگن جو ميل رکيل آھي، ائين ٿو لڳي ڄڻ قبي ۾ ستارا ٽاڪيا ويا آھن. (ڪزنس). اندر ٽي گنبذ اھم آھن. ھونئن ڪل 92 گنبذ آھن. آواز جو سلسلو اھڙو آھي، جو ڪٿي به خطبو ڏيڻ ۾ اچي يا قرآت ڪئي وڃي، ڪنھن لائوڊ اسپيڪر جي ضرورت نه آھي. آواز ھر ھنڌ ھڪ جھڙو پھچيو وڃي.
قيام پاڪستان کان پوءِ مرمت دوران مسجد جي آس پاس وارين پراڻين اڏاوتن کي مسمار ڪري، ان کي ٽن پاسن (اوڀر، اتر، ڏکڻ) سان خوبصورت ڪيو ويو آھي.
1054.00.00 هجري
جامع مسجد ٺٽو: هيءَ مسجد ٺٽي شهر جي مشهور مسجد آهي . هن مسجد جو ڪم مير ابوالبقا امير خان ولد نواب ابوالقاسم نمڪين بکريءَ مغل شاھجھان جي حڪم سان 1054ع ھجري مطابق 1644ع ۾ شروع ڪرايو .
1644.00.00 عيسوي
جامع مسجد ٺٽو: هيءَ مسجد ٺٽي شهر جي مشهور مسجد آهي . هن مسجد جو ڪم مير ابوالبقا امير خان ولد نواب ابوالقاسم نمڪين بکريءَ مغل شاھجھان جي حڪم سان 1054ع ھجري مطابق 1644ع ۾ شروع ڪرايو .