جانٺو: ملھہ جو هڪ داءُ جنهن ۾ مخالف ملھہ جي رانديگر کي ٽنگ جي مُريي ۾ وڪڙ هڻي، کيس زمين تي ڪيرائيندو آهي. ملھہ جا ٻيا داءَ بہ گهڻا آهن پر هيءُ خاص داءُ آهي، جيڪو مخالف کي دَسي، هيٺ ڪِرڻ تي مجبور ڪري وجهندو آهي.