جان بيمس

جان بيمس (Sir John Beames ):سر جان بيمس، 21 جون 1837ع تي انگلنڊ جي شھر گرين وچ ۾ ڄائو. جنوري 1845ع ۾ ’اسٽريٿم‘ نالي هڪ اسڪول ۾ داخل ٿيو. بعد ۾ کيس مرچنٽ ٽيلر اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هن لاطيني، فرانسيسي، يوناني ۽ عبراني ٻوليون سکيون، هن پڙهائيءَ دوران هندستان جي ٻولي سنسڪرت ۾ انعام حاصل ڪيو ۽ تاريخ، جاگرافي ۽ رياضيءَ ۾به مهارت حاصل ڪئي. 1858ع ۾انڊين سروس ۾ شامل ٿيو. ان وقت سندس عمر 21 سال هئي، هو ملازمت جي سلسلي ۾ هندستان جي شھر ڪلڪتي ۾ پهتو، هن ڪلڪتي ۾ هندي ۽ بنگالي ٻولين تي مهارت حاصل ڪئي ۽ اهڙو امتحان بہ پاس ڪيو. امتحان بعد هن جي پهرين مقرري پنجاب جي شھر گجرات ۾ ٿي. هو 1859ع کان 1861ع تائين، اٽڪل 13 ورهيہ پنجاب ۾ رهيو. ان دوران 10 ڊسمبر 1859ع تي سندس شادي ٿي. هن جي مڱ ايلس انگلينڊ مان اچي دهليءَ پهتي، جتي سندن شادي ٿي. 1861ع کان پوءِ بنگال بدلي ڪيو ويو، جتي هيءُ جدا جدا هنڌن تي ڪمشنر ۽ روينيو بورڊ جو ميمبر وغيرہ ٿي رهيو. هڪ اعليٰ سرڪاري منصب تي فائز هوندي بہ جان بيمس روزاني 2 ڪلاڪ سخت پابنديءَ سان ڪتابن پڙهڻ ۽ هندستان جي علمي، ادبي حالتن تي سوچ ويچار ڪرڻ تي صرف ڪندو هو. پاڻ هڪ هنڌ ڄاڻايو اٿس تہ ”مون کي ڏيهي ادب جي تحقيق ۽ مطالعي جو شوق ’مسٽر رابرٽ ڪالڊو ويل‘ جي ڪتاب تقابلي گرامر (Competative Grammar of the Dravidian or South Indian, Family of Languages) جي پڙهڻ کان پوءِ پيدا ٿيو ۽ آريائي ٻولين تي پنھنجي پاران خيال آرائي ڪرڻ جو خيال جاڳيو، جنهن کي پايه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ مان ڪيترن پرديسي عالمن ۽ اديبن سان مليس ۽ انهن کان ان ڪم ۾ مدد وٺڻ لاءِ ڪافي ڪوششون ڪيم، پر انهن ۾ خير ڪي ڪامياب ٿيس. نہ فقط ايترو، پر منهنجي شوق ۽ ذوق کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪنهن منهنجي ٺلهي همت افزائي ڪرڻ جي تڪليف بہ گوارا نہ ڪئي. ان کان پوءِ پنھنجي خواب جي تعبير لاءِ پنهنجو پاڻ تي ڀاڙيم ۽ پختو ارادو ڪري پنھنجي ڪم کي لڳي ويس“.

وڌيڪ ڄاڻائي ٿو تہ شروع ۾ جن ڪتابن کان هن مدد ورتي، تن ۾ ڪيتريون بنيادي ۽ قبيح غلطيون موجود هيون، پر اهي گهڻو ڪري منجهيل ۽ بي ترتيب بہ ڏسڻ ۾ پئي آيا. ان ڪري انهن جي مطالعي کان منهن موڙي ملڪ جي مزدور هارين، نارين ۽ عام ماڻهن سان ملڻ ۽ دور دراز جاين تي وڃي ملاقاتون ڪرڻ لڳو. گويا هيءُ هن جو هڪ ’فيلڊ ورڪ‘ هو، جو جان بيمس عملي طور تي انجام ٿي ڏنو. ان سلسلي ۾ جان بيمس ملڪ جي اتر اولھہ جي ڏورانهن علائقن جو پڻ دورو ڪيو ۽ اتي جي مختلف مقامي ٻولين جو تحقيقي جائزو ورتو ۽ انهن جي باري ۾ ڪافي معلومات حاصل ڪيائين. ان باري ۾ هن ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ۽ سر جارج اسٽئڪ جي لکيل ڪتابن مان پڻ وڏو فائدو ورتو. سنڌي زبان متعلق لکي ٿو تہ اها هن ڪتابن جي ذريعي سکي ۽ ان بابت ٽرمپ جي تحرير ڪيل ڪتابن کي خاص طور تي پنھنجي آڏو رکيائين. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ پنھنجي جڳ مشھور گرامر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لهجن (Dialects) کي ٽن حصن: سري، وچولي ۽ لاڙي ۾ ورهايو آهي، پر هيءُ صاحب ان کان بہ گهڻو اڳتي وڌي، پنھنجي عملي آزمودي ۽ عيني مشاهدن موجب پنھنجي مشھور تصنيف: ’هندستان جي جديد زبانن جو هڪ تقابلي گرامر‘ A Competative Grammar of the Modern Languages of India: Vol-3)) ۾ لکي ٿو تہ سنڌي زبان ۾ اڃا بہ گهڻائي لهجا موجود آهن ۽ سندس خيال موجب سنڌ ۽ پنجاب جي سر زمين تي هر ڏهن ميلن جي پنڌ تي ٻوليءَ جو لهجو ڦري ٿو. ان نڪتئه نگاھہ کان جان بيمس جو اهو مشاهدو ڪيڏو نہ حقيقت تي مبني آهي.

جان بيمس پنھنجي مٿينءَ راءِ جي تائيد ۾ لاڙ جو مثال پيش ڪندي لکي ٿو تہ: لاڙ ۾ ٿر ۽ ڪڇ جو ڀاڱو پڻ اچي وڃي ٿو، پر انهن جي ٻوليءَ جو طريقو ۽ لهجو پنهنجو پنهنجو آهي. ان ڪري سنڌ ۾ ٻوليءَ جي مستقل جي حدبندي ڪرڻ هڪ مشڪل ۽ محال امر آهي. اڳتي هلي هن صاحب پنھنجي مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ سنڌي لفظ ’هتي‘ (There) جا ديوناگري زبان ۾ 13 نمونا پيش ڪيا آهن ۽ اهڙيءَ طرح وري سنڌي لفظ مان (1) جون ٽي صورتون بيان ڪري ٿو ۽ انهن ۾ ڄاڻائي ٿو تہ ’مان‘ جو لفظ اڪثر ’شڪارپور‘ ۽ سري واري ڀاڱي ۾ مروج آهي‘. جان بيمس پنھنجي ڄاڻايل ڪتاب ۾ سنڌي زبان بابت لکي ٿو تہ: ”هن ۾ گويا ڪيترائي جهنگلي گل موجود آهن، جن جي فطرتي سونهن ۽ دلڪش راحت جيڪا مون ڏٺي ۽ محسوس ڪئي آهي، سا هندستان جي اوڀرندي طرف وارين ٻولين ۾ بنھہ ڏسڻ ۾ نہ ٿي اچي!“

جان بيمس جو مٿي ڄاڻايل ڪتاب ٽن جلدن ۾ آهي، جن مان پهريون جلد 1872ع ۾ لنڊن مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو ۽ ان ۾ سنڌي، پنجابي، هندي، گجراتي، اڙيا، مرهٽي ۽ بينگالي زبانن بابت عالماڻو ذڪر ۽ بحث مباحثو ڪيو ويو آهي، هندستان جي مذهب ۽ فلسفي تي پڻ دل کولي روشني وڌل آهي. هن ڪتاب جو ٻيو جلد ’گرامر‘ تي مشتمل آهي ۽ اهو 1875ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو. هن ۾ اسم، ضمير، صفت، حرف علت، جنس، عدد، حالت ۽ صحيح تلفظ وغيرہ تي محققاڻو بحث ڪيل هو ۽ ڪن جاين تي وڌيڪ صفائي ۽ وضاحت پيش ڪرڻ لاءِ. فارسي، ديوناگري ۽ انگريزي لفظن کان بہ مدد ورتل هئي. هن وقت هي ٻئي ڪتاب اڻلڀ آهن.

جان بيمس هڪ ٻيوڪتاب 1867ع ۾ هندستان جي فلسفي بابت ’Out Lines of Indian Pholosophy‘ پڻ لکيو هو ۽ ’مسٽر ايڇ. ايليٽ‘ (Mr. H. Elliot) جي هڪ ڪتاب ’Supplement Glossary of Indians) کي پڻ ترتيب ڏنو هئائين. هن صاحب جا ’جرنل آف رايل ايشياٽڪ سوسائٽي، بينگال‘ ۽ ’امپيريل ايشياٽڪ رويو‘ ۾ پڻ وقت بوقت علمي، ادبي ۽ معلوماتي مضمون ڇپبا رهندا هئا. جان بيمس پنھنجي زندگيءَ جو احوال ’Memories of a Bengal Civillization‘ (1891ع) ۾ لکيو آهي. هن جا ٻئي مکيہ ڪتاب اردوءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن، جڏهن تہ سندس ڪتاب ’Out Line of Indian Philology‘ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ، آگسٽ 1994ع ۾ ’هندستاني زبانن جو جائزو‘ نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو هو. هيءَ ترجمو ڊاڪٽر نواز علي شوق ڪيو هو، جنهن جي ٻن لفظن ۾ ڊاڪٽر فھميدہ حسين لکيو آهي تہ ”جان بيمس جي هڪ ڪتاب ’آئوٽ لائين آف انڊين فلالاجي‘ جو ترجمو توهان جي هٿن ۾ آهي، جنهن ۾ هن لسانيات جي عام شاگردن لاءِ هندستان جي ٻولين جي حوالي سان پنهنجو اڀياس پيش ڪيو آهي. (ص: 3)“. جان بيمس کي اٺ ٻار ٿيا. هن جا پٽ جيئن ئي پڙهڻ لائق ٿيا تہ هن کين انگلينڊ موڪلي ڏنو. ملازمت جي آخري سالن ۾ هن فيصلو ڪيو تہ سندس ڪٽنب انگلينڊ وڃي. 1890ع کان 1893ع تائين هندستان ۾ ٽي سال هو اڪيلائيءَ جو عذاب ڀوڳيندو رهيو. جان بيمس 1893ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ٿي انگلينڊ پهتو، جتي هن پنھنجي زندگيءَ جا آخري ڏينهن سمر سيٽ ۽ ڪليودن شھر ۾ گذاريا ۽ 1902ع ڌاري 65 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين.





لفظ جان بيمسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1837.06.21  عيسوي

جان بيمس ( Sir John Beames ) : سر جان بيمس ، 21 جون 1837ع تي انگلنڊ جي شهر گرين وچ ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امام الدين مجددي
شيخ ثناءُ ﷲ
عبدالقادر انڍڙ
عبدالجبار وڪيل
عبدالله خان ڪلهوڙو فقير
رابرٽ ايڇ گوڊارڊ
شبنم اداڪارہ
ابوالفتح ٺٽوي
اندو شاهاڻي
ڦلو مل ميگهواڙ ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون