جاگيراڻي، سرتاج

جاگيراڻي، سرتاج

جاگيراڻي سرتاج

جاگيراڻي، سرتاج: سنڌ جي نوجوان شاعر سرتاج جاگيراڻيءَ جو جنم 15 نومبر 1966ع تي محمد نواز جاگيراڻيءَ جي گهر ۾، ڳوٺ گل محمد جاگيراڻي، لڳ ميان شاهل محمد، تعلقي قمبر ۾ ٿيو. مئٽرڪ 1984ع ۾ گورنمينٽ ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان، انٽر 1986ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۽ گريجوئيشن شاھہ لطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس سان خانگي طرح ڪيائين.
سرتاج جي شاعريءَ ۾ سادگي، نفاست ۽ حساسيت جو خوبصورت امتزاج ملي ٿو. فني ۽ فڪري طرح پختي آهي، جنهن ۾ پيار جي ذڪر سان گڏ سماج جي فرسودہ روايتن جي نندا شامل آهي. سندس شاعريءَ جا ٽي ڪتاب: (1) ’سپني ۾ سنسار‘ (2001ع)، (2) ’اکين جي شھر ۾‘ (2010ع) ۽ (3) ’درد جو هجوم‘ (2013ع) ڇپجي چڪا آهن.
سرتاج جاگيراڻي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچيءَ جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جو ڪائونسلر بہ رهي چڪو آهي. عملي زندگيءَ ۾ هي سنڌ پوليس ۾ سب انسپيڪٽر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.11.15  عيسوي

سنڌ جي نوجوان شاعر سرتاج جاگيراڻيءَ جو جنم 15 نومبر 1966ع تي محمد نواز جاگيراڻيءَ جي گهر ۾، ڳوٺ گل محمد جاگيراڻي، لڳ ميان شاهل محمد، تعلقي قمبر ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الطاف ملڪاڻي
اورنگزيب ڀٽي
اميد علي ڪلهوڙو
چغدو حاجي شير محمد ’شيرل‘
اڪرم بخارائي
ٽيڪچند بھار
امر ساهڙ
اسحاق راهي
غزنوي حڪيم سنائي
انورشاھہ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون