جتوئي محمد يعقوب ڪامريڊ

جتوئي، محمد يعقوب، ڪامريڊ: صحافي، هاري اڳواڻ، مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو صحبتي ڪامريڊ محمد يعقوب جتوئي 1920ع ڌاري، شاھہ ٻيلي تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو. اخواني برهماڻي جتوئي خاندان سان تعلق هئس. پرائمري تعليم سنڌ جي مشھور درگاھہ ٿريچاڻي شريف ۾ حاصل ڪيائين. عربي ۽ فارسي درگاھہ تي مولانا عبدالڪريم بروهيءَ وٽ پڙهيو، جيڪو مشھور شاعر جوهر بروهيءَ جو والد هو ۽ ٿريچاڻي مدرسي ۾ مدرس طور مقرر هو. 1955ع ۾ نوابشاھہ منتقل ٿيو، جتي ٿريچاڻي جي خليفي عبدالعزيز جي سئوٽ شيخ محمد عثمان جي ڪپڙي جو دڪان هو. شيخ محمد عثمان جي مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان گهڻي حجت هئي. اتي مولوي محمد يعقوب ملازمت اختيار ڪئي. 1960ع ۾ مولوي محمد يعقوب وري پنھنجي ڪپڙي جو دڪان مني بازار ۾ کوليو. سندس گهر قاضي فيض محمد جي گهر جي ڀرسان غريب آباد، نوابشاھہ ۾ هو. مولوي محمد يعقوب جي گهر سنڌ دوست ۽ ڪامريڊ ساٿين جي سرگرمين جو مرڪز هوندو هو ۽ اڪثر شھيد نذير عباسي، جمال نقوي، حسن ناصر نازش ۽ ٻيا روپوشيءَ دوران سندس جاءِ تي اچي رهندا هئا، مولوي صاحب سندن خوب خدمت ڪندو هو. سندس سياسي وابستگي هاري ڪاميٽي، نعپ ۽ پي. اين. پي سان رهي. مولوي محمد صادق عاجز، مولوي معاذ، محمد عمر جوڻو، رسول بخش جمالي، سيد رشيد احمد شاھہ، شھمير ڀنگوار، قاضي عبدالخالق، قاضي فيض محمد ۽ ٻيا سندس دل گهريا دوست رهيا.
اخبار ’صبح صادق‘ جي آفيس سندس اوطاق ۾ هئي، پاڻ مولوي صالح عاجز جو ساٿي هو ۽ اخبار جو اسسٽنٽ ايڊيٽر هو. مولوي محمد صالح عاجز جي وفات بعد ’صبح صادق‘ اخبار بند ٿي وئي، کيس نوابشاھہ جي صحافتي طبقن ۾ انتهائي احترام ۽ قدر جي نظر مان ڏٺو ويندو هو. مولوي محمد يعقوب جا مضمون ’الصادق‘ ۽ ’شريعت‘ رسالن ۾ باقاعدگيءَ سان ڇپجندا رهندا هئا. ڪامريڊ مولوي محمد يعقوب 1985ع ۾ نوابشاھہ کي ڇڏي سانگي تعلقہ پني عاقل ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي، جتي سيڌي سامان جو دڪان کوليائين ۽ ڪچي ۾ زمينن جي سنڀال شروع ڪيائين. 30 ڊسمبر 1988ع تي وفات ڪيائين. سندس خدمتن جو تذڪرو نوابشاھہ جا پراڻا دوست اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪندا رهندا آهن. کيس ٻن پٽن ۽ هڪ ڌيءُ جي اولاد آهي. ڪامريڊ محمد يعقوب جي خاندان ۾ سندس ڀائيٽين صفي مرحوم، نظام جتوئي، جيڪو نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ۾ ملازمت دوران مصر ۾ پورٽ سعيد وٽ واقع سوئيز ڪئنال ۾ ڪري فوت ٿيو جو پڻ قومي تحريڪ ۾ يادگار ڪردار ادا رهيو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1920.00.00  عيسوي

محمد يعقوب جتوئي 1920ع ڌاري ، شاهه ٻيلي تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مظهر ابڙو
ديوان پرڀداس آڏواڻي
سليمان خان لنڊ
جين فرانڪوئس جيرج
صالح بيگ مرزا ترخان اول
خواجہ خطير
صدرالدين شاھہ مولانا
استاد سينڌو خان
امر ڀٽي
سيد وڏل شاھہ بخاري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون