جعفر صادق عليہ السلام امام

جعفر صادق عليہ السلام، امام: حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام 17 ربيع الاول 83 ھہ/ 20 اپريل 702ع ۾ مديني منور ۾ پيدا ٿيو. سندس والد حضرت محمد باقر عليہ السلام هو. امام جعفر صادق عليہ السلام جي 15 سالن تائين سندن ڏاڏي حضرت امام زين العابدين عليہ السلام تربيت ڪئي ۽ 19 سالن تائين پنھنجي والد امام محمد باقر عليہ السلام جي تربيت هيٺ رهيو. سندس والدہ ’بيبي ام فروه‘ قاسم بن محمد بن ابي بڪر رضہ جي نياڻي هئي. امام جعفر عه کي ڇهون امام تسليم ڪيو ويندو آهي، کيس ننڍپڻ کان ئي علم ۽ فضل، حديث نبوي ۽ آيات قرآنيءَ جي تفسير ۽ تشريح سان گهري دلچسپي هئي. اهو ظالم دؤر اموي گهراڻي جو هو. امام جعفر صادق عليہ السلام 37 سالن جي عمر ۾ پنھنجي والد امام محمد باقر عليہ السلام جي سايي کان محروم ٿي ويو. والد جي رحلت کانپوءِ پاڻ امامت جي مسند تي ويٺو انصاف پسند اسلامي دانشمندن ۽ سيرت نگارن ۾ ڪو بہ اهڙو نہ آهي، جنهن سندس علم، فضل ۽ زهد ۽ تقويٰ کان انڪار ڪيو هجي. سندس سيرت ۽ زندگي اسلام شناسيءَ جو درس ۽ سندس اخلاق ۽ ڪردار توحيد ۽ خدا شناسي جو سبق آهي. ڪڏهن بہ ڪنهن اهڙي نيڪيءَ جو حڪم نہ ڏنائون، جنهن کي پهرين پاڻ نہ ڪئي هجين، اڪثر فرمائيندو هو ”کونوا دعاة الناس بغير السنتکم“ (ماڻهن کي زباني خير ۽ نيڪيءَ جي دعوت نہ ڏيو. يعني پهريان پاڻ عمل ڪريو.) امام جعفر صادق عليہ السلام سخاوت ۽ ايثار ۾ حضرت امير المومنين علي ابن ابي طالب عليہ السلام واريون صفتون رکندو هو ۽ عفو، در گذر، عظمت ۽ بزرگيءَ ۾ بيمثال هو اڪثر فرمائيندو هو تہ ”صدقي ڏيڻ سان مال ۾ هرگز نقصان نٿو ٿئي ۽ انتقام وٺڻ ۾ ڪا وڏائي نہ آهي. عفو ۽ درگذر سان ماڻهوءَ جي عزت ۽ سربلنديءَ ۾ اضافو ٿيندو آهي“. حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام جي علم ۽ دانش ۽ هدايتن ۽ ارشادن مان سوين عالمن فائدو حاصل ڪيو. سندس لقب ’صادق آل محمد‘ عليہ السلام هو. مصر جي قاهره يونيورسٽيءَ ۾ ادبيات شعبي جو پروفيسر اسد حيدر عراقي پنھنجي تصنيف ’الامام الصادق و المذاهب الاربعه‘ ۾ لکي ٿو تہ: ”نبوت جي نسل مان پاڪ ۽ پاڪيزہ ۽ با ڪرامت هستي صادق آل محمد حضرت امام جعفر صادق عليہ الصلواة و السلام منهنجو عقيدو آهي تہ ترقي پسند رهبرن مان هو ۽ اسلامي علمن جو موجد ۽ ذميدار مفڪر هو. انهيءَ ڪري هميشہ مسلمان دانشمندن جي ڌيان جو مرڪز رهيو آهي ۽ رهندو“.
حضرت امام مالڪ بن انس لکيو آهي تہ: ”آءٌ جڏهن بہ امام جعفر صادق عليہ السلام وٽ ويندو هئس، تڏهن مون کين نماز، روزي ۽ تلاوت ڪلام پاڪ ۾ مصروف ڏٺو. مون علم و دانش ۽ عبادت رياضت ۾ ڪنهن کي بہ امام جعفر صادق عليہ السلام کان بهتر ناهي ڏٺو.“ معروف ليکڪ ابن العوجا لکيو آهي تہ: ”جيڪڏهن روءِ زمين تي ڪو روحاني فرد موجود آهي، جيڪو بشر جي صورت ۾ جلوہ گر ٿيو آهي تہ اهو حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام آهي.“
حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام مديني منوره ۾ هڪ تعليمي اداري جو بنياد رکيو، جيڪو وقت جي وڏي درسگاھہ هو. حافظ ابوالعباس ابن عقده لکيو آهي تہ انهيءَ درسگاھہ (يونيورسٽي) مان حديثن جي 4000 راوين ۽ فقيهن امام جي شاگرديءَ جو شرف حاصل ڪيو. سندس مشھور شاگردن ۾: محمد بن مسلم، جابر بن يزيد جعفي، زراره بن اعين، حمران بن شيباني، مفضل بن عمر جعفي، ابان بن تغلب، ابان بن عثمان، بريد العجلي، جميل بن دراج، جميل بن صالح، حماد بن عثمان ۽ حبيب بن ثابت ڪاهلي سر فهرست آهن. حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام جي طالب علمن ۾ ڪجهہ سنڌي طالب علمن جا بہ نالا ملن ٿا، جن جو ذڪر ابو جعفر طوسي عليہ رحمه پنھنجي تصنيف ’الفهرست‘ ۾ ڪيو آهي. ابو جعفر طوسي لکي ٿو تہ: ”فرج سنڌي، ابان بن محمد سنڌي، خلاد سنڌي، بزار سنڌي، خزرج طلحه بن زيد سنڌي ۽ صباح بن نصر سنڌي حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام جي قابل فخر شاگردن ۾ شمار ٿيندا هئا.“ انهن کانسواءِ ابو معشر سنڌي کي بہ امام جعفر صادق جي شاگردن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. ابو معشر سنڌي سنڌ جو اهو پهريون شخص آهي، جيڪو پهريون مسلمان سائنسدان ٿي گذريو آهي. ابو معشر جو پٽ ابو عبدالملڪ محمد بن ابي معشر پڻ علم حديث ۾ وڏي پايي جو عالم هو. امام جعفر صادق عليہ السلام ڏهن اموي ۽ ٻن عباسي بادشاهن جو زمانو ڏٺو. سندس شهادت منصور عباسيءَ جي دؤر ۾ ٿي. منصور عباسي 22 سال حڪومت ڪئي، پر اهو دؤر اسلام لاءِ انتهائي بدترين دؤر هو. منصور عباسي آخرڪار امام جعفر صادق عليہ السلام کي نظربند ڪرائي زهر ڏيارائي 25 شوال 148ھہ/14 ڊسمبر 765ع ۾ شھيد ڪرائي ڇڏيو. بني امين ۽ بني عباسين آل محمد صلي عليہ وسلم جن جي فردن کي بيگناھہ شھيد ڪرايو، حضرت امام جعفر جي مزار جنت البقيع ۾ آهي. 17 ربيع الاول تي امام جعفر جي ڏهاڙي تي محفل ميلاد ڪئي ويندي آهي ۽ 22 رجب المرجب تي وڏي پيماني تي ڪونڊن جو نياز ٿيندو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0702.04.20  عيسوي

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام 17 ربيع الاول 83 هه/ 20 اپريل 702ع ۾ مديني منور ۾ پيدا ٿيو .


0765.12.14  عيسوي

منصور عباسي آخرڪار امام جعفر صادق عليه السلام کي نظربند ڪرائي زهر ڏيارائي 25 شوال 148هه/14 ڊسمبر 765ع ۾ شهيد ڪرائي ڇڏيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيٺ رگهوناٿ پنڊت بانسري نواز
عبدالستار سمو
پونجو سيٺ
اوستو سچيڏنو
امداد ڪانھيو
چاڪر خان جسڪاڻي
قادر بخش ڀٽي مولانا
شھباز دراني
چيٽو مل
چولياڻي روپلو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون