جلالاڻي نصير محمد فقير صوفي

جلالاڻي نصير محمد فقير صوفي

جلالاڻي نصير محمد فقير صوفي

جلالاڻي، نصير محمد فقير صوفي: صوفي نصير فقير جلالاڻي 1258ھہ/ 1842ع ڌاري پيدا ٿيو. هڪ روايت آهي تہ هڪڙي ڀيري صوفي صادق شاھہ تجل شريف ويندي واٽ تي جلالاڻين ۾ اچي ٻپهرو ڪيو. پاڻ اتي فرمايائين تہ ”اسان کي هتي گدري جي خوشبو اچي ٿي، هتي هڪڙو ڪامل مرد خدا پيدا ٿيندو جيڪو ولي هوندو“. ڪجهہ وقت کان پوءِ صوفي نصير محمد جي ولادت ٿي. هيءُ ننڍپڻ کان وٺي فقيري طبيعت جو مالڪ هو. بعد ۾ جهوڪ شريف جي مشھور صوفي عبدالستار اول جو طالب ٿيو. هن 118 ورهين جي ڄمار ۾ 27 جمادي الثاني 1380ھہ/ 17 ڊسمبر 1960ع تي وفات ڪئي. صوفي نصير فقير جلالاڻي بابت مشھور تذڪري نگار پير علي محمد راشديءَ پنھنجي مشھور تصنيف ’اهي ڏينهن، اهي شينهن‘ ۾ لکيو آهي تہ: ”چهرو مبارڪ ڏسندي ئي ائين محسوس ٿيندو هو گويا اهڙو چهرو نور جي ڪنهن بنيادي مرڪز جو آئينہ دار آهي. ورنه خاڪي انسان جي چهري ۾ اها تجلي اچي ڪا نہ ٿي سگهي“.
صوفي نصير محمد فقير جا عيني قول مشھور آهن، جن مان ڪجهہ هيٺ ڏجن ٿا:
1- فقير اهو آهي، جنهن کي ڏٺي رب ياد پوي.
2- فقير وٽ وڃڻ راحت ۽ دنيادار ماڻهوءَ وٽ وڃڻ ذلت آهي.
3- جنهن دل کي دوست ياد آهي، سا دل آباد آهي.
4- درد دل جو سينگار آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1842.00.00  عيسوي

صوفي نصير فقير جلالاڻي 1258هه/ 1842ع ڌاري پيدا ٿيو .


1960.12.17  عيسوي

، نصير محمد فقير 118 ورهين جي ڄمار ۾ 27 جمادي الثاني 1380هه/ 17 ڊسمبر 1960ع تي وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي غلام حسين ميمڻ
شيخ خضر سيوستاني
ولي سروري
سيد محمد مڪي رحه
دارا شاھہ 1
راڻو روپاڙسنگهہ
غلام محمد ملڪاڻي مولانا
امير بخش ڪلهوڙو
پير حسن ڪبير الدين رح
سيد عالم شاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون