
جلال محمود شاهه
جلال محمود شاھہ سيد: ناميارو سياسي اڳواڻ، سيد جلال محمود شاھہ سنڌ جي قومي اڳواڻ، مدبر ۽ مفڪر سائين جي. ايم. سيد جو پوٽو، نامياري سياستدان سيد امداد محمد شاھہ جو فرزند آهي. هن 14 سيپٽمبر 1964ع تي سن ۾ جنم ورتو. پرائمري جا پنج درجا ۽ سيڪنڊري جو ڇهون ڪلاس سن مان پاس ڪري، ستين ڪلاس کان انٽر تائين ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري ۾ پڙهيو. 1986ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج نوابشاھہ مان بي. اي ڪيائين.
جلال محمود شاھہ ننڍي هوندي کان ئي پنھنجي ڏاڏي سائين جي ايم سيد جي صحبت ۾ رهيو. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري ۾ پڙهڻ دوران وئڪيشن جو سمورو وقت ڏاڏي جي صحبت ۾ يا ڪتابن جي مطالعي ۾ گذاريندو هو. جلال محمود شاھہ پنھنجي ڏاڏي ۽ پيءُ وانگر ننڍي هوندي کان ئي سماجي ڪمن ۾ اڳڀرو رهيو. اڳتي هلي هن والد جي نقش قدم تي هلندي سماجي ڪمن سان گڏ سياست ۾ بہ عملي طور حصو ورتو.
1983ع جي ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران شاگرد جي حيثيت ۾ ڪيترن احتجاجي مظاهرن ۾ حصو ورتائين. 1985ع ۾ نوابشاھہ ۾ هم خيال دوستن سان گڏ ’ينگ پروگريسوِ ٿنڪرس فورم‘ قائم ڪري، ان جو سربراھہ ٿيو. 1986ع ۾ والد جي هدايتن هيٺ سن وڃي رهيو ۽ سائين جي. ايم. سيد جو زمينداريءَ ۽ گهرو معاملن ۾ مددگار ٿي رهيو.
1996ع ۾ ينگ پروگريسوِ ٿنڪرس فورم ’سنڌ ٿنڪرس فورم‘ ۾ تبديل ٿيو ۽ جلال محمود شاھہ ان جو پهريون صدر ٿيو. هن فورم ۾ سيد منير شاھہ ذاڪري، آصف بالادي ۽ ٻيا نوجوان ساڻس گڏ هئا. هن فورم تان ڪيترا ادبي پروگرام ڪرايا ويا. ستار رند ۽ ٻين نوجوانن جا ڪجهہ ڪتاب بہ ڇپرايا ويا.
سيد جلال محمود شاھہ 1997ع جي عام چونڊن ۾ آزاد اميدوار طور سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. هو 22 فيبروري 1997ع تي سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو، جڏهن تہ 30 آڪٽوبر 1998ع کان 12 آڪٽوبر 1999ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر بہ رهيو. 1998ع ۾ جڏهن مرڪزي حڪومت سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر جا اختيار معطل ڪيا ۽ هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي ميمبرن جو اجلاس گهرايو تہ سيد جلال محمود شاھہ ان معاملي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو، جنهن سندس اختيار بحال ڪيا.
جنرل (ر) پرويز مشرف جي دور دوران 2001ع وارين بلدياتي چونڊن ۾ سيد جلال محمود شاھہ تعلقي ڪوٽڙيءَ جي آمري، سن، لاکا، مانجهند ۽ منظورآباد يونين ڪائونسلن ۾ پنهنجا ميمبر ۽ ناظم اميدوار طور بيهاريا. ٽن يونين ڪائونسلن آمري، سن ۽ لاکا ۾ سندس ميمبرن ۽ ناظمن ڪاميابي حاصل ڪئي. تعلقي ڪوٽڙيءَ جو ناظم خدا بخش جويي کي چونڊرايائين، جيڪو مشھور ٽي. وي پروڊيوسر ۽ پي. ٽي. ويءَ جي اڳوڻي جنرل مئنيجر عبدالڪريم بلوچ کي هارائي ڪامياب ٿيو. ٻي بلدياتي چونڊ (2005ع) ۾ سيد جلال محمود شاھہ جا وڌيڪ ڪائونسلر ڪامياب ٿيا ۽ ڇھن يونين ڪائونسلن- آمري، سن، لڪي، مانجهند، منظور آباد ۽ لاکا ۾ سندس ناظم چونڊجي آيا. پاڻ ضلعي ناظميءَ جي چونڊ بہ وڙهيو، پر ڪامياب نہ ٿي سگهيو.
سيد جلال محمود شاھہ اسيمبلي ميمبر هجڻ دوران توڙي بلدياتي نظام ۾ پنھنجي اباڻي علائقي تعلقي ڪوٽڙي ۽ نوابشاھہ ضلعي ۾ پنھنجي والد جي سرپرستيءَ ۽ پوئلڳيءَ ۾ ڪيترائي روڊ رستا، اسڪول، اسپتالون ۽ واٽر سپلاءِ جون اسڪيمون منظور ڪرايون. خاص ڪري ڳوٺ وڏن گائنچن ۾ ڊرينيج سسٽم ۽ واٽر سپلاءِ اسڪيم، آمري شھر ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم ۽ شاھہ اويس قرنيءَ جي ڀرپاسي جي 10 ڳوٺن ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيمون منظور ڪرائڻ سندس اهم خدمتن ۾ شامل آهن. جلال محمود شاھہ سن، آمري، مانجهند ۽ ٻين شهرن جون گهٽيون پڪيون ڪرايون ۽ ڪيترن ئي اسڪولن جي عمارتن جي منظوري ورتائين. هن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کان ٻاهر جي سياستدانن تي مشتمل سنڌ ڊيموڪريٽڪ الائنس (S.D.A) قائم ڪري، ان جي پليٽ فارم تان پڻ سياست ڪئي. 9 ڊسمبر 2007ع تي هن ڄام شوري ۾ هڪ وڏو ڪنويشن ڪوٺائي ’سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي‘ جو بنياد وڌو، جنهن جو کيس صدر چونڊيو ويو. هو اڃا تائين ان پارٽيءَ جي صدر طور ڪم ڪري رهيو آهي. سندس پارٽيءَ جي پروگرام ۾ سماجي انصاف سان گڏ خوشحال ۽ خودمختيار سنڌ وارو مقصد شامل آهي.
هن سن شھر ۾ سماجي براين ۽ منشيات جي پاڙ پَٽڻ لاءِ ڪافي اثرائتا قدم کنيا آهن. سن ۾ سائين جي. ايم. سيد جي درگاھہ جي وسعت سان گڏ ڀرپاسي جا رستا ٺهرائڻ ۽ وڻ پوکائڻ سميت ڪيترائي تعميري ڪم ڪيا اٿائين.
سيد جلال محمود شاھہ ’شاھہ صدر ايجوڪيشنل سوسائٽيءَ‘ جو چيئرمئن، جي. ايم. سيد فائونڊيشن جو سرپرست ۽ امداد فائونڊيشن جو ميمبر رهيو آهي. هن جي. ايم. سيد فائونڊيشن پاران پنھنجي ڏاڏي سائين جي. ايم. سيد جا ڪيترائي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتاب شايع ڪرايا آهن. سندس علمي، ادبي، سماجي ۽ ثقافتي خدمتن بابت ڪيترائي سيمينار ۽ ڪانفرنسون ڪوٺائي، انهن ۾ پڙهيل مقالن کي ڪتابي صورت ڏياري آهي. هن سائين جي. ايم. سيد جي جڳ مشھور لائبرريءَ کي ڄام شوري ۾ پنھنجي رهائش ’جي. ايم. سيد ايڊيفڪس‘ ۾ منتقل ڪرايو آهي، جتي تحقيق ڪندڙن کي رهائش ۽ کاڌي وغيرہ جي سهولت مهيا ڪئي ويندي آهي. هن سنڌ جي پاڻيءَ، قومي پيداواري وسيلن ۽ ٻين ڪيترن ئي اهم مسئلن تي ڪانفرنسون ڪوٺرايون آهن. هن جا سنڌ، بلوچستان، خيبر پختونخوا ۽ سرائڪي علائقي جي اهم سياستدانن سان سياسي ۽ خانداني لاڳاپا آهن. پنھنجي ڏاڏي ۽ پيءُ واري مهمان نوازي، سماجي خدمت ۽ سياسي عبادت واري ڪم کي جاري رکيو پيو اچي.
1964.09.14 عيسوي
جلال محمود شاهه سيد: ناميارو سياسي اڳواڻ ، سيد جلال محمود شاهه سنڌ جي قومي اڳواڻ ، مدبر ۽ مفڪر سائين جي . ايم . سيد جو پوٽو ، نامياري سياستدان سيد امداد محمد شاهه جو فرزند آهي . هن 14 سيپٽمبر 1964ع تي سن ۾ جنم ورتو
1997.00.00 عيسوي
سيد جلال محمود شاهه 1997ع جي عام چونڊن ۾ آزاد اميدوار طور سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو
1997.02.22 عيسوي
هو 22 فيبروري 1997ع تي سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو
1998.10.30 عيسوي
جڏهن ته 30 آڪٽوبر 1998ع کان 12 آڪٽوبر 1999ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر به رهيو
1998.00.00 عيسوي
1998ع ۾ جڏهن مرڪزي حڪومت سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر جا اختيار معطل ڪيا ۽ هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي ميمبرن جو اجلاس گهرايو ته سيد جلال محمود شاهه ان معاملي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو