جلوه گاهه امامين

جلوه گاهه امامين

جلوه گاهه امامين

جلوه گاهه امامين: جلوه گاهه امامين جي مقدس جاءِ ٺٽي شهر ۾ مڪلي تي واقع آهي. سنڌ جي مستند تاريخ مڪلي نامه ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي ۽ تحفة الطاهرين ۾ شيخ محمد اعظم ٺٽوي جلوه گاهه امامين بابت لکن ٿا ته: ”جلوه گاه امامين تمام مقدس ۽ بابرڪت هنڌ آهي، جنهن هنڌ جلوه گاهه امامين آهي. شروعات ۾ بلڪل صاف ميدان هو، سڀ کان پهرين هڪ ٻڪرار انهيءَ سرزمين جي اسـرار کي دريـافـت ڪـيـو. روايت آهي ته اهو ٻڪرار روزانو مڪليءَ تي ٻڪريون چـاريـنـدو هـو. ٻـڪـريـون چرندي چرندي جڏهن انهيءَ هنڌ پهچـنـديــون هيون ته نهايت خاموشيءَ ۾ هڪ غير معمولي حالت سان انهيءَ کان پاسو ڪري اڳتي وڌي وينديون هيون. ٻڪرار روزانو اهو تماشو ڏسندو رهيو، پر خبر نه ٿي پيس ته سبب ڪهڙو آهي. هڪ ڏينهن انهيءَ جاءِ تي ٻڪرار هڪ ولي ۽ بزرگ کي نهايت ادب ۽ احترام سان دعا گهرندي ڏٺو. ٻڪرار اڳتي وڌي انهيءَ بزرگ کان حقيقت حال پڇي ۽ پنهنجي ٻڪرين جو سڄو قصو پڻ ٻڌايائينس. بزرگ هن کي چيو ته: هي جاءِ الله جي پاڪ ۽ برگزيده هستين جي آهي، ملڪ ۽ ملڪوت جو عالم به انهن جي حڪم جا تابع ۽ اطاعت ڪندڙ آهن.

اهو واقعو ڄام نظام الدين جي دؤر (866هه/1461ع -914هه/1508ع) کان اڳ جو چيو وڃي ٿو. ڄام نظام الدين جي دؤر ۾ مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد (مخدوم اسحاق ڀٽي هالائي جا پٽ) هڪ دفعي زيارت لاءِ آيا ۽ مختلف زيارتون ڪندا جڏهن انهيءَ جاءِ تي پهتا ته نهايت ئي ادب ۽ احترام سان پيرين اگهاڙا خشوع ۽ خضوع سان دعائون گهرڻ لڳا. ماڻهن هنن کان پڇيو ته خالي پٽ مٿان دعائون ڇو ۽ ايڏو ادب ڇا جي ڪري؟ جنهن تي پاڻ چيائون ته: هي اها جاءِ آهي، جنهنجو رتبو عرش کان به افضل آهي. انهن ٻنهي بزرگن اها ڳالهه ظاهر ۽ مشهور ڪئي ته انهيءَ مقدس سرزمين تي جلوه جمال جهان آرائي حضرت امامين ڪريمين ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جنهن کانپوءِ هر ڪو انهيءَ مقدس سرزمين جو احترام ڪرڻ لڳو ۽ هر خاص و عام جي لاءِ هڪ مقدس زيارتگاهه بنجي پئي. مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد جي زماني ۾ هن جو مرتبو ۽ شرف مشهور ٿيو، پر هن زمين جي حد بندي سڀ کان پهرين ميان ملوڪ شاهه نالي هڪ بزرگ ڪئي، روايت آهي ته هڪ ڏينهن حقيقت ۽ معرفت جو صاحب ميان ملوڪ شاهه هن سرزمين جي واٽ کان اچي لنگهيو ۽ اتي ٻن عظيم ۽ مقدس نورن جي نور جي تجلي ڏسي هڪدم ادب وچان سجدي ۾ ڪري پيو، جنهن سبب سندس چهرو نوراني ٿي پيو. ان ڪري ميان ملوڪ شاهه ان سرزمين چؤڌاري ڀتيون کڻائي حد بندي ڪري ڇڏي.

جڏهن نواب سيف الله خان ٺٽي جو نواب ٿي آيو، تڏهن هن نواب پنهنجي دور ۾ ميان ملوڪ شاهه جي تعميرات (جيڪا زبون حالت ۾ هئي) ڊهرائي، 1140 هه/ 1727ع ۾ پڪي پختي اڏاوت ڪرائي. جنهن کانپوءِ مختلف دؤرن ۾ مختلف مخير ماڻهن هن مقدس زمين تي جدا جدا اڏاوتون ڪري پنهنجا پنهنجا نشان ڇڏيا.

انهيءَ مقدس عمارت جي ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جي پٽ خداداد خان ۽ ٽالپرن پڻ مرمت ڪرائي ۽ انهن کانپوءِ هر دؤر ۾ مرمت ٿيندي آئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ تائين اها عمارت سالم ۽ سلامت آهي. جلوه گاهه امامين جي احاطي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اتر کان اوڀرائينءَ ڪنڊ ۾ هڪ ننڍو ڪاٺ جو دروازو آهي، اهو دروازو نواب سيف الله جو لڳرايل آهي. انهيءَ دروازي جي مٿان هيٺيون ڪتبو پٿر جي ننڍيءَ تختيءَ تي اڪريل آهي:

ان الله وملائڪته يصلون علي النبي

يا ايها الذين آمنو صلو عليه وسلموا تسليما.

1140هه

جلوه گاهه امامين جي پهرئين صحن کي طئه ڪري ڏاکڻين ڀت کان ٻاهر ٿبو ته هڪ ٺل نظر ايندو، ان جي مٿان هڪ پٿر نصب ٿيل آهي، جنهن تي ٻن قدمن جا نشان آهن. هڪ روايت مطابق اهي نشان نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي ۽ ٻي روايت مطابق اهي نشان امير المؤمنين حضرت علي ابنِ ابي طالب عليه السلام جي مبارڪ قدمن جا نشان آهن. ٺٽي جي گورنر نواب سيف الله خان جنهن جلوه گاهه امامين جي مقدس زمين تي زيارتگاهه لاءِ هڪ عمارت ٺهرائي هئي، تنهن کي وصيت مطابق جلوه گاهه امامين جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو. سندس قبر جلوه گاهه امامين جي اوڀارين ڀت سان لڳ هڪ چؤديواريءَ اندر آهي، نواب سيف الله خان جي دفن ٿيڻ کانپوءِ جلوه گاهه امامين جي ٻاهر واري زمين اهل تشيع جي مقام يا قبرستان جي صورت اختيار ڪري ورتي. موجوده دور جو نامور ترقي پسند اديب ناصر مورائي پڻ هتي دفن ٿيل آهي. نواب سيف الله جي قبر مٿان هڪ ڪتبو لڳل آهي، جنهن تي هي الفاظ اڪريل آهن: (مڪلي نامي موجب)

(1) يا الله

(2) الّلهم صل

(3) عَليٰ محمد المصطفيٰ و عـّّلي

(4) المرتضيٰ و فاطمة الزهراءِ

(5) والحسن والحسين و علي

(6) زين العابدين و محمد الباقر و

(7) جعفر الصادق و موسيٰ الکاظم

(8) و علي الرضا و محمد التقي و علي

(9) النقي والحسن العسکري و محمد

(10) المهدي صاحب الزمان صلوات

(11) الله و سلام عليهم

(12) اجمعين

(13) سيف جنگ خلد منزل از دلي

(14) کز و فاتش خلق مشتاق فنا ست

(15) از براءِ جستن تاريخ او نکته

(16) سنجان راز فکرش جان بکاست بلبل

(17) طبعم ز غم نا ليد و گفت دست وي بادامن

(18) آلِ عباست

(19) نهم ذي قعده

هن قبرستان ۾ ايران جو مشهور شاعر آقا محمـد ڪريـم اصـفـهـاني ’عاشق‘پڻ دفن ٿيل آهي. هي اصفهان مان لڏي اچي ٺٽي ۾ مقيم ٿيو ۽ هتي ئي 1155هه/ 1742ع ۾ وفات ڪيائين.





لفظ جلوه گاهه امامينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1155.00.00  هجري

هن قبرستان ۾ ايران جو مشهور شاعر آقا محمـد ڪريـم اصـفـهـاني ’ عاشق ‘ پڻ دفن ٿيل آهي . هي اصفهان مان لڏي اچي ٺٽي ۾ مقيم ٿيو ۽ هتي ئي 1155هه/ 1742ع ۾ وفات ڪيائين .


1742.00.00  عيسوي

هن قبرستان ۾ ايران جو مشهور شاعر آقا محمـد ڪريـم اصـفـهـاني ’ عاشق ‘ پڻ دفن ٿيل آهي . هي اصفهان مان لڏي اچي ٺٽي ۾ مقيم ٿيو ۽ هتي ئي 1155هه/ 1742ع ۾ وفات ڪيائين .



ماڳ مڪان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راڻي باغ حيدرآباد1
ٺلهه ڊرٻ چانڊيو
ٺلهه هيرو خان
ڀاناڻو
شاهه جو ڪوٽيڙو
باغ دلڪشا
ڀنڀور
ڀراسر تلاءُ
دنب ولي محمد
شوري دمب
ماڳ مڪان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون