جمالي رفيق احمد

جمالي رفيق احمد

جمالي رفيق احمد

جمالي، رفيق احمد: نامياري سياستدان حاجي محمد بخش جماليءَ جو فرزند رفيق احمد جمالي 25 ڊسمبر 1962ع تي دادو ضلعي جي ڳوٺ بھاولپور ۾ پيدا ٿيو. سندس والد ساک ڀريو سياستدان ۽ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي بنيادي ميمبرن مان هو ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي تمام ويجهو رهيو ۽ هر ڏُک سک ۾ پارٽيءَ سـان نـڀـائـيــنـدو رهـيـو. ڪيترائي ڀيرا ايم. اين. اي ۽ ايم. پي. اي چونڊيو. رفيق احمد جمالي پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمينٽ پرمانند هرداس هاءِ اسڪول دادو مان ڪيائين. استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادوءَ مان انٽرميڊئيٽ ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي. رفيق احمد جمالي هن وقت پاڪستان پيپلزپارٽي، ضلعي دادو جو صدر آهي.
رفيق احمد جمالي پارلياماني سياسي زندگيءَ جي شروعات 2002ع کان پنھنجي والد جي حياتيءَ ۾ ڪئي هئي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي دادو- جوهي تڪ مان قومي اسيمبليءَ جي چونڊ وڙهيو. سندس مقابلي ۾ احمد خان لنڊ هو، جنهن کي شڪست ڏئي ايم. اين. اي بڻيو. اڳوڻي وزيراعظم مير جمالي'>ظفر جمالي کيس مسلم ليگ (قائداعظم) ۾ شموليت جي آڇ ڪئي، پر هن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان وفاداريون قائم رکيون. سياسي مخالفتن باوجود پارٽيءَ سان گڏ بيٺو رهيو. 2008ع جي چونڊن ۾ سندس مقابلو نامياري سياستدان عبدالحميد جتوئيءَ جي فرزند لياقت علي خان جتوئيءَ سان ٿيو، جنهن ۾کيس ڪاميابي حاصل ٿي ۽ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. پهرين ڪابينا ۾ زراعت کاتي جو مملڪتي وزير رهيو. پر ارڙهين ترميم تي عمل ڪندي جڏهن ڪابينا جي وزيرن جو انگ گهٽايو ويو آهي تہ فبروري 2011ع ۾ هن سان گڏ ٻين وزيرن کي بہ قلمدان واپس ڪرڻا پيا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.12.25  عيسوي

رفيق احمد جمالي 25 ڊسمبر 1962ع تي دادو ضلعي جي ڳوٺ بهاولپور ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀليڏنو کٽي
زھرہ شيرازي
شھڪ ڏاڏو
ايم اي راجا
جتوئي مظهر علي ڪامريڊ
جروار محمد رفيق
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
اياز خليل چنجڻي
سنگهار علي گڻسار
پنھون فقير ٻرڙو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون