
جمشيد انصاري
جمشيد انصاري: ٽي. وي، ريڊيي ۽ اسٽيج جو مشھور فنڪار، جمشيد انصاريءَ، 31 ڊسمبر 1942ع ۾ سهارنپور ۾ پيدا ٿيو. پاڪستان جي قيام کان پوءِ سندس خاندان ڪراچيءَ ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي، گريجوئيشن کان پوءِ هو لنڊن هليو ويو، جتي هن معروف نشرياتي اداري بي. بي. سيءَ ۾ ڪم ڪيو ۽ ٽيلي پروڊڪشن جا ڪورس بہ مڪمل ڪيا، 1968ع ۾ هو پاڪستان آيو ۽ هتي ريڊيو پاڪستان تي صداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريائين. هو ڊگهي عرصي تائين ريڊيو پاڪستان جي مشھور پروگرام ’حامد ميان ڪي هان‘ ۾ پنھنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندو رهيو. هن 18 جنوري 1974ع تي شادي ڪئي. پاڪستان ٽيليويزن ۾ اچڻ کان پوءِ هن پي. ٽي. وي لاهور مرڪز جي ڊرامي ’جهروڪي‘ کان پنھنجي فني زندگيءَ جي شروعات ڪئي، پر کيس اصل شھرت ڪراچي مرڪز تان مـلـي، جـتـان هن حسينہ معين جي لکيل ڊراما سيريلن: ’ڪرن ڪهاني‘، ’زير زبر پيش‘، ’انڪل عرفي‘ ۽ ’تنهائيان‘ ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيا، هن جي ٻين سيريلن ۾: ’يس سر نو سر‘، ’آشيانا‘، ’خزان ڪا راز‘، ’رفتہ رفتہ‘، ’برگر فيملي‘، ’رات ريت اور هوا‘، ’زهي نصيب‘، ’مالونيم شب‘ ۽ ’چاند بابو‘ اهم آهن. هن 24 آگسٽ 2005ع تي ڊگهي علالت کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي .
1942.12.31 عيسوي
جمشيد انصاريءَ ، 31 ڊسمبر 1942ع ۾ سهارنپور ۾ پيدا ٿيو .
2005.08.24 عيسوي
جمشيد انصاري 24 آگسٽ 2005ع تي ڊگهي علالت کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي .