جمعة (سورة ):ڪلام پاڪ جي هڪ سورة، جيڪا هجرت کان پوءِ مديني ۾ نازل ٿي، هن سورة ۾ حضرت موسيٰ عليه السّلام جي تڪليف واري حالت بيان ٿيل آهي جيڪا سندس قوم کيس رسائي هئي، هن سورة ۾ جمعي جي نماز جو حڪم ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ جماعت لاءِ صف بندي ضروري شرط قرار ڏنل آهي. هن سورة ۾ اول اهو ذڪر آهي ته: ”جيڪي زمين ۽ آسمان ۾ آهي سڀني جي زبان تي الله تعاليٰ جي حمد ۽ ثنا جاري آهي“، ان کان پوءِ به حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي امت جو ذڪر آهي ۽ ان سان گڏ پيشنگوئي آهي ته دين اسلام ۽ رسالت محمديه فقط جزيره عرب تائين محدود به رهندي، بلڪه غير عرب به اسلام جي دائري ۾ شامل ٿيندا، پوءِ نائين ۽ ڏهين آيت تي جمعي نماز لاءِ ’سعي‘ ۽ ڪاروبار ترڪ ڪرڻ جو حڪم آهي ۽ جمعي نماز کان پوءِ روزگار لاءِ پکڙجي وڃڻ جي ترغيب ڏنل آهي. اسلامي تقويم ۾ جمعة (جمعو) ڏينهن هفتي جو آخري ۽ ستون ڏينهن آهي، اسلام کان اڳئين دؤر ۾ هن ڏينهن کي ’يوم المعروبت‘ چوندا هئا. اسلام جي اچڻ سان هن ڏينهن کي جمع سڏيو ويو ڇو ته ان ڏينهن مسلمان مسجد ۾ گڏ ٿيندا آهن ۽ نماز ادا ڪندا آهن. سَيوطي جي هڪ روايت موجب نبي سڳورو حضرت محمد صلي الله عليه وسلم اڃا مڪي شريف ۾ هو ته جمعي جي نماز جي تلقين ٿي وئي هئي، مگر اتي نماز ادا نه ٿي سگهي هئي. تنهنڪري نبي سڳوري صه مصعب بن عمير کي لکيو ته جمعي جي ڏينهن سج لڙڻ کان پوءِ مسلمانن کي جمع ڪريو ۽ انهن کي ٻه رڪعتون نماز باجماعت پڙهايو. حديث ۾ جمعي نماز پڙهڻ جي تاڪيد ڪيل آهي. ابن مابه جي روايت آهي ته نبي سڳوري هڪڙي ڏينهن جمعي نماز جي خطبي ۾ چيو ته الله تعاليٰ اوهان تي اڄ هن هنڌ تي هن مهيني ۾ هن سال کان وٺي جمعي نماز فرض ڪري ڇڏي، جيڪا ڏينهن قيامت تائين فرض رهندي. جنهن به مسلمان سستيءَ کان نماز کي ڇڏيو يا انڪار ڪيو، خدا تعاليٰ کيس ڪڏهن به بخش نه ڪندو ۽ نه وري سندس پورهيي ۾ برڪت وجهندو. جمعي نماز جي فرضيت لاءِ ست شرط آهن: (1) سلام، (2) خطبو، (3) امام مقيم هجي، مسافر نه هجي، (4) تعداد مقرر ڪونهي پر ايترا ماڻهو هجن، جن سان ڳوٺ يا شهر هجڻ جو شرط پورو ٿئي، (5) غسل، (6) صفائي ۽ (7) صاف لباس ۽ خوشبوءِ وغيره .