جمن شاهه داتا خيالي تصوير

جمن شاهه داتا خيالي تصوير

جمن شاهه داتا جي مزار

جمن شاهه داتا جي مزار

جمن شاھہ داتا

جمن شاھہ داتا (شھيد): سيد جمن شاھہ شھيد عرف داتا جمن شاھہ سنڌ جو هڪ وڏو بزرگ ۽ درويش ٿي گذريو آهي. سيد جمن شاھہ ولد سيد جمال شاھہ جي ولادت 15 محرم الحرام 1265ھہ/ 11 ڊسمبر 1848ع ۾ ٿي. هن بزرگ جا وڏا اصل بخارا مان هجرت ڪري سنڌ ۾، گدو لڳ پرهياڙ ڳوٺ ۾ درياھہ جي ڪناري تي ۽ پوءِ آخري عرصي ۾ ٽنڊي ٺوڙهي ۾ رهائش پذير ٿيا. اڄ بہ اُتي سندن مريد آهن ۽ هر سال هتي حاضري ڀريندا آهن. سيد جمن شاھہ وڏو پرهيزگار بزرگ هو. ٽنڊي ٺوڙهي حيدرآباد ۾ ٽنڊي حيدر واري رستي تي، ريلوي ڦاٽڪ حيدرآباد وٽ سندس مسڪن هو، جتي هو هميشہ عبادت ۾ مشغول رهندو هو ۽ عقيدتمندن کي واعظ ڪندو رهندو هو.
ٽنڊي ٺوڙهي جي هڪ مرزا لالچ ۽ لوڀ ۾ اچي 18 جمادي الثاني 1331ھہ/ 25 مئي 1913ع تي هن بزرگ کي تلوار جي وار سان شھيد ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي سندس خاص معتقد، مرزا غلام محمد بيگ بہ سخت زخمي ٿي پيو. جڏهن سيد جمن شھيد جو لاش اسپتال ۾ پهتو تہ ان وقت جو ڪليڪٽر ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر بہ اچي پهتا. سيد جمن شاھہ شھيد شهادت وقت پنهنجن عقيدتمندن کي وصيت ڪئي هئي تہ سندس قاتل کي ڪجهہ نہ چئجو. چون ٿا تہ سيد جمن شاھہ جي شهادت کانپوءِ اهو قاتل چريو ٿي پيو ۽ گدو بندر واري چرين جي اسپتال ۾ وڃي داخل ٿيو.
جمن شاھہ شھيد کي غسل ۽ ڪفن ڏيڻ کانپوءِ، مير نور محمد خان ٽالپر جي وزير ۽ شھيد جي عقيدتمند، مرزا ٻڍل بيگ، سندس ٽنڊي آغا جي آغائي ساداتن واري قبرستان ۾ تدفين ڪرائي. ڪجهہ عرصي کانپوءِ مرزا ٻڍل بيگ، شھيد جمن شاھہ جي قبر تي عاليشان مقبرو پڻ جوڙايو، جيڪو 8 ربيع الاول 1333ھہ/ 25 جنوري 1915ع تي تڪميل تي پهتو ۽ اڄ بہ ٽنڊي آغا اسماعيل شاھہ ۾ عقيدتمندن جي زيارت جو مرڪز آهي. داتا جمن شاھہ شھيد جي ڀرسان مقبري ۾ سندس پٽ سيد بچل شاھہ بہ دفن ٿيل آهي.
ميرن جي وزيراعظم آغا سيد اسماعيل شاھہ جي ننڍي ڀاءُ، شاهي حڪيم ۽ وزير، آغا باقر شاھہ جي اولاد مان حاجي آغا سيد يار محمد شاھہ، سجادہ نشين/ متوليءَ طور اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصي تائين سيد جمن شاھہ'>درگاھہ سيد جمن شاھہ تي ٽي ڏهاڙا ميلو ۽ چوٿين ڏهاري مجلس ڪرائيندو هو. هن 13 ڊسمبر 1992ع تي ميلي جي وچئين ڏينهن راڳ رنگ ۽ سماع دوران سوين ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ اسٽيج تي ويٺي وجد ۾ اچي دم ڏنو. سندس جسد خاڪي درگاھہ اندر تعمير ڪرايل مقبري ۾ رکيل آهي. مرحوم جي حياتيءَ ۾ سندس وڏي ڀاءُ جي اولاد ۽ ناٺي سيد آغا شاھہ مـردان شاھہ الحسينيءَ کي سجادہ نشين طور ذميواري حوالي ڪئي وئي، جيـڪا هن وقت نڀائيندو اچي، جــڏهـن تہ مرحوم سجادہ نشين آغا يار محمد شاھہ کي نرينو اولاد نہ هئڻ ڪري هن پنھنجي ڀاءُ جي اولاد ۽ ڏوهٽي سيد آغا محسن رضا شاھہ الحسينيءَ کي پنھنجي پڳ جو وارث قرار ڏنو هو. اهڙي دستاربندي سندس چاليهي جي موقعي تي خاندان جي بزرگن ۽ شھر جي معززن جي موجودگيءَ ۾ ڪئي وئي هئي.
سيد جمن شاھہ شھيد جي ميندي مبارڪ، ميلي جي وچئين ڏينهن تي وڏي تعداد ۾ عقيدتمندن جي موجودگيءَ ۾ جلوس جي صورت ۾ سجادہ نشين آغا سيد يار محمد شاھہ جي حويليءَ تان کڄندي هئي ۽ اڄ تائين ساڳئي دستور موجب اتان کنئي ويندي آهي. ميلي جي آخري ڏينهن حضرت امام حسين عليہ السلام جي مجلس عزا ٿيندي آهي، جيڪا سيد يار حاجي آغا محمد شاھہ ڪرائيندو هو ۽ هاڻي حاجي آغا سيد شاھہ مردان شاھہ ڪرائيندو اچي ٿو.
سيد جمن شاھہ داتا جي شهادت تي مرزا ٻڍل بيگ قطعه تاريخ چئي هئي، جيڪا مقبري تي اُڪريل آهي:
از شهادت شد مشرف سيد جمن شاھہ زار،
هجدهم ماه جماد دوم آن گردون وقار،
رفت جنت بھر سالش گفت ٻڍل را سروش،
’دوجـده آغـوش‘ خوابيده شه عالي تبار.
1331ھہ
ان کانسواءِ ميرزا ٻڍل بيگ هن سيد سڳوري جي شهادت تي هڪ طويل مسدس مرثيو پڻ چيو هو، جيڪو 38 بندن تي مشتمل آهي. ميرزا ٻڍل بيگ جي انهي مرثيي جا ٻہ بند هيٺ پيش ڪجن ٿا:
اڄ وري بيڏوھہ ٿيو سادات جمن شاھہ شهيد،
ڪربلا ۾ جيئن ڪَٺو شبير کي شمر پليد،
تيئن ڪَٺو موذي عداوت سان اچي سيد سعيد،
شمر کان پڻ ٿيو شقاوت ۾ زياده هي عنيد،
ڪربلا جو واقعو تازو ٿو ڏسجي سنڌ ۾،
ظلم هن جو شور ٻڍبو جلد هاڻي هند ۾.
-
بس ٻڍل تون ڇا ڪندي هن حال جو شرح و بيان،
آل تي جي ظلم ٿيا سي ڪين ڪي آهن نهان،
عدل ظلمن جو ڪندو خود خالق هر دو جهان،
صابرن سر ڪيا فِدا پنهنجا رضا و صبر سان،
ظالمن کي ظلم جي ملندي سزا نار حميم،
صابرن لئي حق مقرر ڪيو سدا نعم النعيم.


لفظ جمن شاھہ داتاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.12.11  عيسوي

سيد جمن شاهه شهيد عرف داتا جمن شاهه سنڌ جو هڪ وڏو بزرگ ۽ درويش ٿي گذريو آهي. سيد جمن شاهه ولد سيد جمال شاهه جي ولادت 15 محرم الحرام 1265هه/ 11 ڊسمبر 1848ع ۾ ٿي.


1913.05.25  عيسوي

ٽنڊي ٺوڙهي جي هڪ مرزا لالچ ۽ لوڀ ۾ اچي 18 جمادي الثاني 1331هه/ 25 مئي 1913ع تي هن بزرگ کي تلوار جي وار سان شهيد ڪري ڇڏيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اشعري
علي محمد عباسي ڪامريڊ
حاجي غلام قادر ڪنڀار
اشرف منصور دائودپوٽو
حاجي محمد سمون
عبدالحڪيم صديقي ڀائيخان
ابن الجوزي
بشير احمد قريشي
اي آرملڪ ڊاڪٽر
جلال الدين سنڌي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون