
جمن شاهه شهيد
جمن شاھہ شھيد: سيد جمن شاھہ شھيد عرف داتا جمن شاھہ جي مزار حيدرآباد شھر ۾ ٽنڊي آغا جي وسنديءَ ۾ عقيدتمندن لاءِ هڪ زيارتگاھہ طور مشھور آهي، سيد جمن شاھہ شھيد ابن سيد جمال شاھہ جي ولادت 15 محرم الحرام 1265ھہ/ 11 ڊسمبر 1848ع ۾ ٿي. سندس وڏا اصل بخارا شھر مان هجرت ڪري اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا ۽ سيد جمن شاھہ وڏو پرهيزگار هو. سندس مسڪن ٽنڊي ٺوڙهي وٽ ٽنڊي حيدر واري رستي تي ريلوي ڦاٽڪ وٽ هو، جتي هميشہ عبادت ۾ مشغول رهندو هو ۽ عقيدتمندن کي وعظ ڪندو هو.
ٽنڊي ٺوڙهي جي هڪ مرزا لالچ ۾ اچي، 18 جمادي الثاني 1331ھہ مطابق 25 مئي 1913ع تي هن بزرگ کي تلوار جي وار سان شھيد ڪري ڇڏيو. ساڻس گڏ سندس خاص معتقد مرزا غلام محمد بيگ (ٽنڊي آغا وارو) بہ سخت زخمي ٿيو، پر اهو بچي ويو، جڏهن سيد جمن جو لاش اسپتال پهتو تہ مقامي ڪليڪٽر ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر بہ اچي پهتا، شاھہ صاحب پنھنجي ۽ عقيدتمندن کي وصيت ڪئي هئي تہ ”منهنجي قاتل کي ڪجهہ بہ نہ چئجو“. چون ٿا تہ سيد جمن شاھہ جي شهادت کان پوءِ قاتل چريو ٿي پيو ۽ گدو بندر واري چرين جي اسپتال ۾ داخل ٿيو. شاھہ صاحب کي غسل ۽ ڪفن بعد هزهائينس مير نور محمد خان ٽالپر جي وزير مرزا ٻڍل بيگ ٽنڊي آغا واري قبرستان ۾ دفن ڪرايو. ڪجهہ عرصي کان پوءِ سندس قبر مٿان 8 ربيع الاول 1333ھہ مطابق 25 جنوري 1915ع تي ميرزا ٻڍل بيگ هڪ عاليشان مقبرو اڏايو، جيڪو اڄ بہ ٽنڊي آغا ۾ زيارتگاھہ طور موجود آهي. سيد جمن جي قبي جو پهريون مجاور مرزا غلام محمد هو. سيد صاحب جو اڄ ڏينهن تائين جماد الثاني واري مهيني ۾ 16، 17 ۽ 18 تاريخ تي ميلو لڳندو آهي. ميلي جي ٻئي ڏينهجن تي ميرزا عنايت علي بيگ، سيد جمن شاھہ جي دستار ۽ ميندي جي تقريب ڪرائيندو هو ۽ نذر جو بندوبست پڻ ڪرائيندو هو. سندس وفات کان پوءِ اها ذميواري سندس پٽ نڀائيندا اچن. ميلي جي آخري ڏينهن حضرت امام حسين عليہ السّلام جي مجلس عزا منعقد ٿيندي آهي، جيڪا سيد يار محمد شاھہ ڪرائيندو هو ۽ هاڻي سيد شاھہ مردان شاھہ ڪرائيندو آهي. هن وقت سيد جمن شاھہ شھيد جي مزار جو سجادہ نشين سيد شاھہ مردان شاھہ آهي.
سيد جمن شاھہ جي شهادت تي ميرزا ٻڍل بيگ هڪ قطعه تاريخ چئي هئي، جيڪا مقبري تي اڪريل آهي. هن ريت آهي:
از شهادت شد مشرف سيد جمن شاھہ زار،
هجدهم ماه جماد دوم آن گردون وقار،
رفت جنت بھر سالش گفت ٻڍل را سروش،
’دوجـده آغـوش‘ خوابيده شه عالي تبار.
1331ھہ
ان کان سواءِ ميرزا ٻڍل بيگ هن سيد سڳوري جي شهادت تي هڪ طويل مسدس مرثيو پڻ چيو هو، جيڪو 38 بندن تي مشتمل آهي. ميرزا ٻڍل بيگ جي انهي مرثيي جا ٻہ بند هيٺ پيش ڪجن ٿا:
اڄ وري بيڏوھہ ٿيو سادات جمن شاھہ شهيد،
ڪربلا ۾ جيئن ڪَٺو شبير کي شمر پليد،
تيئن ڪَٺو موذي عداوت سان اچي سيد سعيد،
شمر کان پڻ ٿيو شقاوت ۾ زياده هي عنيد،
ڪربلا جو واقعو تازو ٿو ڏسجي سنڌ ۾،
ظلم هن جو شور ٻڍبو جلد هاڻي هند ۾.
بس ٻڍل تون ڇا ڪندي هن حال جو شرح و بيان،
آل تي جي ظلم ٿيا سي ڪين ڪي آهن نهان،
عدل ظلمن جو ڪندو خود خالق هر دو جهان،
صابرن سر ڪيا فِدا پنهنجا رضا و صبر سان،
ظالمن کي ظلم جي ملندي سزا نار حميم،
صابرن لئي حق مقرر ڪيو سدا نعم النعيم .
1848.12.11 عيسوي
سيد جمن شاهه شهيد ابن سيد جمال شاهه جي ولادت 15 محرم الحرام 1265هه/ 11 ڊسمبر 1848ع ۾ ٿي .
1913.05.25 عيسوي
جمن شاهه شهيد 25 مئي 1913ع تي هن بزرگ کي تلوار جي وار سان شهيد ڪري ڇڏيو .