جنتري

جنتري

جنتري

جنتري: جنتري اهڙو ڪتاب آهي، جنهن مان نجومي يا مذهبي اڳواڻ، سج، چنڊ، تارن ۽ نکٽن جي گردش مان معلومات وٺي، سڄي سال جون تاريخون ۽ ڏينهن درج ڪندا آهن. تاريخ جي آڳاٽي زماني ۾ مزدورن جي اجرت يا پگهار جي حساب رکڻ لاءِ جنتري استعمال ڪئي ويندي هئي، هلندڙ دور ۾ وري معاشرتي مقصدن لاءِ جنتري ترتيب ڏني وڃي ٿي. سڄي دنيا ۾ گريگورين جنتري استعمال ڪئي ويندي آهي. جنتري کي ’ٽپڻو‘ يا ’تقويم‘ به چيو ويندو آهي. قديم دور کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جنتريءَ جا جيڪي مختلف نظام رائج رهيا آهن، تن مان ڪن جو احوال هيٺ شامل ڪجي ٿو:
ابتـدائي جـنتريءَ جو نظام: هن نظام ۾ هڪ نئين چـنڊ (New Moon) کان ٻئي نئين چنڊ تائين واري مدي کي قمري مهينو چيو ويندو آهي ۽ 12 قمري مهينن جي مدت هڪ قمري سال سڏجي ٿي. موسمن جو هڪ مڪمل دور يعني سج جي چوڌاري زمين جي هڪ مڪمل گردش واري عرصي کي هڪ ’شمسي سال‘ سڏيو ويندو آهي. جڏهن ته هڪ قمري سال هڪ شمسي سال کان لڳ ڀڳ 11 ڏينهن ننڍو هوندو آهي.
رومي جنتري: هن جنتريءَ ۾ هڪ اڌ ڏينهن کان ٻئي اڌ ڏينهن تائين وارو وقت، هڪ ڏينهن تصور ڪيو ويندو آهي. هڪ ڏينهن کي 24 برابر حصن ۾ ورهائي وقت جا هٿرادو ننڍا جزا (ڪلاڪ) حاصل ڪيا ويندا آهن. پورن ستن ڏينهن جي وقفي کي هڪ هفتي سان منسوب ڪيو ويندو آهي. هڪ ڪلاڪ جو سَٺيون حصو سيڪنڊ سڏجي ٿو. انهيءَ جنتريءَ موجب هڪ شمسي سال 365 ڏينهن ۽ 5 ڪلاڪن جي برابر ٿئي. يعني جنوري، مارچ، مئي، جولاءِ، آگسٽ، آڪٽوبر ۽ ڊسمبر مهينن ۾ 31 ڏينهن ٿيندا آهن ۽ اپريل، جون، سيپٽمبر ۽ نومبر ۾ 30 ڏينهن ٿيندا آهن ۽ فيبروريءَ ۾ 28 يا 29 ڏينهن هوندا آهن. هن جنتري وسيلي مهينن ۾ ڏينهن کي گهٽائي وڌائي 365 ڏينهن جو تعداد پورو ڪيو ويو آهي.
جوليائي جنتري: هونئن ته شمسي سال ۾ لڳ ڀڳ سوا 365 ڏينهن هوندا آهن، پر 365 ڏينهن واري سال کڻڻ سان جنتريءَ جو هر سال 6 ڪلاڪ اڳ ئي ختم ٿئي ٿو. بظاهر هيءَ ننڍڙي معمولي ڪمي معلوم ٿئي ٿي، پر ڪيترن سالن جي ڊگهي عرصي ۾ اها مجموعي طور تي ڳاڻيٽي ۾ رهندي. اهو ئي سبب آهي جو 26 ق.م ۾ جوليس سيزر (Jullius Caesar) قديم رومي جنتريءَ ۾ تصحيح ڪئي. هن مذهبي اڳواڻن اسڪندريا جي هيئت دان سوسي جينس (Sosigenes) جي صلاح سان اهو عمل نافذ ڪيو ته هن سال نومبر ۽ ڊسمبر جي وچ ۾ 6.7 وڌيڪ ڏينهن داخل ڪيا وڃن ته جيئن معاشرتي ۽ هيئتي جنتري هڪ ٻئي سان مطابقت رکن ۽ برابر ٿي وڃن، ان حساب سان آئندي هر چوٿين سال فيبروريءَ ۾ 28 جي بجاءِ 29 ڏينهن ٿيندا، يعني جيڪو 4 جي انگ سان پورو ونڊجي ٿو، اهو وڌايل سال (Leap Year) ٿيندو.
گريگورين جنتري: هيءَ جنتري 1582ع ۾ پوپ گريگوري (Gregory) جوليائي جنتري ۾ تصحيح ڪندي، هڪ نئين جنتري نافذ ڪئي، جيڪا گريگورين (Gregorian) جنتري سڏجي ٿي. 1582ع ۾ آڪٽوبر جي 5 تاريخ آڪٽوبر 15 قرار ڏني وئي.
هندو جنتري: آڳاٽي زماني ۾ رائج جنتريءَ جا ڪجهه بنياد چئن ويدن ۾ بيان ڪيا ويا آهن ۽ ائين معلوم ٿئي ٿو ته لڳ ڀڳ 1200 ق.م ڌاري ترتيب ڏنل رگ ويد جي زماني ۾ معاشرتي سال جو عرصو 360 ڏينهن ورتو ويندو هو ۽ سال ۾ برابر ڏينهن وارا 12 مهينا ٿيندا هئا ۽ هر پنجن سالن جي پوري ٿيڻ تي هڪ وڌيڪ مهينو لڳايو ويندو هو، جنهن کي ”اڌڪ“ چوندا هئا. هيءَ جنتري قمري، شمسي هئي.
مسلم جنتري: مسلم جنتري 12 قمري (چنڊ جي) مهينن واري سال تي ٻڌل آهي. قمري مهيني جي ابتدا رويت هلال کان ٿيندي آهي ۽ عام طورهي قمري مهينو 29 ۽ 30 ڏينهن جو ٿئي ٿو. قمري سال 354 يا 355 ڏينهن جو ٿئي ٿو. مختلف سالن ۾ قمري مهينن ۽ موسمن ۾ مطابقت نه ٿي ٿئي، پر ساڍي 32 سالن جي عرصي ۾ قمري مهينا رجعت (Retrograde) ڪندي ٻيهر مطابقت حاصل ڪن ٿا. جيئن ته قمري سال جو عرصو لڳ ڀڳ 29.53 ڏينهن آهي، ان ڪري عام طور تي 31 هلالي مهينن ۾ 29 ڏينهن وارا 15 مهينا ۽ 30 ڏينهن وارا 16 مهينا ٿين ٿا. محرم 30 ڏينهن، صفر 29 ڏينهن، ربيع الاول 30 ڏينهن، ربيع الثاني 29 ڏينهن، جمادي الاول 30 ڏينهن، جمادي الثاني 29 ڏينهن، رجب 30 ڏينهن، شعبان 29 ڏينهن، رمضان 30 ڏينهن، شوال 29 ڏينهن، ذوالقعد 30 ڏينهن، ذوالحج 29 يا 30 ڏينهن، اهو سال جنهن ۾ ذوالحج مهيني ۾ هڪ ڏينهن وڌيڪ ڪيو وڃي ته وڌايل سال ٿيندو. 30 سالن جي عرصي ۾ 19 معمولي سال في سال 354 ڏينهن وارو ۽ 11 وڌايل سال، في سال 355 ڏينهن وارو ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح جنتريءَ ۾ تڏهن وڌايل سال جو حساب لڳائڻ لاءِ اهو قانون ٺاهيو ويو ته جيڪڏهن هجري سن کي 30 سان ورهائڻ تي 2، 3، 5، 7، 10، 13، 16، 18، 21، 24، 26 يا 29 بچن ته اهو وڌايل سال سمجهبو.
چيني جنتري: عام طور تي چيني جنتري 12 قمري (چنڊ جي) مهينن تي ٻڌل ٿئي ٿي ۽ هر ٽن سالن جي وقفي ۾ هڪ وڌيڪ وچولو مهينو يا هر 5 سالن جي وقفي ۾ ٻه وڌيڪ وچولا مهينا کڻي شمسي سال سان مطابقت پيدا ڪئي ويندي آهي .


لفظ جنتريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو