جهمٽ مل ٽلواڻي

جهمٽ مل ٽلواڻي: سنڌ جو مشهور تعليمدان، مضمون نگار ۽ ليکڪ جهمٽ مل ٽلواڻي، 25 ڊسمبر 1922ع تي ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. سندس ڪافي رچنائون شايع ٿيون. ورهاڱي کان پوءِ هندستان لڏي ويو، جتيجوت‘ (1972ع) رسالي جو چيف ايڊيٽر رهيو. تعليمي ميدان ۾ به وڏي جاکوڙ ڪيائين. ”راجسٿان سنڌي ساهتيه اڪيڊميءَ“ جو وائيس چيئرمين ۽ ”ٽيڪسٽ بڪ ڪميٽيءَ“ جو ميمبر هئڻ سان گڏ ٻين ڪيترين تعليمي ادارن ۽ تنظيمن جو عهديدار رهيو. آدرش هائير سيڪنڊري اسڪول جو پرنسپال به رهيو. اجمير به رهندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.12.25  عيسوي

سنڌ جو مشهور تعليمدان، مضمون نگار ۽ ليکڪ جهمٽ مل ٽلواڻي، 25 ڊسمبر 1922ع تي ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بيربل
جي جي مور
ارنيسٽ ٽرمپ
بهادر شاهه ظفر
شاهه احمد نوراني
آگھمي ابو طالب
حڪيم شيخ محمد بکري
پير شاهه مراد
دلاور خانجي
بينا1
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون