جهولڻ شاھہ

جهولڻ شاھہ: سيد جهولڻ شاھہ جو اصل نالو سيد محمد حفيظ هو. هي جلال الدين مخدوم جھانيان جي اولاد مان هو. جهولڻ شاھہ، گهوڙي شاھہ جي نالي سان بہ مشھور هو. اهو ان ڪري جو کيس گهوڙن سان تمام گهڻي محبت هئي، هن جو معمول هوندو هو تہ اڪثر شھر ۾ ڦرندو ۽ مخلوق خدا جي مدد ڪندو رهندو هو. لاهور شھر ۾ هن گهڻن ئي طوائفن کي سڌي راھہ تي آندو، انهن ۾ مائي سوڊان طوائف تہ هن جي مريدياڻي ٿي پئي.
تاريخ فرشته‘ ۾ لکيل آهي تہ جهولڻ شاھہ هڪ سئو ٽي سال عمر جو ٿيو ۽ هن محمد شاھہ بادشاھہ مغل جي عھد ۾ 16 رجب المرجب 1146/ 11 ڊسمبر 1733ع تي وفات ڪئي. جهولڻ شاھہ جي مزار لاهور ۾ گهوڙي شاھہ روڊ تي آهي. شاھہ بلاول جي مزار بہ هن ئي روڊ تي آهي.
جهولڻ شاھہ جي مزار جي آسپاس مٽيءَ جي گهوڙن جا انبار موجود موجود آهن. چبوتري ۾ ٽي مزارون آهن، هڪ جهولڻ شاھہ جي ۽ ٻہ سندس خليفن جون آهن.


لفظ جهولڻ شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1733.12.11  عيسوي

’تاريخ فرشته‘ ۾ لکيل آهي ته جهولڻ شاهه هڪ سئو ٽي سال عمر جو ٿيو ۽ هن محمد شاهه بادشاهه مغل جي عهد ۾ 16 رجب المرجب 1146/ 11 ڊسمبر 1733ع تي وفات ڪئي. جهولڻ شاهه جي مزار لاهور ۾ گهوڙي شاهه روڊ تي آهي. شاهه بلاول جي مزار به هن ئي روڊ تي آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اوڌو داس تاراچند راءِ بھادر
تاج محمد مشتاق
نيڪ محمد سومرو
جويو خدا بخش
قربان بگٽي
پنھون فقير ٻرڙو
رياض شاهد
ايس آر رائو ڊاڪٽر
ابڙو مولوي حڪيم قاضي خاڪ
ڏاتو کهاوڙ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون