
جواهر لعل نهرو
جواهر لعل نهرو: پنڊت جواهر لعل نهرو هندستان جي وڏن، آزاد خيال، مفڪرن ۽ جديد سوچ وارن سياستدانن مان هڪ اهم اڳواڻ ٿي گذريو آهي. هي ڪشميري پنڊتن جي ڪول قبيلي مان هو. هن جو پڙڏاڏو، راج ڪول 1716ع ڌاري ڪشمير مان لڏي هندستان جي مغل شهنشاھہ فرخ سير جي وقت ۾ دهليءَ ۾ اچي ويٺو، جتي کيس حڪومت طرفان نـهـر جي ڪـنـاري زمين جاگير طور ڏني وئي، جـتـي جايون ٺهرائي ويٺو، جنهنڪـري هو ’نهرو‘ جي نالي سان سڏيو ويو. سندس ڏاڏو، پنڊت گنگاڌر دهليءَ جو ڪوٽوال هو، جيڪو 1857ع جي جنگ آزاديءَ وقت آگري ۾ لڏي اچي ويٺو، جتي جواهر لعل نهروءَ جو والد موتي لعل 1861ع ۾ ڄائو. جواهر لعل، موتي لعل جو اڪيلو فرزند هو، جيڪو 14 نومبر 1889ع تي ڄائو. پنڊت موتي لعل نهرو، هندستان جي آزاديءَ لاءِ سوچيندڙن مان هو. هو ڊاڪٽر ايني بيسنت جي اثر هيٺ ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو ميمبر ٿيو ۽ مسز ايني بيسنت جي مشوري تي، هن جواهرلعل جي ابتدائي تعليم لاءِ هڪ ٿياسافسٽ، مسٽر فرڊينڊ بروڪس کي ٽيچر ڪري رکيو. ان ابتدائي اثر هيٺ ننڍڙي جواهر لعل تي ٿياسافيءَ جو اثر پيو ۽ اڳتي هلي هي ٿياسافيءَ جو ميمبر ٿيو. ان بعد کيس انگريزي تعليم لاءِ انگلنڊ جي مشھور پبلڪ اسڪول هئرو ۾، ڊسمبر 1905ع ۾ ويهاريو ويو. اتان اسڪول جي تعليم حاصل ڪري، اعليٰ تعليم لاءِ 1907ع ڌاري ٽرينٽي ڪاليج ڪيمبرج ۾ داخل ٿيو، جتان 1910ع ۾ گريجوئيٽ ٿيڻ بعد انرٽيمپل مان 1912ع ۾ بئريسٽريءَ جو امتحان پاس ڪري واپس ڏيھہ پهتو ۽ اچي پيءُ سان گڏ وڪالت شروع ڪيائين، پر وڪالت ۾ دل نہ لڳس ۽ ان سال ڊسمبر 1912ع ۾ بانڪيپور جي ڪانگريس اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. 1913ع ۾ مهاتما گانڌيءَ ڏکڻ آفريڪا ۾ ناتال کان ٽرانسوال تائين سالياني محصول ختم ڪرائڻ لاءِ 2500 مزدورن کي جلوس ۾ شرڪت لاءِ وٺي ويو، جنهن واقعي هن تي گهڻو اثر ڪيو ۽ هن ۾ ستياگره سبب سياست لاءِ دلچسپي پيدا ٿي. مڪاني سياستدانن مان مسٽر گوڪلي جو مٿس وڏو اثر هو. هيءُ 1916ع ۾ لکنؤ ۾ رٿيل ڪانگريس جي اجلاس ۾ پهريون ڀيرو مهاتما گانڌيءَ سان مليو. 1917ع ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي صدر مسز ايني بيسنت جي هوم رول ليگ ۾ سيڪريٽري ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. جنهن کان ننڍپڻ کان وٺي هو ڪافي متاثر هو.
گانڌيءَ پهرين 1917ع ۾ هندستان جي اتر بھار جي ڳوٺ چمپارن ۾ نير جي آبادگارن لاءِ ستياگرهي هلچل هلائي. جولاءِ 1918ع ۾ گانڌيجيءَ کڏا گجرات ۾ آبادگارن جي حقن لاءِ هلچل هلائي، جنهن ۾ کيس ڪاميابي حاصل ٿي. انهن ڳالهين جو جواهر لعل تي ڪافي اثر ٿيو. جون 1917ع ۾ مسز ايني بيسنت کي گرفتار ڪيو ويو. جولاءِ 1918ع ۾ برٽش سرڪار سياسي سڌارن لاءِ تجويز ڏني، جيڪا ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ناپسند ڪئي. ان کان اڳ 1917ع ۾ برٽش سرڪار جسٽس رولٽ جي هٿ هيٺ مقرر ڪيل ڪميٽيءَ جون تجويزون پڌريون ڪيون هيون، جن تي جڏهن سرڪار ’بل‘ ٺاهيا تہ گانڌيجيءَ ستياگرھہ ڪئي، جنهن ۾ جواهر لعل وڏي ڊڪ ڊوڙ ڪئي هئي. ان کان پوءِ 1919ع ۾ امرتسر ۾ جليانوالا باغ واري قتل عام هن تي تمام گهرو اثر ڇڏيو. 1919ع ۾ جواهر لعل جي والد موتي لعل جي صدارت هيٺ امرتسر ۾ ڪانگريس اجلاس ٿيو. جنهن ۾ هن حصو ورتو. 1923ع ۾ مولانا محمد علي جوهر جي صدارت ۾ ڪانگريس جي اجلاس ۾ جواهر لعل نهرو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. ٻئي سال مهاتما گانڌيءَ جي صدارت ۾ ٿيل ڪانگريس اجلاس ۾ بہ کيس ڪانگريس جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. ان کان پوءِ وري 27-1928ع ۾ هو ڪانگريس جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو. 1929ع واري لاهور اجلاس ۾ کيس انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جو صدر مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ 1936ع ڌاري فيض پور ۾ ڪانگريس جو صدر چونڊيو ۽ 1937ع تائين صدر رهيو.
جڏهن 1937ع ۾ نين چونڊن بعد ڪيترن پرڳڻن ۾ ڪانگريس کي اڪثريت حاصل ٿي ۽ تعميري ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو تہ 19-20-21 فيبروري 1938ع تي، بابو سڀاش چندر ڀوش جي صدارت هيٺ، هريپور جي انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس اجلاس ۾، سموري ملڪ جي تعميري پروگرام بنائڻ لاءِ هڪ پلاننگ ڪميشن، پنڊت جواهر لعل جي چيئرمنيءَ هيٺ ٺاهي وئي، جنهن 1941ع جي ستياگرھہ تحريڪ ۽ ان سلسلي ۾ ڪارڪنن جي جيل ۾ وڃڻ ۽ ڪانگريس وزارتن جي استعيفائن ڏيڻ تائين ڪم ڪيو. هن ڪميشن تي سنڌ جي اهم سياستدان سائين جي. ايم. سيد بہ ڪجهہ وقت ساڻس گڏجي ڪم ڪيو ۽ سندس تعميري ڪمن ۽ هر مسئلي ۾ غير معمولي معلومات جو قائل ٿيو.
جواهر لعل نهرو 2 سيپٽمبر 1946ع کان وائسراءِ هند جي مرڪزي ڪئبنيٽ ۾ مکيہ وزير ٿيو. جواهر لعل جي حقيقي تعميري ڪارگذاريءَ جي خبر سندس ڀارت جي وزيراعظميءَ واري عرصي مان پوي ٿي. جنهن عهدي تي هو 18 سال لاڳيتو رهيو. ان دوران هن ترقياتي رٿائون ٺهرائي ڪم هلارايو ۽ ملڪ کي صنعتي طرح پاڻڀرو ڪيو. وزيراعظم جي عهدي تي جواهر لعل نهرو، 27 مئي 1964ع تائين رهيو، جنهن تاريخ تي دل جي بيهڻ ڪري وفات ڪيائين.
جواهر لعل نهرو ڊاڪٽر ايني بيسنت جي خيالن کان متاثر هئڻ ڪري ورهاڱي کان اڳ هندستان جي رهاڪن کي هڪ ’متحد قوم‘ سمجهندو هو ۽ سندس ارادو هو تہ انگريز سامراج کان ملڪ آزاد ڪرائي، ان ۾ جمهوري قومي سوشلسٽ آزاد حڪومت قائم ڪجي. جڏهن وزيراعظميءَ دوران پرڏيهي معاملن جي وزارت جو پورٽ فوليو هن پاڻ وٽ رکيو تہ ايشيا ۽ آفريڪا جي پوئتي پيل ملڪن جي آزاديءَ لاءِ جدوجھد ڪيائين. هن دنيا کي ٻن متضاد نظرين، ڪئپيٽلزم ۽ ڪميونزم جي بلاڪن ۾ ورهايل ڏٺو. ان ڪري هن دنيا اڳيان هيٺيان نوان نظريا رکيا: (1) ايشيا ۽ آفريڪا جي پوئتي پيل ملڪن کي منظم ڪرڻ گهرجي، (2) ٻنهي بلاڪن کان الڳ ٿي، ’پنج شيلا‘ جي بنياد تي غير جانبدار (Non-aligned) گروھہ ٺاهجي، جنهن جا اصول هيٺيان هجن: (1) اڻ- اڳرائيءَ (Non-Aggression) کي ڇڏي ڳالهين ۽ اقوام متحدہ ذريعي مسئلا هلائجن، (2) غير دست اندازي (Non-Interference ):ٻين ملڪن جي گهرو معاملن ۾ دست اندازي نہ ڪجي، (3) سڀني قومن جي خود مختياري (Sovereignty) جي اصول کي قبول ڪجي، (4) باهمي تعاون: سڀني ملڪن کي هڪ ٻين جي مدد ڪرڻ گهرجي ۽ خاص ڪري پوئتي پيل ملڪن جي مدد ڪجي تہ جيئن غلام ملڪ آزاد ٿي سگهن، (5) باهمي رواداري (Co-existence ):مختلف نظرين، قومن ۽ ملڪن جو هڪٻئي سان رواداريءَ وارو سلوڪ قائم رهي. ان ريت ’غير جانبدار تحريڪ‘ جو باني جواهر لعل نهرو ئي بڻيو.
جواهرلعل نهرو انگريزي زبان جي بھترين لکندڙن مان هو. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، جھڙوڪ: (1) ’پيءُ جا ڌيءَ ڏانهن خط‘ (Glimpses of World History)، (2) پنھنجي آتم ڪهاڻي (Towards freedom)، (3) هند جي دريافت (Discovery of India) ۽ ٻيا ڪيترائي مضمون ۽ ننڍا ننڍا ڪتاب اچي وڃن ٿا.
سندس شخصيت جو جائزو وٺندي سائين جي. ايم. سيد لکيو آهي تہ: ”هي ڪلچرلي مسلمان هو، سوشلي يوروپي هو، جذباتي طرح ڀارتي هندو هو. مذهبي ۽ سياسي طرح لاڪوفي (Non-aligned) هو. پڪو سوشلسٽ ۽ سيڪيولرسٽ هو ۽ سياسي ميدان ۾ آئڊيلسٽ بدران پريڪٽيڪل سياستدان هو. تھذيب ۽ شرافت جو مجسمو هو.“
ورهاڱي کان پوءِ جواهر لعل نهروءَ سنجيدگيءَ سان ننڍي کنڊ ۾ امن طرف وک وڌائي، ان جو مثال پاڪستان سان شملا معاهدو هو. پر حالتن سندس ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي خوابن کي پورو ٿيڻ نہ ڏنو .
1889.11.14 عيسوي
جواهر لعل ، موتي لعل جو اڪيلو فرزند هو ، جيڪو 14 نومبر 1889ع تي ڄائو .
1964.05.27 عيسوي
جواهر لعل نهرو ، 27 مئي 1964ع تائين رهيو ، جنهن تاريخ تي دل جي بيهڻ ڪري وفات ڪيائين .