
جيجي زرينه بلوچ
جيجي زرينه بلوچ: جيجي زرينا بلوچ جو اصل نالو آمنا هو، هوءَ 29 ڊسمبر 1934ع تي حيدرآباد لڳ ڳوٺ الھداد چنڊ ۾ ڄائي. سندس والد محمد موسٰي جلالاڻي سرڪاري ملازم هو. هن ميونسپالٽيءَ ۽ تعليم کاتي ۾ ڪم ڪيو. سندن خاندان ۾ ڳائڻ وڄائڻ کي سٺو نہ سمجهيو ويندو هو. سندس والد هڪ باشعور ماڻهو هو، ان ڪري پنھنجي نياڻيءَ کي تعليم ڏياريائين. زرينه بلوچ، فائنل، اديب ۽ اديب فاضل تائين پڙهي. پڙهڻ دوران هن جو راڳ سان نينھن لڳو. اسڪول ۾ سنڌ جي نالي واري شخصيت دادي ليلان کي ڳائيندي ٻڌي زرينه بلوچ راڳ جي ميدان ۾ آئي. تنهن کان سواءِ مشھور لوڪ فنڪارن نارو ڀڳت ۽ رقيه خانم کان بہ متاثر هئي. ابتدائي راڳ جي تربيت دادي ليلان کان ورتائين. ريڊيي تي اچڻ کان پوءِ 1960ع ۾ استاد محمد جمن جي باقاعدي شاگردياڻي ٿي. ريڊيي حيدرآباد تي پهرئين آڊيشن ۾ ناپاس ٿي، سندس اهو آڊيشن ذڪا درانيءَ ورتو هو. هن اهو آڊيشن برقعو پائي ڏنو. مطلب تہ ان زماني ۾ جيجيءَ لاءِ ماحول پابنديءَ وارو هو. هن اهي روايتي پابنديون آهستي آهستي ٽوڙي ڇڏيون. ڪجهہ عرصي کان پوءِ 1960ع ۾ ريڊيي حيدرآباد پاران هڪ ڳائڻ جو مقابلو ٿيو، جنهن ۾ ڇھہ سؤ نون ڳائڻن حصو ورتو، انهن ۾ زرينه بلوچ ٽيون نمبر آئي. جڏهن تہ پهريون نمبر الھڏنو شيدي ۽ ٻيون نمبر دين محمد عرف دينو ميرپورخاص وارو آيو. زرينه بلوچ ان موقعي تي نارو ڀڳت جو ڳايل شاھہ صاحب جو ڪلام ”ڇو ٿيون ڏيو متيون، وس تہ پنھنجي ۾ ناهيان“ ڳايو. اهو ئي ڪلام سندس وڌيڪ مقبوليت جو سبب بڻيو. هوءَ 1960ع ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار وومين حيدرآباد ۾ ماسترياڻي مقرر ٿي. سنڌ يونيورسٽي ماڊل اسڪول ۾ پڻ پڙهايائين. 36 سال تعليمي خدمت ڪري 1996ع ۾ رٽائر ٿي، سندس اها خدمت بہ واکاڻ لائق آهي. سياسي حوالي سان بہ سندس خدمتون ساراهڻ جوڳيون رهيون. هوءَ سنڌ جي نالي واري سياسي اڳواڻ رسول بخش پليجي جي گهر واري هئي. هوءَ گهرداريءَ سان گڏ مڙس سان سياست ۾ بہ ٻانهن ٻيلي رهي. سنڌياڻي تحريڪ ۾ بہ سرگرم رهي. هن سياست ڪندي جيل بہ ڪاٽيو. شاگردن توڙي عام ماڻهن ۾ قومي شعور جاڳائڻ لاءِ قومي شاعريءَ کي جهر جهنگ ڳايو. قومي گيتن کان سواءِ هوءَ لوڪ گيتن جي ڪري بہ مشھور هئي. هن لوڪ گيتن کي گڏ ڪري انهن جي شاعري ۽ ڌن سنواري ڳائي، جيڪو هڪ اهم ڪم آهي. مثال طور لوڪ گيت ”ڀينر منهنجو ڇلڙو پاڻيءَ ۾“ هن منظر عام تي آندو، جيڪو ريڊيي تي راڳ جي راڻيءَ عابدہ پروين جي مڙس ۽ مشھور پروڊيوسر شيخ غلام حسين رڪارڊ ڪيو. اهو لوڪ گيت جيجيءَ وٽ هڪ شاگردياڻيءَ آندو، جيڪا حيدرآباد جي ڀر ۾ زئنورن جي ڳوٺ جي رهواسڻ هئي، هن جيڪي ٻول جيجيءَ کي ٻڌايا سي هئا:
اري مارو گرگلو ٿي پيو گهر گهلو،
ڪري پيو کوھہ ۾...
انهن ٻولن کي سڌاري ۽ واڌارو ڪري جيجيءَ ٺاهيو تہ:
ڀينر منهنجو ڇلڙو پاڻيءَ ۾
ٿي پيو گهرگهلو ڙي
ڪري پيو کوھہ ۾ ڙي
کوھہ جي نار ۾ ڙي
نار جي نيسر ۾ ڙي
ڀينر منهنجو ڇلڙو پاڻيءَ ۾ ...
جيجي هڪ لوڪ گيت ڳائيندي هئي ”ڇڏ پراوا سونا ڪنڱڻ، ڇڏ پرائو هار“، اهو لوڪ گيت جيجيءَ کي هن صورت ۾ مليو ”ڇڏ پرائي سرميداڻي، ڇڏ پرائو هار، مون کي مينا تي ونگا چاڙهائي ڏي چار“. اهڙيءَ ريت ڪيترائي لوڪ گيت جيجي زرينه نہ رڳو محفوظ ڪيا، پر انهن جون ڌُنون بہ سانڍيون، جيڪو سنڌي موسيقيءَ جو هڪ املھہ خزانو آهي. ڪجهہ لوڪ گيتن جون وري هن ڌنون پاڻ بہ ٺاهيون، جن مان ’شل بوند وسئي، لاڏل بوڇڻ تي‘ بہ هڪ آهي. جيجيءَ جو چوڻ هو تہ مون جڏهن اها ڌن ٺاهي تہ خبر نہ هيم تہ ڪهڙي سر ۾ ٺاهي اٿم، جڏهن استاد محمد جمن کي ٻڌايم تہ چيائين، تِلنگ ۾ آهي، پوءِ اُها ريڊيي حيدرآباد تي پروڊيوسر انور بلوچ رڪارڊ ڪئي. لوڪ گيتن کان سواءِ هن مختلف صوفي توڙي جديد شاعرن جا ڪلام بہ ڳايا آهن. سڀني کان وڌيڪ شيخ اياز کي ڳايائين. ٽي ويءَ تي کيس پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو. هن ٽي ويءَ تي سڀ کان اڳ ۾ بلوچي نغمو ڳايو، جنهن جا ٻول ’ليلا او ليلا بيا تران سيلان‘ هئا. هن بلوچيءَ ۽ سنڌيءَ کان سواءِ اردو، سرائڪي ۽ پنجابيءَ ۾ بہ ڳايو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ فلسطيني شاگردن پاران حيدرآباد ۾ ٿيل هڪ تقريب ۾ هن عربيءَ ۾ ڳايو، جنهن تي کيس فلسطيني شاگردن پاران اوارڊ مليو. جيجيءَ ٻڌايو تہ اَذان ڀيرويءَ ۾ پڙهي ڳائي ويندي آهي. سنڌيءَ کان سواءِ مصريءَ ۾ بہ ڀيروي ٿئي. ان ڳالھہ کي ذهن ۾ رکي مون عربيءَ ۾ ڳايو ۽ ان جي ڌن پاڻ ٺاهي. زرينه بلوچ جون ڪافي ڪيسيٽون مارڪيٽ ۾ آيون. پاڪستان کان ٻاهر آمريڪا، برطانيه، دبئي، هندستان ۽ ڪئناڊا ۾ بہ فن جو مظاهرو ڪيائين. هوءَ بھترين ڳائڻي، ماسترياڻي، قومي ڪارڪن ۽ ڪمپيئر هئڻ سان گڏ سٺي ڪهاڻيڪار بہ هئي. سندس پهرين ڪهاڻي ماهوار ’روح رهاڻ‘ ۾ ڇپي، جنهن جو موضوع هو ’مان توکي گيت ڏيان او ڌرتي‘. سندس لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪهاڻين جو ڪتاب ’تنھنجي ڳولا، تنھنجون ڳالهيون‘ بہ ڇپجي چڪو آهي، جيجي زرينه غير تڪراري شخصيت هئي. سائين جي. ايم. سيد ۽ قومي ڪارڪن بہ سندس وڏي عزت ڪندا هئا. هوءَ قومي هلچل جي اڪثر ميڙاڪن ۾ ڳائي ڪارڪنن جي جذبن کي اتساهيندي هئي، کيس ’جيجي‘ نالو قومي ڪارڪنن ڏنو. هوءَ سڄيءَ سنڌ جي ’جيجي‘ هئي. جيجي زرينه بلوچ کي ڪيترا مڃتا اوارڊ مليا، جن ۾ شاھہ لطيف اوارڊ ۽ قلندر لعل شھباز اوارڊ اهم آهن. جيجي زرينه 25 آڪٽوبر2005ع جي رات جو لاڏاڻو ڪيو. سندس اولاد ۾ اسلم بلوچ، اختر بلوچ ۽ اياز لطيف پليجو آهن، جن مان پوين ٻن سنڌ جي سياست جي دنيا ۾ چڱو نالو ڪڍيو آهي.
1934.12.29 عيسوي
جيجي زرينا بلوچ جو اصل نالو آمنا هو، هوءَ 29 ڊسمبر 1934ع تي حيدرآباد لڳ ڳوٺ الهداد چنڊ ۾ ڄائي.
2005.10.25 عيسوي
جيجي زرينه 25 آڪٽوبر2005ع جي رات جو لاڏاڻو ڪيو.